تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

(حصو آخري)…ڊاڪٽر ۽ اردو ادب..اڪٽر ناظر محمود سنڌيڪار اظھر آزاد مغل

ھن آرٽيڪل جي پھرين حصي ۾، اسان اردو ادب جي حوالي سان طبي شعبي جي ڊاڪٽرن جي خدمتن تي بحث ڪيو ۽ مختصر طور ڊاڪٽرن آصف فرخي، حسن منظر ۽ شير شاھه سيد تي ڳالھه ٻولھه ڪئي. اسان ڊپٽي نذير احمد جي ناول ‘توبة النصوح’ (دا پيسٽيلنس آف نصوح) جي باري ۾ آصف فرخي جي لکيل تعارف کي بحث جو موضوع بڻايو. اڄوڪي ھن آخري حصي ۾، اسان خود ناول تي نظر وجھون ٿا. اردو ادب ۾، اسان کي وبا جو سڀ کان پھريون ذڪر نذير احمد دھلوي جي ناول ‘توبة النصوح’ ۾ ملي ٿو. ان جي ٻٽاڪي ۽ تبليغي انداز باوجود، ناول ابتدائي اردو فڪشن جو شاھڪار ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو. نذير احمد 1930 ۾ جنم ورتو ۽ 1850 واري ڏھاڪن جي فتنه انگيز ۽ فسادي واقعن جو اکين ڏٺو شاھد ھو ۽ بعد ۾ دھليءَ ۾ ڪيترين ئي وبائي بيمارين منھن ڪڍيو ۽ ھزارين زندگيون اجل جو شڪار ٿي ويون. ناول 1874 ۾ ڇپيو ۽ ڪيمپسن ان جو پھريون انگريزي ترجمو 1884 ۾ ڪيو.
واجد نعيم الدين جي نئين ترجمي کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران 2008 ۾ شايع ڪيو ويو جنھن ۾ تعارف نذير احمد جي پرپوٽي ڊاڪٽر آصف فرخي جو لکيل آھي. نذير احمد خود مھاڳ ۾ ان ڳالھه جي وضاحت ڪري ٿو ته ھن ناول جو مکيه مقصد ٻارن جي ڪردار جي تعمير ڪرڻ آھي. نصوح خاندان جو وڏو ۽ اڳواڻ آھي جيڪو خاص طور تي مذھبي نه آھي ۽ باقائدگي سان عبادتون به نه ٿو ڪري. ڪالرا جي وبا ۾ نصوح بيمار ٿي پوي ٿو ۽ خواب لھي ٿو جنھن ۾ ھو محشر جو ڏينھن ڏسي ٿو. جڏھن ھن کي بيماري مان صحتيابي ۽ شفا ملي ٿي، ھو پنھنجي گناھن تي ندامت محسوس ڪندي توبه تائب ٿئي ٿو ۽ پنھنجي خانداني طور طريقن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نذير احمد وبا جو ذڪر ڪجھه ھن ريت ڪري ٿو: “….ٽيھه يا چاليھه ماڻھو ھر ڏينھن مرندا رھيا. رڳو موت جي ڪاروبار جو راڪاس رھيو؛ باقي ھر شيءَ ساڪن، سڃي ۽ تباھه لڳي پئي ھئي. جنھن جي جيڏانھن نظر وئي، بي چيني، گھٻراھٽ، خوف جو راڄ ھو.بازارون جيڪي ماضي ۾ ماڻھن سان ايتريون ته سٿيل ھونديون ھيون جو ڪلھا ھڪ ٻئي سان ٽڪربا ھئا، سي ھينئر ايترو ته ويران ھيون جو ڏينھن ڏٺي جو به اوڏانھن ويندي ماڻھو ڪنبڻ ۽ ڏڪڻ لڳا. ٿانون جي آوازن جي گونج بند ٿي وئي، ھاڪرن جون رڙيون ۽ ڪوڪون مجموعي طور بند ٿي ويون، سماجي رابطن جو سلسلو رڪجي ويو، ھڪ ٻئي ڏانھن اچڻ وڃڻ، بيمارن جي تيمارداري ڪرڻ، مھمان نوازي ۽ پارٽي بازي ماضي جا قصا بڻجي ويا.“ھر ماڻھو خود پنھنجي پريشاني ۽ ڳڻتي ۾ ورتل ھو، سو بيحال، زندگي مان بيزار ۽ مايوس واقعي رڳو نالي ماتر زنده ۽ حقيقت ۾ مُردي کان به وڌيڪ بدتر حال ۾ ھو. نااميدي جو شڪار ٿي، ۽ ھيڻو حال ھوندي، ھر شيء ۽ ھر ھڪ کان خفي گھر ۾ يا بستري جي حوالي ھو يا وري يا انھن ڏانھن ويندو ھو جيڪي تڪليف ۾ مبتلا ھوندا ھئا يا پنھنجي پياري جي وڇوڙي کي ياد ڪندي روئندا ۽ رڙيون ڪندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ موت کي صحيح نموني سان خيالي سڏي سگھيو ويو، جيڪو ڪيترن ئي مٿان اوچتو ۽ غير متوقع حملي آور ٿيندو ھو جيئن ئي اھي بغير ڪنھن شڪ جي پنھنجي معمول جو ڪاروبار ڪرڻ ويندا ھئا.اُلٽيون اچڻ ۽ اوچتو پنجن ئي حواسن جو وڃائجي وڃڻ سبب اوچتو بيمار ھئڻ جو احساس ٿيندو ھو.“
ٻڌل ڳالھه ٿي لڳي؟ ھن ذڪر کان پوءِ اسان نصوح ڏانھن اچون ٿا جيڪو ڪالرا جي مرض ۾ مبتلا آھي ۽ موت کي ويجھڙائي کان ڏسندي ھو ڀوائتو خواب ڏسي ٿو جنھن ۾ حساب ڪتاب واري ڏينھن تي خدا پاڪ سمورن گناھگارن کان پڇا ڳاڇا ڪري رھيو آھي. نصوح جي کاتي ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڪا عبادت ۽ خدا جي حڪمن جي اطاعت نه آھي. جڏھن ھن کي جاڳ ٿئي ٿي ۽ چاڪ ٿي بيماري جي بستري تان اٿي ٿو، نصوح پاڻ کي توبه زاري جي عمل مان گذاريو آھي ۽ پاڻ کي خدا ترس ۽ متقي ماڻھو ۾ تبديل ڪيو آھي جيڪو پنھنجي سموري گھراڻي ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ائين پنھنجي گھر ڀاتين سان جدوجھد جو آغاز ڪري ٿو: ننڍن کي پنھنجي سانچي ۾ گھڙڻ سولو آھي پر وڏا مزاحمت جو جھان جوڙن ٿا.
نذير جي نيت اھا ئي ھئي ته اھڙن والدين جي مدد ڪئي وڃي جيڪي پنھنجي ٻارن کي پنھنجي عقيدي جي بنيادي اصولن جي تعليم ڏيڻ چاھن ٿا جيڪا اسڪولن ۾ نه ڏني پئي وئي. ڊيفو ۽ نذير ٻنھي ڪنھن به فرقيواراڻه ارادن جي ترديد ڪئي ۽ سمورن مذھبن جي ماڻھن کي اپيل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.نذير احمد لکي ٿو ته “دين کان نيڪي کي الڳ ڪرڻ روح کي جسم کان جدا ڪرڻ، گل کان خوشبو، سج کان روشني، زيور کان ان جو قدر، يا گوشت کان ھڏو…جھڙي طرح مذھب جو تحفظ اسان جي زندگين ۾ لازمي آھي. اھو خاص طور خوفناڪ آھي جو ڪتابن جي مذمت ۽ پوءِ وري انھن کي ڦاڙڻ ۽ ساڙڻ جي قابل قرار ڏيڻ وارو ھي رجحان اسان جي معاشري ۾ به موجود آھي. ڊيفو 18 صدي جي ابتدا ۾ ۽ نذير احمد 19 صدي جي آخر ۾ لکيو ھو پر جيئن ئي ڊاڪٽر فرخي 20 ۽ 21 صدي ۾ به ان ڳالھه تي روشني وڌي ته نظرين جو جھيڙو جنم وٺي ٿو. ھاڻي ان کي ڪرونا وبائي بيماري جي حوالي سان ڏسندي، اسان کي يقين آھي ته ڊيفو جو انگلينڊ ھاڻي اھو نه رھيو آھي، پر اسان ھڪ طرح سان نذير احمد جي زماني ۾ زندگي گذاري رھيا آھيون.سائنسي مشورن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ مذھبي اجتماعن کي جاري رکڻ تي زور ڀرڻ ھڪ اھڙي معاشري جي علامت آھي جيڪي قرون وسطه جي طريقن ۽ فڪر جي نمونن تي قائم آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *