تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

حساس پروگرام …روشن شيخ

خيرپور جو مال روڊ، عورتن سان ڀرجي چڪو ھو، نيشنل بينڪ کان ويندي، سوڪِ سينٽر تائين رڳو عورتون ھيون، ان رش جو سبب ھو “احساس پروگرام “اسان ننڍپڻ ۾ ريڊئي جا مختلف پروگرام ته ٻڌا ھئا، پر ھي وري ھڪ عجيب پروگرام ھو، جنھن پروگرام ۾ غريب عورتن کي ذليل ٿيندي ڏٺو. علڻ خان به نئين سي ڊي موٽر سائيڪل تي، پنهنجي نئين ننڍي زال کڻي پهتو ھو، ھُنَ جيئن ئي موٽر سائيڪل کي بريڪ ڏنو ھو ته سامھون ان سپاهيءَ کي ڏٺائين، جيڪو جيل ۾ سندس خاص دوست ٿيو ھو. علڻ خان پنھنجي کيسي مان چرس سان ڀريل ھڪ سگريٽ سپاھيءَ کي ڏيندي چيائينس “پنهنجي ڀاڄائيءَ کي اندر پڄاءِ” سپاھيءَ پيلا ڏند ڪڍندي علڻ کي چيو “سمجھه تنھجو ڪم ٿي ويو، وڃي ڪو چڪر چاڙي ھڻي اچ”
علڻ خان موٽر سائيڪل کي ڪڪ ھڻي، زوڪاٽ ڪندي وڃي ڳوٺ ۾ ھڪ مائٽ جي گھر آرامي ٿيو. ھوڏانھن سپاھي علڻ جي زال کي ڀاڪر ۾ ڀري، وڃي پيسن واري جاءِ تي پڄايو، پيسا وٺڻ کان پوءِ وري سپاهيءَ پھريان کان به مضبوط ڀاڪر ڀري، اچي علڻ جي زال کي روڊ تي ڇڏيو. ھاڻي مال روڊ ٿورو خالي ٿي چڪو ھو، ڇاڪاڻ ته ھتان رينجرز رڳو چڪر ڏنو ھو، رينجرز جي چڪر کان پوءِ علڻ خان، پنهنجي زال سان ڏسيل جڳھه تي اچي ملي ٿو، هوءَ مڙس جي ھٿ تي پيسا رکي ٿي، جيڪا يارنهن ھزار ھئا، علڻ خان چيس: باقي ھزار….. کيس زال ٻڌايو ته، ھزار روپيا اندر ويـٺل مئا ماريا ڪٽي ويا.
ان ويل علڻ خان کي اھو غصو آيو ھو، جنھن غصي ۾ ھُن پنج سئو روپيا اڌارا پيسا واپس گھرڻ تان، پنھنجي سئوٽ احسان کي پنھنجي گھرواريءَ سان ڪارو ڪري، زال ڪاري ڪري ماري ھئي، نتيجي ۾ ڪجھه مھينا جيل ڪاٽي آيو ھو، فيصلي ۾ سئوٽ وارن کان ٻه لک ڏنڊ ۽ سئوٽِ زليخان جو سڱ ورتو هئائين، جنھن زليخان کي اڄ سپاهيءَ جو گرم ڀاڪر نصيب ٿيو ھو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *