تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

جوڳيءَ لاٿو جار …سومرو شبير

ڀٽائي اھو فلسفي ۽ شاعر آھي جنھن اديب بابت واضح چيو آھي ته اديب ڪھڙو ھجڻ گھرجي، ڪيئن ھجڻ گھرجي، ڇا ڪرڻ گھرجيس. فن يا فنڪار (ليکڪ توڙي لکڻي) جيستائين جوابده يا جانبدار نه آھي. تيستائين ھن جو ڪو ڪارج ٿي ئي نه ٿو سگھي.
جيڪي چون ٿا ته ليکڪ غير جانبدار ھجڻ گھرجي سي اصل ۾ رڳو پنھنجي لکڻي ۾ ذاتي لطف وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا بلڪه سماج کي ايئن ڇڏي ڏين ٿا جيئن سمنڊ ۾ ناوَ کي ناکئي کانسواءِ ڇڏي ڏجي، پوءِ اها ڀلي ٻڏي وڃي يا ڪنھن سان ٽڪرائجي ٽڪر ٽڪر ٿي وڃي. ڀٽائي واضح چوي ٿو ته ليکڪ کي سماج ڏانھن جوابده ھجڻ گھرجي، نه رڳو جوابده پر رھنما به ھجڻ گھرجي.
سيراندي ساز ڪيو، سمھين ساري رات.
ھڪ ذميوار ليکڪ غير ذميواري جو مظاھرو ڪندي پنھنجون ذميواريون ھڪ پاسي رکي ڪيئن ٿو رھي سگھي. ليکڪ رھبر ھجي ٿو ۽ جڏھن رھبر سمھي پوي ۽ ڪو سڏ نه ڏئي ته سماج جي سنوار ته پري، رهندو سماجي بگاڙ ۾ ڀائيوار ٿئي ٿو.
ڀٽائي پنھنجي فن ۾ “سڏ” ڪري ٿو، ڀٽائي جو سڄو رسالو سڏ سان ڀريو پيو آھي. لطيف سڏ ڪري سماج کي خبردار ڪري ٿو، سنبرائي ٿو. لطيف وٽ سنبت جو به ھڪ نرالو ۽ واضح سڏ آھي. ھر مھاڏو اٽڪائڻ ۽ مھاڏي کي منھن ڏيڻ لاءِ لطيف سڏ ڏنو آھي، نه رڳو سڏ ڏنو اٿائين پر باقائده رڙ ڪئي اٿائين. ان ڪري جيڪي سماج سان ذميوار نه آھن انھن کي لطيف ڏاڍو مھڻي ھاب ڪيو آھي ۽ مٿن اھڙو ته طنز ڪيو آھي جو لطيف جو ليکڪ بابت نظريو ئي واضح ٿي وڃي ٿو.
ڌوڌا! تون نه ڌئين! آڳ اوڏو نه وڃين
الا جي عشق جا، سي تان تون نه سھين
اڀو ايئن چئين، ته آئون آڳڙيو آھيان.
اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته سڏائين انسان، رھين سماج ۾، چاھين چين ۽ سڪون، ڀانئين مٿڀرو ۽ مظاھرو غير ذميواري وارو ۽ عمل کان انڪار. لطيف واضح چئي ٿو ته، جيستائين ليکڪ عملي ڪردار ادا نٿو ڪري تيستائين ھو تخليقڪار آھي ئي ڪونه. ڀٽائي وٽ ليکڪ جي اصل نشاني ته عمل آھي، عمل بنا ليکڪ پاڻ کي تخليقڪار ڪيئن ٿو سڏائي سگھي.
لطيف وٽ “سڏ” ۽ سنبت جو ھڪ وڏو ۽ حيرت ۾ وجھندڙ عمل ھي آھي ته ھو درد ۽ دانھن کي به عمل ۽ ھمت جو ھٿيار ٿو بڻائي. ھو درد کي اذيت نٿو سمجھي، بلڪه درد کي به ھو عمل جو اھم ذريعو ٿو بڻائي، يعني درد کي عمل لاءِ ضروري آهي. يا ھيئن کڻي چئون ته ڀٽائي درد کي ھمت ۽ عمل لاءِ اھم عمل سمجھي ٿو.
درد مان اذيت وٺي ۽ پوءِ جذبن کي ٿڌو ڪري ڇڏڻ واري عمل کي لطيف غلط ٿو سمجھي، بلڪه ھو ان عمل کي ايئن ٿو سمجھي ته درد جي اذيت سان جذبا تسڪين ماڻي ٿڌا ٿيڻ بدران عمل واري واٽ وٺي وڌن ۽ انھن جذبن اوٽ سنبت ۽ مھاڏي اٽڪائڻ جو عمل، عمل ۾ اچي. اھڙي ليکڪ لاءِ ڀٽائي وٽ ڪو مان مرتبو آھي ئي ڪونه، جيڪي ليکڪ لاءِ مقصد کي ٿڌو ڪري سمھاري رکن، ان کي عملي طور سماج لاء ڪارڳر نه بڻائين.
لطيف وٽ مان ان جو آھي جيڪو سنگ ۾ رھي سونھون بڻجي.
جياسون جوڙ ٿي، جوڳي لاٿو جار
سندو پورب پار، آڇيائين انڌن کي.
سنگ ۾ رھجي ته سونھون بڻجي ڏک کي طاقت ۾ بدلائي جاکوڙ جو رستو ڏيکاري، ڪنھن کي؟ اڄاڻ کي، بي سمجهه کي. اھڙي رھبر جي سماج ۽ سنسار کي ضرورت آھي ۽ اھڙي ئي رھبر جو مان لطيف وٽ مٿاھون آھي. لطيف اھڙي ئي رھبر، سونھين، غم کي طاقت ۾ تبديل ڪندڙ کي سماج جي سنوار جو محرڪ ۽ وسيلو سمجھي ٿو.
سنڌ کي به ھن وقت اھڙي ئي سونھين، رھبر، جوڳي جي ضرورت آھي، جيڪي رڪ رھن راند.
لطيف چئي ٿو سنڌ کي انھن جوڌن، رھبرن، مانجھين، سونھن جي ضرورت آھي، جيڪي:
ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ،ايءُ مانجھيائي مرڪ
وجھن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾
جيڪي سچي پچي تصوير ھجن، اھڙا ڪردار ئي سماج، سنڌ ۽ سنسار کي سورن کان آجو ڪرائي سگھن ٿا، اھڙا ئي ڪردار مظلوم کي سڏي، جاڳائي، جاکوڙ ڪرائي، غمن کي غرق ڪري ڀائيچارو ۽ برابري آڻي سگھن ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *