تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

حسن منظر جو افسانو … وبا … ڊاڪٽر ناظر محمود سنڌيڪار اظھر آزاد مغل

حسن منظر ھن وقت 86 سالن جي عمر جو آھي ۽ ھاڻي به ڪجھه نه ڪجھه لکندو رھي ٿو. ھن 1934 ۾ اتر پرديش ۾ جنم ورتو ۽ ھن ابتدائي تعليم مراد آباد مان حاصل ڪئي. تيرھن سالن جي عمر ۾ ھو لاھور آيو ۽ ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ نه فقط ھن پاڪستان پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ طبي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان وچ ۾ ھن جي ادب سان ڪمال جي دلچسپي ۽ مشغولي جاري رھي ۽ ھن تقريبن پنجاھه سالن جي عمر ۾ پنھنجو پھريون افسانوي مجموعو “رہائي“ شايع ڪيو. ھن وقت تائين ھن جا ڇھه افسانوي مجموعا ڇپجي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ناول جن ۾ “العاصفه“ ۽ ڌني بخش ڪي بيٽي“ شامل آھن.مطالعي ھيٺ ھن جو ناول “وبا“ جنھن کي ھو ھڪ داستان قرار ڏئي ٿو ھڪ اسپتال جي ڪھاڻي آھي جيڪا 1960 جي ڏھاڪي جي عڪاسي ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ان ڪھاڻي ۾ ڪنھن سن (صحيح سال) جو ذڪر نه آھي پر داستان مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي 1960 جي ڏھاڪي جي ابتدائي ڳالھه آھي جڏھن ڪراچي ۾ مختلف وبائون پکڙيون ھيون.
حسن منظر اھو ناول 2008 ۾ لکيو ۽ اھو انھن کي ارپيو جيڪي وبا خلاف جنگ جوٽڻ ۾ پيش پيش رهيا جنھن وبا دنيا جي اڪثر ڪمزور ملڪن کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آھي.“ اڄوڪي دور جي ڪورونا جي وبا ڪير ڪمزور ڪير طاقتور سڀني ملڪن کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي ۽ حسن منظر جي ھن ناول مان اسان کي طب جي پيشي سان وابسته ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي طبي عملي جي سخت پورھئي ۽ جدوجھد جو اندازو ٿئي ٿو جن عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ پنھنجون جانيون جوکي ۾ وڌيون. افساني جي شروعات سرڪاري اسپتال کان ٿئي ٿي جتي گردن ٽوڙ بخار ۽ ماتا جي مريضن جون قطارون لڳيون پيون آھن ۽ ڊاڪٽر ۽ نرسون ان صورتحال کي ڏکيائي سان منھن ڏئي رھيون آھن. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته پنجاھه سال اڳ به پاڪستان ۾ ماڻھن جا رويا غير سائنسي ۽ وھمن ۾ وڪوڙيل ھئا. اڪثر والدين مريض کي اھڙي حالت ۾ اسپتال کڻي ايندا ھئا جڏھن ان جي حالت انتھائي خراب ٿي چڪي ھوندي ھئي. ان کان اڳ اھي جادو، تعويز، دم درود ۽ جنتر منتر سڀ ڪرائي چڪا ھوندا ھئا ۽ پوءِ مريض جڏھن موت جي ويجھو ھوندو ھو ته اھي ان کي اسپتال کڻي ايندا ھئا.نه رڳو مريض ۽ ھن جا مٽ مائٽ پر حسن منظر اسان کي ٻڌائي ٿو ته تمام گھڻن پڙھيل لکيل ماڻھن کان ويندي ڊاڪٽرن تائين به غير سائنسي روين جو شڪار ھئا ۽ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن طب ۾ ڊگريون ته حاصل ڪيون ھيون پر دوائن بابت گهڻو سمجهي نه سگهيا هئا ۽ نه ئي انھن مشق ڪئي ھئي.
ان مان اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته اڄ ڪلھه ڪورونا جي وبا جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ اسان کي جيڪي جاھلاڻه رويا درپيش آھن ان جون جڙون تمام گھريون آھن ۽ ھينئر به ڪيترائي ڊاڪٽر اوھان کي دوا سان گڏوگڏ جنتر منتر پڙھڻ جو مشورو به ڏيندا رھن ٿا.حسن منظر جي بيان ۾ اسان کي پاڪستان جي ھڪ اھڙي اسپتال نظر اچي ٿي جتي مختلف مذھبن جا ماڻھو پنھنجي اصل نالن سان ڪم ڪندي ڪوبه خطرو ۽ خوف محسوس نه ٿا ڪن. ان ۾ فرانسيسي به آھن، ڊاڪٽر مصطفيٰ به آھي ۽ ڊاڪٽر انيس به ھڪ نرس مسٽر ھاشمي آھي جيڪا ورھاڱي کان پھريان شانتا جي نالي ڄاتي سڃاتي ويندي ھئي. ھوءَ ھڪ مرھٽا آھي پر ھاڻي ھوءَ سارا ھاشمي بڻجي چڪي آھي. ھڪ مسيحي مسٽر رُٿ آھي ته ھڪ يھودي مسٽر حنا آھي اھو دور ھوندو ھو جڏھن نرسن کي عزت ۽ احترام جي نگاھه سان ڏٺو ويندو ھو ۽ انھن کي مسٽر چئي ڪري سڏيو ويندو ھو ۽ انھن کي نرس نه سڏيو ويندو ھو نه ئي ڪنھن کي ان ۾ انجيڪشن لڳڻ کان پوءِ حورون نظر اينديون ھيون. ماحول ھڪ ٻئي سان رواداري ۽ مفاھمت وارو ھوندو ھيو جيڪو پاڪستان ۾ آھستي آھستي گھٽجندو ويو يا ختم ڪيو ويو.
حسن منظر جي داستان ۾ اسان کي پنجاھه سٺ سال اڳ جي ڪراچي ۾ استعمال ٿيڻ وارا لفظ به ملن ٿا ۽ ان دور جا سماجي مسئلا ۽ فردن جون حالتون به. اسپتال جو ھڪ ملازم آھي جيڪو ڊاڪٽر مصطفيٰ جي بنگلي ۾ بجلي نه ھئڻ جي صورت ۾ اچي ٿو، لکي ٿو“ اوندھه ٿيڻ تي اھو ئي ماڻھو لالٽين جي وَٽ چمڪائي ڪري ان ۾ گاسليٽ وجھي ٿو. بَتي کي ڪَٽي ڪري سڌو ڪري ٿو ۽ ٻاري ڪري پڌر ۾ ڪٿي ٽنگي اچي ٿو. مسٽر حنا کي ڏسي ڪري ھو به خوش ٿئي ٿو ۽ ھر دفعي پڇيس ٿو. مسٽر جي اوھان پنھنجي ملڪ ڪڏھن وڃي رھيون آھيو؟ جيتوڻيڪ ھن ملڪ ۾ نه ڪڏھن مسٽر حنا پيدا ٿي نه ڪڏھن ھتان وئي“ ( صفحو نمبر24)
ھن افساني ۾ ماتا جي وبا جو تفصيلي ذڪر موجود آھي ته ڪھڙي طرح مريضن کي مائي جي داڻن سان منھن ڏيڻو پيو، ڪيترن ئي ڄڻن جي حياتين جا ڏيئا اجھامي ويا ۽ ڪجھه ماڻھو پنھنجي اکين جي روشني به وڃائي ويٺا. حسن منظر جي افساني “وبا“ ۾ اھڙا ڪيترائي منظر آھن جن کي پڙھي دل ڌڪ ڌڪ ڪري ٿي پر گڏوگڏ اھا اميد به پيدا ٿئي ٿي ته گذريل پنجاھه سٺ سالن ۾ ميڊيڪل سائنس ڪٿان کان ڪٿي پھچي وئي آھي. ھاڻي ماتا کي ھن روءِ زمين تان نيڪالي ملي چڪي آھي ۽ سائنس ان بيماري جي وجود جو انت آندو آھي پر اسان ھينئر به پاڪستان ۾ پوليو جھڙي بيماري جا ٽڪا لڳائڻ کان انڪار ڪري رھيا آھيون. ھاڻي 2020 ۾ افغانستان ۽ پاڪستان تقريبن دنيا جا اُھي ٻه اڪيلا ملڪ آھن جتي پوليو جا ڪيس اڃا باقي آھن ۽ ان جو سبب اسان وٽ سراسر جھالت، ھٺ ڌرمي ۽ ھوڏ آھي جنھن جي ڪري اسان پنھنجو ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جو نقصان ڪري رھيا آھيون.افسوس جي ڳالھه اھا آھي ته اھي ئي رويا اسان کي ھينئر ڪورونا جي بيماري جي سلسلي ۾ ڏسڻ لاءِ ملي رھيا آھن ۽ اھڙن ڄٽن ۽ جاھلن جي ڪمي نه آھي جيڪي کلي عام ماڻھن کي گمراھه ڪري رھيا آھن ۽ چون ٿا ته ڪورونا اسان جو ڪجھه به بگاڙي نه سگھندو.
مختصر اھو ته افسانو “وبا“ جنھن کي ڊاڪٽر حسن منظر ھڪ داستان قرار ڏنو آھي، مشڪل سان ھڪ سئو صفحن تي مشتمل آھي پر ان سان سماج جي باري ۾ اسان جي سمجھه ۾ بھتري اچي ٿي. معزز پڙھندڙ ۽ مطالعو ڪندڙ ھن جا ٻيا ڪتاب مثلن “ جان ڪي دشمن ” ايڪ اور آدمي“ ۽ ” انسان ڪا ديش” به پڙھي سگھن ٿا. ھي سمورو سٺو ادب آھي جيڪو اسان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام ۽ ان جي روين جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *