تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

جوهي کي پاڻي ڏيو: سوشل ميڊيا تي مهم

جوهي کي زرعي ۽ پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، جوهي نيڊس واٽر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن حصو ورتو، ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي جي اين کوسو لکيو ته هر سال جوهي کي تڙپائي تڙپائي طويل جدوجهد کانپوءِ پاڻي ڏيڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي، عابد لاشاري لکيو ته جوهي کي پاڻي ڏنو وڃي، محمد بخش ٻٻر لکيو ته جوهي کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي، ندا ٻٻر پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڻي جو وڏو مسئلو آهي جيڪو سالن کان حل ناهي ڪيو ويو، چونڊيل نمائند کي اپيل آهي ته اسان اوهان کان نوڪريون نٿا گهريون، پاڻي اسان جو بنيادي حق آهي جيڪو ڏنو وڃي، ايان بلوچ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته 12 سالن کان جوهي شهر ۾ پاڻي جو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي، ايم اين اي ۽ ايم پي اي گهر ستا پيا آهن ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي، سدائين ووٽ لاءِ اچن ٿا ته اسان آجيان ڪريون جنهن جي ئي سزا ڏني پئي وڃي، پاڻي چورن خلاف حساب ڪتاب وٺڻو پوندو، هتان جا ماڻهو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. زاهد روشن سڪل شاخ جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته جوهي جا رئيس سردار چونڊيل نمائندا وڏين گاڏين ۾ ايندي ويندي هتان رستي ۾ هن شاخ کي ضرور ڏسندا هوندا پوءِ به انهن کي ڪو احساس نٿو ٿئي؟، ممتاز جمالي لکيو ته جوهي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ هارين ۽ آبادگارن کي قتل ڪرڻ برابر آهي. زاهد چنا چيو ته پاڻي جو مسئلو ايترو پراڻو آهي جو هتان جو ٻچو ٻچو اهو نعرا هڻي رهيو آهي ته جوهي کي پاڻي ڏيو، هتان جا ننڍا ٻار هجن يا وڏا سڀني جي ذهنن ۽ واتن تي اهي لفظ هجن ٿا ته پاڻي ڏيو. سدائين اهي رڙيون رهيون آهن ته پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو پر چونڊيل نمائندا پاڻي نه ڏئي رهيا آهن.عبدالسليم ٻٻر، ايڇ بي جمالي، زاهد روشن، عبدالستار لاشاري، جان محمد گاڏهي، هاشم ڏاهري، ايوب لغاري،ارسلان پيرزاده، ايوب لغاري، ارشاد گاڏهي، سمير راز، محمد عمر، امان برهماڻي، مير فيصل، قلندر شاهه رودناڻي، اسلم ملاح، امان سومرو، رفيق ثمر، عامر خان مرکنڊ، آفاق احمد بلوچ ۽ ٻين پڻ جوهي کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.ميان داد برهماڻي لکيو ته جوهي کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو، جوهي کي فصلن لاءِ پاڻي ڏيو، اي بي سومرو جوهي کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي لکيو ته پاڻي لاءِ هاڻي به جوهي سميت ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪرڻ جي ضرورت آهي. حيدر سنڌي لکيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر جوهي جي پاڻي جو مسئلو ٻري اٿيو آهي، جيتوڻيڪ جوهي ۾ زرعي پاڻي جو مسئلو ڪو نئو ناهي پر هي مسئلو زور صرف ان وقت وٺندو آهي جڏهن اليڪشن جي مند ويجهو ايندي آهي، کيس جواب ڏيندي امجد برهماڻي لکيو ته پاڻي گهرون پيا ته چئو ٿا ته سياست پيا ڪريون، باقي 15 سالن کان چونڊيل نمائندن پاڻي جي مسئلي تي ڇا ڪيو آهي؟افضل بروهي لکيو ته چونڊيل نمائندا پنهنجا فيصل تيار ڪرائن ٿا پرٻين کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، پاڻي چوري ٿي رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *