تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

(حصو ٻيون ۽ آخري) … انسان، فطرت ۽ فلسفو … اسد ناريجو

هاڻ مان هڪ مٿاڇري نظر دنيا جي ٻين حصن جي فلسفي تي وجهڻ ٿو چاهيان ته جيئن هڪ ڀيٽ ڪري سگھجي ۽ پاڻ ڏسون ته يورپ جي فلسفي اندر فرد بابت تصور ٻين هنڌن کان ڪيئن مختلف رهيو آهي. پاڻ شروعات قديم هندستاني فلسفي (ٻڌمت ) کان ٿا ڪيون؛
1. ٻڌمت
ٻڌمت فلسفي جي گھڻن بنيادي ڳالهين ۾ هڪ اها به آهي ته فطرت، انساني زندگي ۽ سماج هميشه بدلجندڙ حقيقتون آهن ۽ انساني فرد وجود ۽ ان جو شعور پڻ بدلجندڙ آهي.ان جي تسلسل ۾ ٻڌمت ۾ هڪ فرد واحد جي وصف اها ناهي جيئن يورپ ۾ عمومي طور رهي آهي، پر ان ۾ انساني وجود هڪ اڪيلو روح رکندڙ جسم جي بدران هڪ اهڙو فرد وجود آهي جيڪو ڪائناتي ڪُل سان جڙيل آهي. ٻڌمت مطابق هڪ فرد اڪيلو وجود رکندڙ ٿي ئي نٿو سگھي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ فرد کي دنيا کان ڪٽي بنا ڪُل جي سمجهي سگھجي ٿو. هن تصور کي هيگل ۽ اسپنوزا جي تصورن سان مشاهبت ڏيئي سگھجي ٿي پر ٻڌمت اسپنوزا جي هڪ بيٺل غير متحرڪ ڪائنات بدران هيگل جي متحرڪ ۽ بدلجندڙ ڪائنات جي گھڻو ويجهو آهي.
2 چين جو قديم فلسفو
چين ۾ به هندستان وانگي ٻه قديم فلسفياڻا رجحان رهيا آهن، هڪ آهي ڊاواِزم ۽ ٻيو آهي ڪنفيوشنزم. اهي ٻئي فلسفا ڪجھه بنيادي ڳالهين ۾ مختلف آهن، جنهن ۾ ڊاواِزم فطرت طرف وڌيڪ زور ڏيندڙ ۽ ڪنفيوشنزم سماجي زندگي طرف وڌيڪ جھڪيل رهيو ۽ ٻئي هڪ ٻئي تي تنقيدي به رهيا آهن. پر تنهن هوندي به ٻنهي اندر فرد بابت بنيادي تصور ٻڌمت جيان هڪ فطرت ۽ سماج سان جڙيل فردي وجود جو آهي، نه ڪي هڪ اهڙو واحد اڪيلو روح رکندڙ فرد جنهن کي وڻي ته سماج ۾ رهي يا جهنگ مُنهن ڪري. ايتري قدر جو ڪنفيوشنزم ۾ اهو زور ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان پڇيو وڃي ته تون ڪير آهين، ته ان جو جواب ايئن ڏيڻ گھرجي ته مان فلاڻي جو ڀاءُ، ڀيڻ، پيءُ يا ماءُ آهيان معني فردي وجود کي ان جي سماجي رشتن ذريعي ڏسجي. ڊاواِزم۾ وري ڪنفيوشنزم جي برعڪس فرد جو وجود فطري وجود سان سلهاڙيل آهي. ڊاواِزم مطابق پوري حقيقت جو ڳر توانائي آهي جنهن کي هنن ”ِچي“ سڏيو ۽ جيڪا پوري ڪائنات (ڊاوُ) سميت انساني فرد وجود کي به ڄڻي ٿي ۽ ان سان جڙيل آهي ۽ تنهن جي ڪري فطرت ۽ انسان بنيادي طرح بدلجندڙ آهن ڇو ته حقيقت جو جوهر تبديلي آهي. هي ڳالھه غور ڪرڻ جوڳي آهي ته اهوڊاواِزم ئي هو ۽ ان جي ڪنهن حد تائين ٻڌمت سان ويجھڙائي ئي هئي جنهن چين ۾ ٻڌمت جي اچڻ ۽ ان جي قبولجڻ جي لاءِ راھ هموار ڪئي.
3. آفريڪي يوروبا جو فلسفو
يوروبا جو فلسفو آفريڪا جي قديم فلسفن منجهان هڪ اثرائتو فلسفو رهيو آهي. جنهن مطابق ڪائنات جو اصلي ڳر قوتن (فورسِس) جي صورت ۾ آهي ۽ اهي ئي قوتون شين کي ٺاهينديون، ڊاهينديون ۽ تبديل ڪنديون آهن. يوروبا فيلسوف فرد کي ٻن حصن ذهن ۽ جسم(مائينڊ اينڊ باڊي) ۾ ورهائڻ جي بدران وجود کي چار حصن ۾ورهائي سمجھندا آهن، جسم (آرا)، ساھه (ايمِي)، شخصيت(اورِي) ۽ حرڪت(ايسي). تن مطابق اهي سڀ انساني وجود جا حصا نه ڪي صرف جسم جا ٺهيل آهن ۽ نه ئي ڪُل روحاني آهن (جيئن يورپ جي فلسفي ۾ ورهاست ڪيل آهي)، پراهي سڀ حصا ساڳئي وقت ٻئي خاصيتون (جسماني ۽ روحاني) رکندڙ آهن. يوروبا لاءِ به فرد جو وجود سماجي زندگي کان ڪٽيل وجود ناهي پر ساڻس جُڙيل آهي. سندن چوڻ آهي ته فرد کي فرد تڏهن ئي چئي سگھجي ٿو جڏهن هو سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندڙ هجي، تڏهن ئي سمجهبو ته هو شخص هڪ فرد وجود ۽ شخصيت(اوري) رکندڙ آهي.
4. آمريڪي انڊين جو فلسفو
ڪولمبس کان پهريان قديم ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ به مختلف فلسفياڻا رجحان اڀري چڪا هئا. تن منجھان هتي مان صرف اتر آمريڪا جي ريڊ انڊين جي قديم فلسفياڻي تحريرن بابت ٿوري ڳالهھ رکندس جن ۾ به فرد جي وجود بابت هڪ لاجواب خيال موجود آهي. سڀ کان پهريان ته آمريڪي انڊين لاءِ به فطرت (ڪائنات) جوهري طور بدلجندڙ هئي. انهن مطابق انسان يا فرد سماج سان ته وجودي طرح جڙيل آهي ئي آهي پر چوڌاري موجود وڻ، جانور، مٽي، هوا، پاڻي ۽ جبل وغيره سان به هڪ آهي، ٻين لفظن ۾ سڄي ماحوليات (ايڪولاجي)سان وجودي طرح جڙيل آهي. ان جو مطلب ته هڪ انسان جو وجود ساڳئي وقت سماجي به آهي ته فطري به. تنهن ڪري انسان پنهنجي چوڌاري فطرت جو مالڪ يا ان تي فوقيت رکندڙ نه پر اُن جو هڪ جُز آهي.
مان سمجھان ٿو ته هي هاڻوڪي جاري ڪورونا وبا، اهڙن سمورن فلسفن جو رد ٿي ظاهر ٿي آهي جيڪي انسان کي اُها ٽاري ڪٽڻ لاءِ اڪسائين ٿا جنهن تي هو پاڻ ويٺل آهي. تنهنڪري زمين ۽ ان جو ماحول اسان جي وجود جو ئي حصو آهي ۽ جنهن جي سار سنڀال لهڻ اخلاقي سوال نه پر اسان جي وجود سان جڙيل علمي ۽ عملي سوال آهي. ڪورونا جي تباهي جو خطرو پنهنجي جاءِ تي فڪر جوڳو آهي پر اُن وبا وري اها يادگيري ضرور ڏياري آهي ته اسان زمين ۽ ان جي ايڪولاجي سان اڄ به ڪيترو نه پنهنجي تصور کان به وڌيڪ ويجھو آهيون ۽ ان جا اڻٽٽ حصا آهيون. ڪورونا وبا انهن سمورن عقليت پسند، خيال پسند ۽ تجربيت پسند فيلسوفن ڏانهن هڪ اهو پيغام به ڏئي ٿي ته فطرت اسان (انسان) جي خيال ۽ وجود کان ٻاهر هڪ آزاد ۽ سدا متحرڪ قوت آهي ۽ اسان اُن جي جوهر کي نه صرف سمجهي سگھون ٿا پر هڪ نئين رشتي ۾ اُن سان جُڙي پڻ سگهون ٿا. فطرت ڏانهن ويڳاڻپ پهرين ڏاڪي ۾ ويڳاڻي سماجي رشتن جو نتيجو آهي. ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان سڌو تعلق، فطرت سان سڌي ۽ هاڪاري تعلق جو پهرين شرط آهي. جيئن مارڪس 1844 ۾ اِڪنومڪ اينڊ فلوسوفيڪل مينواسڪرپٽ ۾ لِکي ٿو ته؛ ”انسان جو ڪائناتي هجڻ هُن جي عمل ۾ اظهاربو آهي جيڪو (عمل) پوري فطرت کي هن (انسان) جو غير عضووياتي(نان-آرگينڪ) حصو بڻائيندو آهي، جيڪو انسان جي زندگي گذارڻ جو سڌو سنئون ذريعو ۽ مادو آهي، ۽ هن جي تاريخ جو اوزار ۽ مواد آهي. فطرت انسان جو اِن-آرگينڪ جسم آهي، مان ان فطرت جي ڳالهھ ٿو ڪيان، جيڪا انسان جو جسم ناهي. انسان فطرت اندر ئي رهيو آهي، مثال طور، هن جو جسم به فطري آهي ۽ هن کي فطرت سان لڳاتار لاڳاپو جوڙي رکڻو آهي، جيڪڏهن کيس زندھ رهڻو آهي ته. اهو چوڻ ته انسان جي ذهني ۽ جسماني زندگي فطرت سان جڙيل آهي جو مطلب آهي ته فطرت پنهنجي پاڻ سان ئي تعلق ۾ آهي، ڇو ته انسان پِڻ فطرت جو ئي حصو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *