تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

جوڳي جادو لائي ويا…!! علي بابا جي ورسيءَ جي مناسبت سان … آزاد انور مهر

اڄ لاڙ جي پٽيءَ ۾ مينهوڳيءَ جي موسم آهي ڪوٽڙيءَ جي هيلوڪي ٿڌي هير وقت اڳ سرءُ ۾ ڇڻي ڪرندڙ سڪل پنن کي اڏاري ۽ ان شخص کي ساري ٿي جنهن کي نه دولت جي تمنا ۽ نه وري مشهور ٿيڻ جو مرض هو. پاپولرٽيءَ جي ڊوڙ واري دنيا جو عجيب ڪردار هو جنهن جو ڪل اثاثو ڪتاب لکيل ناول ۽ ڪجهه بي ترتيب ڪهاڻيون هيون جنهن وٽ صرف ڀڃ ڊاهه ۽ ٽوڙڦوڙ واريون ڪهاڻيون نه هيون پر هن وٽ جوڙجڪ ۽ ٺاهه ٺوهه جا ڪيترائي ڊراما ۽ ناول جنهن ۾ ڪيترائي تعميراتي ڪردار به شامل هئا. هو هن ديس جو درويش صفت انسان جنهن 1940 ۾ محمد يوسف بلوچ جي ڪوٽڙي واري غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو جنهن کي پڙهڻ جا عادي سنڌي نوجوان علي بابا جي نالي سان سڃاڻيندا آهن. علي بابا جا وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي جو ننڍڙو ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور هڪ سال نوڪري ڪيائين پوءِ هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار هو هن پهرين ڪهاڻي پڃري جا پکي 1954 ۾ لکي جيڪا 1960 ۾ شايع ٿي ته ان دور جي وڏن وڏن اديبن جا ڇرڪ نڪري ويا هئا ۽ پوءِ مسلسل لکڻ سبب سندس ڪهاڻين کي موٽ ملندي رهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ قسطن ۾ هليل آهي جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري ديس ۽ ديس واسين جا ئي آهن. هو جيڪي لکندو هو ته سندس هر لکڻي ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکندي هئي. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو انسان علي بابا جنهن شهرت کان پري ڀڄي گمناميءَ واري زندگي اختيار ڪئي. اديبن جي اليڪشنن گڏجاڻين، اعلانن احتجاجي گوڙ ۽ گمسان کان گهڻو پري رهندو هو هن نه ڪڏهن پاڻ پڏايو نه پنهنجي ذات بابت ڪا وڏي دعويٰ ڪئي توڙي سندس پڙهندڙ ۽ چاهيندڙن جي قطار تمام وڏي آهي پر هن عام اديبن وانگر پنهنجا مريد نه ٺاهيا نه وري ميڊيا جو سهارو وٺي اجائي شهرت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو.
علي بابا بنيادي طور نثرنگار هو پر هن جي نثر ۾ شاعريءَ جو چس شامل هوندو هو تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هن ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي هن جي لکيل ڊرامي ”دنگي منجهه درياءُ“ ۾ سندس ئي لکيل گيت ”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياءُ جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي“ سنڌَ ۾ اڃا تائين مقبول آهي. موهن جو دڙو هن جو لازوال ناول هو پر هن ڪيتريون ڪمال جون اهڙيون ڪهاڻيون لکيون جيڪي عام طور سنڌي ادب جو سڀ کان ڏکيو سبجيڪٽ سمجهيون وينديون آهن پر هن تي ڪلا مهربان هئي ادب ۾ ڪهاڻيءَ بابت جتي نسيم کرل جهڙو بلا جو ڪهاڻيڪار پنهنجين ڪهاڻين ”ڪافر“ ۽ ”چوٽيهون در“ ۽ ”پهرين مراد“ بابت ڳالهائيندي اهو چوندو هو ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو ڪڏهن ٻه ٻه ڪڏهن وري ٽي ٽي ۽ چار مهينا به لڳي ٿا وڃن اُتي علي بابا سادگيءَ سان کلي چوندو هو ته مونکان ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون ان ڳالهه مان سندس مشاهدي جي قوت ۽ سندس دور انديشيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ بابت سوچيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته سنڌ مٿان مذهبي تنگ نظري ۽ انتهاپسنديءَ جو خطرناڪ حملو ٿيندو ان لاءِ هو لفظن کي جملن جي مالها ۾ پوئي ڪتابي شڪليون ڏئي اڳواٽ اهي علمي ۽ ادبي هٿيار ڪٺا ڪري رهيو هو، جن جي سنڌ کي ڪالهه کان وڌيڪ اڄ ضرورت آهي، علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا.
علي بابا جي سٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته هو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ جو عادي هو وڏي فراخدليءَ سان چوندو هو ته اگر شمشيرالحيدري منهنجي ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ نه ڇاپي ها ته منهنجي لکڻ جو جنون بي موت مري وڃي ها مان اديب نه هجان ها. علي بابا چوندو هو منهنجو ڪوبه تعارف ناهي پر جيڪو ڪجهه آهيان سو پنهنجي ماءُ، چاچي ڇٽي خان، مامي عبدالله خان ۽ شمشيرالحيدريءَ جي ڪري ئي آهيان. انڪري علي بابا جي ڀيٽ انهن اديبن سان نه ٿي ڪري سگهجي جن سون تي سيڻ مٽايا جن مراعتن خاطر پاڻ کي سرڪار وٽ گروي رکيو هو اهڙو خوددار انسان هو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هو جڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ ائين چيو هو ته مونکي اخبار پڙهڻ جو شوق هوندو آهي پر پئسا ناهن ته اخبار وٺي سگهان علي بابا اهو خوددار انسان هو جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات نه گهري اهڙا باڪردار فرد قومن جي ڳچيءَ ۾ نو لکا هار ٿيندا آهن جيترو سنڌ سان هن کي پيار آهي، ايترو پيار ته فقط هڪ عاشق پنهنجي محبوب سان ڪندو آهي ان جو چٽو ثبوت آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ۽ آخري ڏينهن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري آدرشي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي سنڌ سرڪار جو نالي ماتر ڪم ڪندڙ ثقافت کاتو کيس ياد ڪري يا نه پر ڪوٽڙيءَ لڳ خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾ آرامي هن قدآور انسان کي ياد ڪري سنڌ جي سيبتي شاعر ادل سومري چيو هو.
سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل آدمي،
ليکا چوکا لوڪ جا لاهي ويو.
ڪوٽڙيءَ مان موڪلائي ناکئو،
هو دنگي درياهه مان ڪاهي ويو
يا وري علي بابا جهڙن مست الست ڪردارن کي سامهون رکي لطيف سائين چيو هو ته
”جوڳي جادو لائي ويا“….!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *