تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

حادثو…اصغر چانڊيو

هو موڪل جي ٽائيم اسڪول مان تڪڙي تڪڙي ٻاھر نڪتي بوائز اسڪول جي گيٽ ڏانهن رخ ڪيائين سندس ويجهي سھيلي اسڪول جي ڪلاسن ۾ ڳوليندي رهي نيٺ ٻاهر اچي گيٽ تي ڪرسي رکي ويٺل پٽيوالي نازي کان پڇا ڪئي ته پروين ٻاهر نڪتي آنٽي ؟ ها ڪومل پروين موڪل جو گهنڊ وڄندي ئي بوائز اسڪول وارو روڊ ورتائين پوءِ جي خبر ناهي ڪومل به تکي تکي پروين جو پيڇو ڪيو بوائز اسڪول جي گيٽ تي پهتي ته پروين سڪيورٽي واري سان منهن ماري ڪري رهي آھي پروين پروين او پروين ڪومل جا لڳاتار سڏ پر پروين کي جذبات ۾ ڪجهھ ٻڌڻ ۾ نه آيو ڪومل ڪاوڙ مان پروين کي چماٽ وهائي ڪڍي مٿس روب ڪندي پڇا ڪئي هيترا سڏ توکي ٻڌڻ ۾ نه آيا. چري ته ڪون ٿي پئي آھين ۽ بوائز اسڪول ۾ تنهنجو ڪھڙو ڪم آھي جو تون ايڏي جذباتي ٿي پئي آھين ويچاري سڪيورٽي واري جو ڪهڙو ڏوهه؟ هو ويچارا اسان جي حفاظت لاءِ بيٺل آھن. ڇڏ ڪومل!!! سڏڪندي پروين، ڪومل کي جواب ڏنو آخر مسئلو ڇا آھي پروين؟ جو تون آپي مان ٻاهر نڪتي ٿي وڃي هن بد چلن ڇوڪري مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آھي ڇا گرلس اسڪول ۾ کيس اڪيلي آئون ٿي ڏسجان پروين روئندي جواب ڏنو. ڇو ڇو؟ ڪير آھي اهو؟ تون پهرين هي پاڻي پي، ڪومل بوتل ڪڍي ڏني، پروين اچ ھلون ھاڻي ڇوڪرن جي موڪل ٿيڻ واري آھي سٺو نٿو لڳي پاڻ ڇوڪريون ٿي ڪري ڇوڪرن جي وچ ۾ تماشو ڪريون تون اچ پاڻ ھلون، ڪومل پروين کي جيئن جو تيئن ڪري پرچائي وٺي وڃڻ لڳي رستي ۾ انهي مسئلي جي وڌيڪ پڇڻ لڳي ڪومل، پروين ٻڌايو ڪومل آصف نالي ڇوڪرو آھي جيڪو هيئر انٽر جو شاگرد آھي ڪجهھ ڏينهن کان مسلسل مون کي تنگ ڪري رهيو آھي خط به موڪليندو رهي ٿو هن مون کي ايترو پريشان ڪري ڇڏيو آھي جو منهنجي پڙھائي تي به وڏو اثر پئجي ويو اڄ مون دل ۾ فيصلو ڪيو ڇو نه سڌو وڃي هڪ هڪاڻي ڪجي پوءِ منهنجي ڪجھه سمجهه ۾ نه آيو آئون نڪري هلي ويس ڪومل تون ئي ٻڌاءِ آئون ڇا ڪريان جيڪڏهن اها خبر بابا، امان کي يا ادا کي پئي ته هو مونکي پڙھائي مان اٿاري ڇڏيندا. آصف جو گهر منهنجي گهر کان ڪجهھ ميل پري آھي جهيڙو نه ٿي پوي ڇو جو ٻني جي تڪرار تان ڪجهھ سال اڳ بابا وارن جي آصف جي پيءُ جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي هئي انهي ڪري ڊپ آھي متان وري جهيڙو وڌي نه وڃي ڪومل تون ئي ڪجهھ ڪر ٺيڪ آھي صبع جو پهرين انهي مسئلي جو حل ڳولي پوءِ اسڪول تي وڃبو (ڊن ) ٺيڪ آهي چلو باءِ باءِ منهنجي گاڏي اچي پئي آئون هاڻ ھلان ٿي صبع جو گڏ آھيون ها پروين وري ڪٿي تماشو نه ڪجان جذباتي ٿي ڪري نه نه ڪومل تون دل جاءِ ڪر منهنجي ڳوٺ جي به گاڏي اچي پئي آئون به ھلان ٿي اوڪي باءِ باءِ.
ٻئي ڏينهن صبح ڪومل ۽ پروين کي آصف اسڪول کي ويجهو پارڪ ۾ ملي ويو آصف کي ڪومل سڏ ڪيو سندس ساھ سڪي ويو مٿان ڪومل داٻي سان پڇڻ لڳي خطن جي باري ۾ آصف جي دل چيو زمين جاءِ ڏي اندر ڍري وڃجي خير داٻا ڏنا هيسايو ويو آصف به واعدو ڪيو معزرت ڪئي ته هاڻي اهڙي قسم جي ڪا به شڪايت نه ايندي انهي تي ڪومل پروين کي چيو ته اها ڳالهھ اتي ئي دفن ڪيو جيئن وڌيڪ واويلا نه ٿي سگهي عزت جو مسئلو آھي پروين ڪومل جي انهي ڪيل فيصلي مان مطمعن ٿي آصف اسڪول لاءِ اتان اٿندي ڀڻڪندي چيائين اسان جي محبت کي مان نه مليو پر دل ۾ اهائي محبت هوندي هر وقت آصف چئي نڪري هليو ويو ڪومل ۽ پروين به پنهنجي اسڪول ڏانهن هليون ويون پر پروين کي آصف جا آخر ۾ چيل لفظ دل ۾ گهر ڪري ويھي رهيا.
وقت گذرندو ويو آصف انٽر پاس ڪري ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو غربت سبب اڳتي پڙھي نه سگهيو ھوڏانهن پروين انٽر پاس ڪري وڌيڪ پڙھڻ لاءِ سندس چاچي غلام رسول ڏانهن شھر ھلي وئي سندس سئوٽ شاهد جنهن سان هن جي مڱڻي جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ان سان گڏ اڳتي پڙھڻ شروع ڪيو ايل ايل بي ۾ داخلا ورتائين سندس پڙھائي ڏاڍي زبردست پئي هلي پر آصف پروين کي پل پل ياد ڪندو هو سندس دل ۾ ڪيئي خواب جنم وٺي رهيا هئا هوڏانهن پروين به ايل ايل بي ڪليئر ڪئي وڪالت جهڙو اعليٰ شعبو سندس زندگي جو سفر مقرر ٿيو شاهد به پنهنجي منزل مقام تي پھچي چڪو هو هاڻي پروين ۽ شاهد جي شادي جون ڳالھيون به هلي رهيون هيون پروين به واپس اچي ڳوٺ پهتي شادي جا ڏينهن مقرر ٿي ويا زور شور سان تياريون جاري هيون دعوت ھلائي وئي آصف جي پيءُ کي به شادي ڪارڊ مليو آصف جي جڏهن انهي ڪارڊ تي نظر پئي زمين پيرن هيٺان نڪري وئي پنهنجو پاڻ کي پڪو ڪندي دل تي پٿر ٻڌي شادي جي تاريخ تي شھر جو رخ ڪيائين سڀئي امير ماڻھو هئا شادي ۾ وڪيل برادري جا به ڪيترائي ماڻھو هئا جيڪي ڪارا ڪوٽ پائي شادي کي چار چنڊ هنيو بيٺا هئا اتي ٻھراڙي جي هڪ اٻوجهه آصف وڏي رش مان گذري اسٽيج تي ويٺل گهوٽ ڪنوار وٺ پھچڻ وارو هو ته کيس هڪ ڪاري ڪوٽ واري ھمرا پوئتي ڌڪيندي انتظياميا جي جوان کي سڏ ڪيو ته هن کي ٻاهر ڪڍو سٺا سٺا مھمان پيا اچن ڪجهھ جوان اچن ٿا آصف جي ٻانهھ جهلي ٻاهر ٿا ڪڍن آصف واپس روانو ٿئي ٿو رستي ۾ پروين جي بچپن واري سهيلي ڪومل کيس رستي تان پيدل ويندي ڏسي ٿي گاڏي روڪي آصف کي سڏ ڪري پڇا ڪيائين ته ڇا توهان آصف آھيو جي ميڊم آئون آصف آھيان هي حال تنهنجا، اڇا پروين سان ملي آئين نه ڪومل هتي سڀ وڏا ماڻھو آھن اسان غريبن جي ڪا به حيثيت ناهي اڇا اچ ويھه مونسان گڏ گاڏي ۾ ڪومل آصف کي گڏ کڻي شادي حال ۾ داخل ٿئي ٿي وڏي سڏ چوڻ لڳي پروين هن ماڻھو کي سڃاڻين ٿي نه ڪومل ڪير آهي؟ هي اهو ماڻھو آھي جيڪو توکي خط لکندو هو ۽ اسان ٻنهي جي گڏجي کيس چوڻ سان هن ماڻھو تنهنجي ڪا به رستا روڪ نه ڪئي انهي کان پوءِ به تنهنجي دل تي راج ڪندو هو پر توکي ڪڏهن به پنهنجي اندر جو احساس شيئر نه ڪيائين اڄ تنهنجا دوست هي ڪارن ڪوٽن وارا کيس ٻاهر ڪڍن ٿا چون ٿا ته مھمان پيا اچن ته هي ڇا آھي ڇا آصف مھمان نه آھي سڀ پئسي جي ڳالھه آھي جيڪو سڃاڻپ واري اک تي هٿ ڏئي ڇڏيندو آھي اڄ سڀني جي سامھون آئون ڪومل اعلان ٿي ڪريان ته منهنجي مڱڻي ٿيندي ته صرف آصف سان ٿيندي انشاءَ الله سڀني کي تمام جلد دعوت ملندي ڪجهھ عرصي کان پوءِ آصف ۽ ڪومل جي شادي ٿي وئي اها شادي به هڪ حادثو هئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *