تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

جڏهن ونگو تپي اٿيو … امين ارباب

مرندي مري ويا پر سون تي سيڻ مٽڻ ڄڻ هنن لاءِ مهڻو هو، هڪڙي پاسي ونين کان ور وڇڙي رهيا هئا ته ٻئي پاسي ٿر جي ڪس ڪلوئي جي اُترين طرف ٽيڪراءِ جي ماڙي ۾ جرئت، همت ۽ غيرت جا داستان ڇڙي رهيا هئا. هاڪڙي وٽان هاڪ لڳي ته ماڪ ڀني ويل سڀني سماٽين کان هڪ هڪ سڱ ورتو وڃي پر ان وقت جي واليءَ سنڌ کي ڪهڙي ڪل ته وقت جي خان پسائي نهڙئي سميت سڄي سنڌ اهو سمجهيو ٿي ته “ڀلا ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو ٻني ۽ وني ڪنهن واگھه ويري جي ور چاڙهي هجي ۽ پنهنجي لوئي لڄائي هجي، جي ان جو جواب آهي هائو ته پوءِ ڏڌيون به ٿڻين پيون هونديون”
چوڻ وارا چون ٿا ته جڏهن ڪلهوڙا دور جي واليءَ سنڌ پنهنجي مهر نظر انگريز ٽيڪراءِ جي معرفت سماٽين کان سنگ گهريو هو تڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جون سرحدون هاڪڙي ڍوري تائين پکڙيل هيون، جنهن کي اڄڪلهه ونگو سڏيو وڃي ٿو، همت ۽ جرئت جي ڪري ونگي جي ڌڻين جو وار به وِنگو ٿي نه سگهيو ته سنڌ جي سمورن سماٽين کي حڪم ڪيو ويو ته هو سنڌ جي هر سماٽين جهڙوڪ نوهڙين، راهمن، سمن، سميجن، سومرن، ڪنڀارن، راڄڙن، راڻن، راجپوتن، سوڍن ۽ ٻين برادرين مان ھڪ ھڪ سڱ بادشاھ حوالي ڪرڻ لاءِ ٽيڪراءِ جي ماڙي ۾ گڏ ٿي وڃن، نه ته سنڌ ڇڏي وڃن.سنڌ جي سماٽين مان ته ڪنهن به سنڌ نه ڇڏي مرڳو بادشاھ کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ئي ڪري وڌو. هٿ ڪهاڙيءَ ڳن هليا ويا ۽ سڄو ونگو تپي باھ ٿي ويو، هڪڙن ونگي جا وجهه جھليا ته ٻين وڃي پراڻ جي ڪنڌيءَ بيهي اعلان ڪيو ته
“هڪ جُوءَ، ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان”
اڃان اڌ سنڌ مِٺي ننڊ ستي پئي هئي، ڏور ڏور تائين ڪنهن کي به اهو پتو نه هو ته ونگي جي ڄامن سميت سمورن سماٽين جون ڌار ٿي ويل سسين جو انگ ڪيترو ٿي چڪو. ٿر تي سج اڀريو، وڙول ٿي وئي، ڌرتي جا ڌڻي جاڳي پيا، ڌونري ڏينهن ڌرتي ڌڻين جون سسيون ڳڻيندي ڳڻيندي کن پل لاءِ صلح به ٿي وئي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ چارڻ فقير کي ضمانت طور ٽيڪراءِ جي حوالي ڪري سنڌ جي سماٽين ٽيڪراءِ کان هفتي جي مهلت به گهري ورتي. منٽ ڪلاڪن ۾، ڪلاڪ ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن هفتي ۾ تبديل ٿي ويا، هڪ طرف حاڪم جو حڪم قانون بڻجي ويو ۽ ٻئي طرف قبيلن جا ماڻهو ٽيڪراءِ جي ماڙيءَ ۾ منظم طريقي سان گڏ ٿيندا رهيا، صرف اڍيج قبيلي جي ماڻهن ماڙي ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ سماٽي اڍيجن جي اهڙي رويي خلاف ڀتين پوتين اهو چئي رسي ويا ته
“هاڻي تنهنجي اوطاق اچبو ڪين مينڌرا”
ڳالهين به رنگ ڪون لاتو ۽ حاڪم جو حڪم به تر نه چريو، تون ۽ آئون جو فرق زمين ۽ آسمان جيترو ڇڍو ٿي ويو، ٽيڪراءِ چئي آئون بادشاھ ۽ جنتا چوي ته “تو جي پٻ پهڻ جا لڱ منهنجا به لوهه” ٽيڪراءِ جي ماڙيءَ ۾ گڏ ٿيل سماٽين فيصلو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي ٻار ٻُڍا ۽ عورتون ڪڇ جي مانجهي مڙس ڏانهن سام طور موڪليون وڃن ۽ پوءِ سانجھه ويلا جي اداس رنگن ۾ اباڻا اجھا اجڙي ويا ۽ روح جا راڻا ماڻهو ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجي ويا. ٽيڪراءِ وٽ ضمانت طور ويٺل چارڻ فقير جي ٻانهن هٿ ڪرڻ ۽ ٽيڪراءِ کان پلاند وٺڻ لاءِ مانجھي مڙس مڙي مٺ ٿي ويا، ڪانڀن جا ور کلي ويا، گهوڙن جي هڻڪار سان ماڙيءَ لڏڻ لڳي، رات جي پرڀات ۾ مڙس ماري مڃايائون. سنڌ جي ماڻهن جي لوئي ۽ لڄ خاطر ويڙهاند ڪندڙ ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن پڄاڻان جڏهن نئين سج اچي سلام ڪيو ته سنڌ جا پيار گل ٻاٽي وري چڪا هئا، سام طور ڪڇ ويل موملون اکين جا راڻا ڏسڻ سنڌ موٽي آيون ۽ همن فقير جي دعائن اهڙو ته اچي رنگ لاتو جو سڄي سنڌ ۾ رنگ رچي ويا، سوڀ ماڻيل سماٽين وري ونگي وٽ اباڻا اجھا اڏيا، ونين کي ور مليا ۽ ٻنين تي ھر هليا.
اڄ به جڏهن ونگي پتڻ وٽان نوان پاڻي وهي ايندا آهن ته ونگي ٻنگار ڀرسان ٽيڪراءِ جي ماڙيءَ جا چٽا اهڃاڻ ڏسي ڪنڌيءَ بيٺل ڌڻ ۽ ڌنار نيڻ نهار تائين آس پڄائيندي الائي ڇو اهو سوچيندا آهن ته ڏور ڏور تائين هن وساريل تاريخ جا پيرا توڙي جو ڀيرا نٿا ڀڇين پر دليون نٿيون مڃين ته اوڀر نه اُڀري ناممڪن. ٽيڪراءِ جي ماڙيءَ جون ڀرندڙ ڀتيون اڄ به ڳالهائين ٿيون، ايئن جيئن سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌ جي تاريخ ڳالهائي ٿي ۽ ها اهو به ڳالهائي ٿي ته ڇا هاڻ به ائين ٿي نٿو سگهي جو سئو اتر واءُ لڳي ۽ ڪينجهر هندورو نه ٿئي ۽ رت دانگيءَ نه وري.
ٽيڪراءِ جي ماڙيءَ ۾ ملهون ماريندڙ ماڻهن جي يادن کي توڙي جو سال لنگهي ويا آهن پر پونئرن اڄ به پنهنجن وارثن کي ناهي وساريو، پڇم جي پار جا ڪارا ڪڪر اڄ به جڏهن ونگي پتڻ وٽان لنگهائو ٿين ٿا ته سار جي ھڪ تمنا اهو چئي جاڳي ٿي اٿي ته “منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري، ته مر لڳي لوهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *