تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

جھڙالي راتين ۾ چنڊ جي ھلڪي سھائي … مشتاق سعيد

جوليا ڪرني جو لکيل نظم جنھن جو عنوان آھي ننڍڙيون شيون، جڏھن ڏھين ڪلاس جي انگريزي ڪتاب ۾ پڙھيوسين تڏھن ان نظم جي گھرائي کي سمجھڻ کان اوپرا ھئاسين، پر جڏھن وقت جي وير سان وڌندي، ھڪ عرصي کانپوءِ ان نظم جون سٽون ذھن تي تري اچن ٿيون تڏھن محسوس ٿئي ٿو ته ننڍڙين سٽن ۾ ڪيڏو نه وڏو مفھوم سمايل آھي، نظم ۾ چيو ويو آھي ته ننڍڙا ننڍڙا نيڪ عمل ھن دنيا کي خوشگوار جنت جيان بڻائي سگھن ٿا، واقعي به ڪڏھن ڪڏھن ننڍڙيون شيون ايتري وڏي اھميت جي حامل ھجن ٿيون جن کي فراموش نه ٿو ڪري سگھجي.ڪنھن جاءِ تي پڙھيم ته ننڍڙا ماڻھو وڏن موقعن تي وڏو ڪم ڪري ويندا آھن ته ڪڏھن وري وڏا ماڻھو ننڍڙين ڳالھين تي پنھنجي اصليت ڏيکاري ڇڏيندا آھن، اسان ھڪ پراجيڪٽ لاءِ ھڪ ڀيري ٽريننگ ڪري رھيا ھئاسين تڏھن اسلام آباد مان آيل ٽرينر ھڪ ڪمال جي ڳالھه چئي جيڪا اڄ تائين منھنجي ذھن تي چٽيل آھي، ھن چيو ھو ته زندگي کي خوشگوار بنائڻ چاھيو ٿا ته وڏين خوشين جو انتظار نه ڪريو پر ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي محسوس ڪرڻ سکو، اھڙيون ننڍڙيون شيون جيڪي بظاھر ته خوشي جو باعث نه ٿيون لڳن پر انھن کي محسوس ڪرڻ جو فن سکي وٺندئو ته انھن ۾ ھڪ خوشي جي جھلڪ لڪيل ھوندي آھي، مثال طور توھان ڪنھن تڪڙي ڪم سان ڪيڏانھن وڃي رھيا آھيو ۽ رستي تي ٽريفڪ جام ڪونھي، تڏھن اوھان ان ھلڪي خوشي کي محسوس ڪرڻ سکو ۽ اوھان کي خوشي ملڻ شروع ٿي ويندي، صبح سوير اٿندي ئي ناشتو تيار آھي ۽ اوھان کي انتظار ڪرڻو نه ٿو پوي، بس اسٽينڊ تي پھچندي ئي توھان کي بس ملي وڃي ٿي، ھي ننڍڙيون ڳالھيون به خوشي جو سبب آھن، انھن کي محسوس ڪرڻ ۽ خوش ٿيڻ جو فن ڄاڻي وٺندئو ته آھستي آھستي اوھان جي زندگي خوشين سان ڀرپور ٿي ويندي.
ٽرينر جا اھي لفظ مونکي اڄ به ياد آھن ۽ واقعي به ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون محسوس ڪرڻ جيان ڪٿي ڪٿي ڪو ننڍڙو بھتر عمل اھڙو به پسي سگھجي ٿو جنھن کي فراموش نه ٿو ڪري سگھجي، آئون ڏسندو آھيان ته وڏين ڪرسين تي ويٺل وڏا آفيسر اڪثر ڪري عام، ننڍن ۽ غريب انسانن جي اھنجن کان ڄڻ بي خبر ۽ لاپرواھه ھوندا آھن پر ھتي آئون وڏي ڪرسي تي ويٺل ان آفيسر جو ذڪر ڪندس جنھن جي ڊيوٽي جي ذميوارين ۽ ڪردار کي ھڪ پاسي رکجي پر سندس ھڪ ننڍڙو عمل اھڙو ڏٺم جيڪو فراموش نه ٿو ڪري سگھجي، ضلعي جي ھڪ وڏي ڪرسي تي ويٺل عورت آفيسر سھائي عزيز ٽالپر جي ڪردار ۽ فرضن جي باقي سمورن پھلوئن کي ھڪ پاسي ڪريان ٿو پر تڏھن ھڪ اڻ ڄاتي خوشي محسوس ٿي جڏھن خبر پئي ته سجاول جي مسڪين شاگردن جن جي گھر ۾ شايد کائڻ لاءِ به داڻو پاڻي پورو نه آھي، ھو انھن مسڪين شاگردن کي چٽاڀيٽي واري امتحان جي تياري ڪرائي رھي آھي، غربت جي ماريل مسڪين پر ذھين شاگردن جي باري ۾ جڏھن کيس پتو پيو ته ھو چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ تياري ڪري رھيا آھن تڏھن ھن کين پاڻ وٽ سڏائي کين باقاعده چٽاڀيٽي جي امتحان بابت رھنمائي ڏيڻ شروع ڪئي، اھا خبر مونکي تڏھن پئي جڏھن سجاول جو ھڪ مسڪين شاگرد پنھنجو ھڪ مسئلو ٻڌائڻ لاءِ پريس جي آڳنڌ ۾ ٺھيل ڇٻر واري لان ۾ اچي مونسان گڏ ويٺو ھو ۽ ڳالھين ڳالھين ۾ مونکي ٻڌايائين ته ميڊم مونکي چٽا ڀيٽي واري امتحان جي تياري لاءِ باقاعده سندس آفيس ۾ گھرائي رھنمائي ڏيندي آھي، تڏھن سوچيم ته ھڪ آفيسر جنھن جي پوسٽنگ اڄ ھتي آھي سڀاڻي الائي ڪٿي ھوندي پر ان باوجود پنھنجي ذميوارين جي مصروفيت مان ڪجھه وقت ڪڍي ڪنھن مسڪين شاگرد جو مستقبل سنوارڻ لاءِ سندس رھنمائي ڪرڻ جوليا ڪرني جي نظم ۾ ڄاڻايل ان ننڍڙي نيڪي جيان آھي جيڪا نيڪي ھن دنيا کي خوشگوار بنائي سگھي ٿي ۽ ھن سانوڻ مند جي جھڙالي راتين ۾ سجاول جي ھنن مسڪين شاگردن لاءِ ميڊم واقعي به ھڪ سھائي آھي، سنڌ جي ٻين آفيسرن ڏانھن اک ڦيرائي ڏسجي، شايد ڪجهھ ٻين آفيسرن ۾ به ڪي اھڙا گڻ پيدا ٿي پون جن کي ھتان جو نوجوان نسل پنھنجو سونھون محسوس ڪرڻ لڳي، جيڪڏھن ائين ھر ھنڌ ٿيڻ لڳي ته سنڌ جي نوجوانن جي تقدير بدلجي سگھي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *