تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

جينيٽڪ انجنئيرنگ جي ذريعي شوگر جو علاج … سنڌيڪار دانش جروار

مونکي خوشي ٿي جڏهن مونکي خبر پئي ته هڪ جراثيم (بيڪٽيريا) اسان جي لاءِ شوگر کي ڪنٽرول ڪرڻ واري انسولين ٺاهي رهيو آهي . ۽ ٻيون به ڪيترن ئي قسمن جون دوائون تيار ڪري رهيو آهي . جيڪو ماڻهون شوگر جو مريض آهي ان کي انسولين جي ضرورت رهي ٿي جيڪڏهن اسان جي ڊي اين اي (DNA) ۾ خرابي اچي وڃي ٿي ته هو اسان جي جسم ۾ انسولين ٺاهڻ جو ڪم ڇڏي ٿو ڏئي ته ان جي ڪري اسان شوگر جا مريض ٿي وڃون ٿا . جنهن جو حل صرف اهو آهي ته اسان پنهنجي لاءِ انسولين جو انتظام ڪريون يا ته ڊي اين اي (DNA) ۾ آيل خرابي کي درست ڪيون انسولين حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون انتظام سوچيو ويو ته ٻين جانورن جي انسولين انسان جي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٻيا جانور به ته انسولين ٺاهين ٿا ۽ استعمال ڪن ٿا پر ڳئون ۽ مينهن جيڪا انسولين ٺاهين ٿيون سا استعمال ڪري ڇڏين ٿيون. جانورن وٺ فالتو انسولين نه هوندي آهي . هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ ڳئون کي ذبع ڪرڻ عام انسان جي لاءِ ممڪن نه آهي جانور هميشه قيمتي رهيا آهن. پوءِ جٿي به ڪا ڳئون يا مينهن يا ڪو ٻيو جانور مري ويندو هو ان جي جسم مان اهو حصو ڪٽي الڳ ڪيو ويندو هو جتي انسولين ٺهندي هئي . پوءِ ائين ئي ٿيندو رهيو دواساز ڪمپنين جي ملازمن کي تربيت ڏني وئي ته هو مريل جانورن جي جسم مان اهي حصا ڪٽي کڻي اچن جن ۾ انسولين هوندي آهي . ليباريٽرين ۾ ڊاڪٽر عضون مان انسولين نچوڙي ان کي محفوظ ڪري ۽ پوءِ ان انسولين کي مالڪ بازار ۾ وڪڻڻ جي لا دڪاندار کي ڏيندو هو .اهو سلسسلو هلندو رهيو پر هميشه مريضن جي ضرورت وڌندي وئي ۽ انسولين گهٽ رهي. پوءِ سائنسدانن سوچيو ته ڇونه خوردبيني جاندارن کي استعمال ڪيو وڃي . اهو بهتر خيال هو . خوردبيني جاندار جيڪي لاتعداد هئا اسان کي گهرجي ته انهن کي ان ڪم ۾ لڳايو وڃي ته جيئن هي به اسان جي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ اچي وڃن .
ها اهو مناسب آهي پر اسان جنهن بيڪٽيريا کي انسولين تيار ڪرڻ جي ليباريٽري ٺاهي رهيا آهيون ان جي ڊي اين اي(DNA) ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي ڇو ته انسولين تيار ڪرڻ ڊي اين اي(DNA) جو ئي ڪم آهي . 1970ع ۾ سائنسدانن کي انهي ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وئي. جنهن طرح اسان هڪ ماڻهو جي اک ٻئي ماڻهو ۾ لڳائي سگهون ٿا، دل ۽ گردو هڪ ماڻهو مان ٻئي ۾ منتقل ڪري سگهون ٿا اهڙي طرح ًً“جين“ به بدلجي سگهجن ٿا .سائنسدانن انسولين تيار ڪرڻ جي لاءِ بيڪٽيريا کي تيار ڪري ڇڏيو. انهن انساني جنيوم جو اهو حصو جيڪو انسولين ٺاهيندو هو اهو ان بيڪٽيريا ۾ داخل ڪري ڇڏيو . هاڻ اهو بيڪٽيريا انسولين ٺاهڻ جي هڪ ننڍي فيڪٽري جي شڪل اختيار ڪري ويو .دواساز ڪمپنين جي سرمائيدار مالڪن بيڪٽيريا فارم کولي ڇڏيا انهن وڏي تعداد ۾ بيڪٽيريا پالڻ شروع ڪري ڇڏيو . جهڙي طرح ڊيري فارم مان گوشت ،کير، مکڻ حاصل ٿئي ٿو اهڙي طرح بيڪٽيريا فارم جي مالڪن انسولين حاصل ڪرڻ لڳا .
بيڪٽيريا فارمنگ دواساز ادارن جي لاءِ هڪ سٺو ڪاروبار ٿي ويو . بيڪٽيريا هاڻ انسولين کا علاوه ٻيون ڪيتريون ئي دوائون ٺاهي رهيا آهن . بيڪٽيريا جيڪي پنهنجي دنيا ۾ سرگرم ۽ متحرڪ رهن ٿا . انهن جي عمر ٿوري هوندي آهي . توهان کي بيڪٽيريا جي زندگي جي باري ۾ هڪ ٻئي پوسٽ پڙهڻي پوندي جيڪڏهن انهي پوسٽ ۾ ان جي زندگي جي باري ۾ لکون ٿا ته پوسٽ ڊگهي ٿي ويندي . ڪلوننگ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪري خوردبيني جاندارن مان تمام گهڻا فائده حاصل ڪيا وڃن ٿا، ائين نظر اچي ٿو ته ڄڻ انسان انهن ننڊن جاندارن کي پنهنجي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. ڪنهن زماني ۾ انسان ڊڳن گهوڙن،گڏهن ۽ اٺن جهڙن وڏن جانورن کي پنهنجي ڪمن ۾ لڳايو هو. هاڻ هو انهن خوردبيني جاندارن کي پنهنجي ڪم ۾ لڳائي رهيو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *