تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جڳ مشھور ليکڪا ايلف شفق جي تخليق، ڪم ۽ سندس زندگي تي ويچار … امداد سولنگي

25 آڪٽوبر 1971 ڌاري فرانس جي شھر اسٽراس برگ ۾ ايلف شفق جو جنم ٿيو. سندس والد نيوري بلگن فلسفي ھو سندس ماءُ سيفڪ اٽاءِ مين پڻ موچاري پسمنظر واري عورت ھئي شفق جو پيءُ اڳتي ھلي سياستدان پڻ ٿيو. اچانڪ سندس ماءُ ۽ پيءُ جي وچم ۾ عليحدگي ٿي وئي جنھن ڪري شفق ماءُ سان گڏ انقره موٽي آئي جتي ھن جي پروش ماءُ ۽ ناني جي جھولي ۾ ٿي. شفق پيءُ جي غير موجودگي ۾ جواني جا ڏاڪا چڙھيا. پنھنجي ڀائرن سان وري تڏھن ملي جڏھن ھو 20 سالن جي ڄمار کي رسي چڪي ھئي. شفق پنھنجي ننڍپڻ وارو عرصو انقره، ميڊرڊ، عمان ۽ استبول جي سير سفر ڪندي گذاريو. شفق انٽر نيشنل رليشنس جي سبجيڪٽ ۾ گريجوئشن ، جينڊر اينڊ وومن اسٽيڊيز ۾ ماسٽر ۽ آخر ۾ پوليٽيڪل سائنس جي ڊسپلين ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنھن ڪري ترڪي جي يونيورسٽي ۾ ڳچ عرصي تائين پنھنجي سبجيڪٽ کي پڙھائڻ ۾ جنبي وئي. ساڳي وقت آمريڪا جي اھم ڪاليج Mount Holyoke College ۾ فيلو استاد پڻ مقرر ٿي جڏھن ته مچي گن جي يونيورسٽي پڻ سندس پڙھائڻ لاءِ خدمتون ورتيون ساڳي وقت ايريزوناجي يونيورسٽي پڻ پنھنجي تعليمي اداري ۾ ھن کي وزيٽنگ استاد مقرر ڪيو.سندس ڏاھپ جي ڌاڪ سڄي دنيا ۾ پھتي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ھڪ ڪاليج شفق کي يورپين ادب پڙھائڻ جي آڇ ڪئي ۽ اڄ تائين شفق اتي آنرري فيلو طور پڙھائيندي رھي ٿي. شفق مستقل طور لنڊن ۾ رھي ٿي پر استنبول سندس روح جي ريگزارن ۾ ھر وقت وسندو رھي ٿو.شفق جي شادي ترڪي جي ھڪ صحافي سان ٿي جيڪو مشھور اخبار ريڊيڪل جو ايڊيٽر ھو.شفق کي ان مان ڌي ۽ پٽ جو اولاد آھي.
شفق لڳ ڀڳ 17 ڪتاب لکيا آھن جنھن مان 11 ناول آھن. شفق سڀ کان اول جيڪو ناول لکيو ھو ان جو نالو ھو پنھان/Hidden .ان ناول کي 1998 ۾ ريومي پرائز سان نوازيو ويو، ان ناول کي جديد ترڪش ادب جي حوالي کان Mysticism جي موضوع جي آڌاريل اھم ناول مڃيو وڃي ٿو.سندس ٻيو اھم ناول آھي
شھر جا آئينه/ Mirors of the city آهي .ھي ناول اسپين جي ھڪ فيملي جي گرد گھمي ٿو جن کي Conversos شمار ڪيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ Conversos انھن کي ڪوٺيو ويو جيڪي ماڻھو اصل ۾ يھودي ھئا ۽ لڳ ڀڳ 14 ۽ 15 صدي ڌاري مخصوص دٻاءُ تحت پنھنجو اصلي مذھب ڇڏي اڪثريتي طور ڪيٿولڪ بنايا ويا.اھو Conversions جو گھڻو عمل پورچوگال ۽ اسپين ۾ ٿيو. شفق جي اصلي سڃاڻپ جيڪو ناول بڻيو سو ھو The Gaze .جنھن کي سال 200 ۾ ترڪش رائيٽرز يونين اھم ناول ڳڻائيندي وڏي اعزاز سان نوازيو .شفق جي ھڪ ٻئي اھم ناول The Felea Palace 2002 کي Independent Best Foreign Fiction جي اعزاز لاءِ 2005 ۾ پڻ شارٽ لسٽ ڪيو ويو.ان کان پوءِ شفق جيڪو ناول لکيو سو سندس انگريزي ٻولي ۾ لکيل پھريون ناول شمار ڪيو ويو. جنھن جو نالو ھو. Saint of Incipient Insanities اھو ناول 2004 ڌاري شايع ٿيو.شفق ان کان پوءِ ھڪ ٻيو اھم ناول استنبول جو حرامي/ The Bastard of Istanbul لکيو. شفق ھي ناول پڻ انگريزي ۾ لکيو. ھن ناول ۾ Armenian genocide جي المناڪ ٽريجڊي جي کل لاٿي وئي آھي.جنھن کان ترڪي جي سرڪار ھميشه لنوائيندي رھي آھي.ان ناول جي پاداش ۾ شفق تي ترڪش پينل ڪوڊ جي قلم 301 تحت ترڪش سرڪار تي بھتان بازي جي الزام ھيٺ ڪيس پڻ ھلايو ويو.پر شفق ان ڪيس مان باعزت بري ٿي وئي.جيڪڏهن سزا لڳيس ھا ته پوءِ ان قلم تحت ٽن سالن تائين قيد تنھائي ڀوڳڻي پئيس ھا.نقادن جو ھن ناول جي حوالي سان رايو آھي ته : اھو ناول ترڪي ٻولي جو پھريون ناول آھي جيڪو سلطنت عثمانيه جي ڏينھن ۾ آرمينيا جي ماڻھن تي ڪيل ڏاڍاين تان پردو کڻي ٿو.
پيار جا 40 قائده/Forty Rules of Love شفق جو اھو ناول آھي جنھن ۾ رومي ۽ شمس تبريز جي فلسفي جي روشني ۾ محبت جي موضوع کي کوليو ويو آھي. ترڪي ۾ ان ناول جون لڳ ڀڳ 9 لک ڪاپيون ھٿو ھٿ کپي ويون. بي بي سي وارن ھڪ سروي ۾ ان ناول کي انھن 100ڪتابن ۾ شمار ڪرايو جن اسان جي صدي کي نئون موڙ ڏنو.ان کان پوءِ ايلف ڪارو ڪاري جي موضوع تي پڻ قلم کنيو ۽ Honour جي عنوان سان اھم ناول لکي ورتو. اھو ناول دراصل پنھنجي اڻت ۾ Love,Freedom ،Redemption ۽ masculinity جي اھم مسئلن تي debate کي جنم ڏئي ٿو.سال 2012 ڌاري اھو ناول Asian Literary Prize لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ وري 2013 ۾ Women Prize For Fiction لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو.
شفق جي ٻئي ھڪ ڪارائتي ناول Minutes 38 Seconds in This strange world10کي نوبل پرائز کان پوءِ وڏي ادبي انعام Booker Prize لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو.ايلف شفق جون لکڻيو آھسته آھسته سموري دنيا جي پاٺڪن کي پنھنجي اثر ۾ آڻيديون وڃن پيون.ڇو ته ھن جي فڪشن کي جادوئي حثيت حاصل ٿي چڪي آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *