تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

(حصو ٻيون ۽ آخري) … راولپنڊي سازش ڪيس … ليکڪ: ڪيپٽن ظفرالله پوشني تبصرو: حسين جروار

کاٻي ڌر خلاف پاڪستاني رياست جو رويو
ڪتاب ۾ ظفرالله پوشني پاڪستان جي شروع کان وٺي جي بحرانن کي تمام بهترين نموني قلم بند ڪيو آهي. 3 جولاءِ 1954 تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي بندش وجهي ڇڏي. جنهن کان پوءِ کاٻي ڌر جي وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل آندو ويو هو. حيدرآباد جيل ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سعيد مرزا، ميڊم ماجده ڀرڳڙي جو ڀائيٽو پڻ هيا. اهو دور ڪميونسٽ پارٽي، کاٻي ڌر جي سياست تي ڏکيو دور هيو. بقول ظفراللاه پوشني جي پاڪستان توڙي، ڪجهه لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽين تي بندش ساڳي ڏينهن وڌي وئي هئي ، جڏهن آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد جو اعلان ڪيو هو جيڪا کاٻي ڌر کي ڪچلڻ جي شرط تي ڏني وئي هئي.گهرو معاملن جي وزير اسڪندر مرزا پنهنجي بيان ۾ چيو ته بنگالين مسلم ليگ کي ڇڏي، يونائيٽڊ فرنٽ کي ووٽ ڏيئي ظاهر ڪيو آهي ته بنگالين کي عقل ڪونهي. هن اهو به چيو ته ايسٽ بنگال عوامي ليگ جو صدر مولانا ڀاشاني هڪ ڪميونسٽ آهي، اگر هو واپس وطن وريو ته هن کي سلاخن پٺيان موڪليو ويندو. محمد علي بوگرا وزيراعظم پاڪستان جيڪو امداد وٺڻ لاءِ آمريڪا جي دوري تي ويل هو، تنهن نيويارڪ ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”ڪميون ازم هائيڊروجن بم کان وڌيڪ زهريلو آهي“، هن ساڳيا جملا، ڪولمبو ۾ منعقد ايشين پرائيم منسٽر ڪانفرنس ۾ پڻ چيا.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي اقتدار تي پهرين ڏينهن کان قابض حاڪم ٽولن کاٻي ڌر کي ختم ڪرڻ ۽ ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ڪري ترقي پسند ، کاٻي ڌر جي سياست پاڪستان ۾ پنهنجا پير کوڙي نه سگهي.
ون يونٽ جي جدوجهد جو اکين ڏٺو شاهد
ڪتاب جو هڪ اهم موضوع سنڌ جي ان وقت جي سياست ۽ خاص طرح ون يونٽ جي جدوجهد تي ليکڪ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ ان وقت جي حالتن ، واقعن جي اکين ڏٺي شاهد طور ان کي قلم بند ڪيو آهي. سنڌ جي گورنر 9 نومبر 1954 تي سنڌ ڪابينا کي ڪرپشن الزام ۾ ٽوڙيو ۽ وڏي وزير ايوب کهڙو کي چيو ته هو نئين ڪابينا ٺاهي. مزي جي ڳالهه ان دور ۾ ڪي پي ڪي گورنر ۽ وزير اعليٰ ٻئي سينئير پوليس عملدار مقرر ڪيا ويا هئا.12 نومبر تي ڪراچي ۾ سائين جي ايم سيد کي سنڌ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو، هن ڪافي شعبا جيڪي ويسٽ پاڪستان جي حوالي ڪيا پي ويا ان جي مخالفت ڪئي هئي. سنڌي اخبار الوحيد تي هڪ سال جي بندش وڌي وئي. 25 نومبر تي ٻه پيءِ ۽ پُٽ قيدي حيدرآباد جيل آندا ويا، جن ون يونٽ جي رٿا خلاف ميرپورخاص ۾ جلوس ڪڍيو هو. پٽ جو نالو عبدالستار آهي جيڪو وڪيل آهي پر سندس والد جو نالو ڪتاب ۾ درج ڪونهي. 28 نومبر تي 3 ڄڻا حاجي رحمت الله، عبدلمجيد ۽ هاري ڪميٽي جو ميمبر سيد غلام مهدي گرفتار ڪري آندا ويا.ميرپورخاص مان هڪ شاگرد اڳواڻ گرفتار ڪري آندو ويو آهي ، مٿس الزام آهي ته هن ون يونٽ خلاف شاگردن کي ڀڙڪايو آهي پر سندس نالي جي خبر نه پئجي سگهي آهي. سنڌ سيفٽي ايڪٽ تحت اڳوڻي صوبائي وزير غلام حيدر شاهه کي گرفتار ڪري آندو ويو جنهن کي جيل ۾ ٻي پاسي جاءَ نه هجڻ ڪري ظفرالله پوشني جي بيرڪ ۾ رکيو ويو. 11جنوري تي هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي جي فرزند20 سالن جي شاگرد کي گرفتار ڪري آندو ويو، حيدربخش جتوئي کي به گرفتار ڪري سکر جيل رکيو ويو. حيدر بخش جتوئي گورنر غلام محمد ۽ سنڌ جي وڏي وزير ايوب کهڙي خلاف سخت بيان جاري ڪيا هئا ۽ هن اولهه پاڪستان کي هڪ صوبي ۾ آڻي ون يونٽ قائم ڪرڻ جي عمل جي سخت مزاحمت ڪئي هئي. ان دوران 19 جنوري تي ظفرالله پوشني کي ڏکائيندڙ خبر ملي ته سندس ويجهو عزيز، مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسين منٽو 43 سالن جي عمر ۾ جهجهي شراب پئيڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي. ان خبر ظفرالله پوشني کي شديد ڏکارو ڪري ڇڏيو. 10 مارچ تي سائين جي ايم سيد کي ڪراچي کان حيدرآباد جيل منتقل ڪيو ويو جتي هو سوڀو گيانچنداڻي سان رهيو ۽ ظفرالله پوشني سميت سندس ساٿي عطا ساڻس، ڪامريڊ سوڀي ۽ ٻين سان زبردست ڪچهريون ڪيون، 13 مارچ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشتمل بينچ ، ايوب کهڙو جي سنڌ جي وڏي وزير طور مقرري کي غير قانوني قرار ڏنو، اهو فيصلو پير الاهي بخش جي درخواست تي ڏنو ويو. پير علي محمد راشدي جيڪو صوبائي وزير هو تنهن بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي پتو پيو آهي ته سنڌ ۾ ڪجهه وزيرن کي قتل ڪري پنجابين ۽ سنڌين وچ۾ جهيڙي جو منصوبو رٿيو ويو آهي.25 مارچ تي ريڊئي پاڪستان تان خبر نشر ٿي ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قاضي فضلالله ۽ ايم پي اي مير جعفر گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃي رهيا هئا.26 مارچ تي مير غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل آندو ويو، مٿس الزام هو ته هن ايوب کهڙي جي قتل جو منصوبو رٿيو آهي. شام تائين سندس ضمانت جو بندوبست ٿي ويو ، ويندي ويندي هن چيو ته سموري سنڌ ۾ ون يونٽ منصوبي خلاف شديد ڪاوڙ آهي. هتي طاقت صرف، غلام محمد، مشتاق احمد گراماني ۽ چوڌري محمد علي وٽ آهي.28 مارچ تي گورنر جنرل غلام محمد ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي هيٺيان فيصلا ڪيا. نئون آئين ٺهندو، صوبائي سرحدون ختم ڪري اولهه پاڪستان هڪ صوبو ٺاهيو ويو . اوڀر پاڪستان کي اوڀر بنگال ڪيو ويو.
مير رسول بخش ٽالپر
ظفرالله پوشني سزا جي معافي لاءِ درخواست موڪلي ، جنهن بعد کيس ضمانت تي آزادي ملي ۽ سندس ضامن سنڌ جو مشهور سياستدان مير رسول بخش ٽالپر هو. جيل مان آزاد ٿي هو سڌو مير صاحب جي گهر ويو. اتي آرام ڪري، حيدرآباد شهر گهميو ۽ سينيما تي فلم ڏٺي مير صاحب جي نوڪر صبح ننڊ مان جاڳڻ شرط کيس اها خبر ڏني ته ٻاهر پوليس بيٺل آهي جيڪا پاڪستان سڪيورٽي ايڪٽ تحت وري گرفتاري لاءِ بيٺي آهي. ان ايڪٽ تحت وري اڍائي مهينن جي اضافي جيل ڪٽڻي پئي. ٿورن ڏينهن بعد مير رسول بخش ٽالپر کي پڻ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪيو ويو جتي کيس سي ڪلاس ۾ رکيو ويو ۽ ساڻس سخت ورتاءُ ڪيو ويو، جنهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 15 جون 1955 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ، راولپنڊي سازش ڪيس جي قيدين جي ضمانت تي آزادي جي منظوري ڏني ۽ فيصلو ڏنو ته آئينده آئين ساز اسيمبلي ان مسئلي کي وڌيڪ ڏسندي. ظفرالله پوشني 5 سالن جي جيل پوري ڪري چڪو هو پر جنرل اڪبر ۽ ايئر ڪموڊور جنجوعا جن کي 12 سال ۽ 7 سال جي سزا لڳل هئي تن کي ان فيصلي جو فائدو ٿيو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ظفرالله پوشني يونيورسٽي ڪاليج لاهور جوائن ڪيو ۽ وڪالت ۾ داخلا ورتي، جيئن آرمي ۾ هن 8 سال ڪم ڪيو هو پر هن سزا سبب کيس ڪا به گورنمينٽ جي نوڪري نه ملي سگهي. اتي هڪ ڇوڪري سان سندس عشق پڻ ٿيو پر سندس والد ان ڪري رشتو نه ڏنو جو بقول هن جي ظفرالله پوشني باغي هو. ان دوران جڏهن ايوب خان مارشلا لڳايو تڏهن وري سمورن ڪميونسٽن کي گرفتار ڪيو ويو، ان چڪر ۾ ظفرالله پوشني هڪ دفعو وري گرفتار ٿي ويو، جيتوڻيڪ هن جو ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو به تعلق نه هو. چئن مهينن جي جيل دوران ، حبس بي جا جي درخواست تي آزاد ٿيو. نيٺ هن وڪالت جو پيشو ڇڏي، ڪراچي جي ڪنهن ايڊورٽائيزنگ ڪمپني ۾ نوڪري ورتي، فيض احمد فيض ڪراچي جي عبدالله هارون ڪاليج ۾ پرنسيپل هو اتي سندس ملاقاتون ٿينديون رهيون. سندس دوستن مان ميجر اسحاق مزدور ڪسان پارٽي ٺاهي ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ هليو ويو، فيض احمد ڪافي ٻاهر رهڻ لڳو ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سجاد ظهير آزاد ٿيڻ شرط ئي پاڪستان کي الوداع ڪري وڃي انڊيا وسايو.
راولپنڊي سازش ڪيس لاءِ پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبلي ذريعي هڪ قانون ٺاهيو ويو جنهن تحت خاص عدالت ٺاهي وئي ۽ هن ڪيس جي وڪيلن، ججن، شاهدن، مجرمن سميت سمورن ماڻهن کان هڪڙو قسمنامون ورتو ويو ته ان ڪيس ۾ ڪورٽ ۾ ٿيندڙ جرح، دفاع ۾ پيش ڪيل دليل، توڙي شاهدين کي ڪير به پبلڪ نه ڪندو. فيض احمد فيض جي ڌي سليمه هاشمي ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ اهو مطالبو ڪيو هو ته کيس ڪيس جا ڪاغذ ڏنا وڃن ته جيئن هو ڏسي ته هن جي والد ڪهڙي غداري ڪئي هئي جنهن ڪري کيس سزا ملي. ڪافي ماڻهو اهو مطالبو ڪندا رهيا آهن 70 سال گذري ويا آهن هاڻي ته هن ڪيس کي ڊي ڪلاسيفاءِ ڪيو وڃي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *