تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جوهي تعلقي ۾ ٽوڙ واري جنگ …عزيز ڪنگراڻي

ٽوڙ واري جنگ کي اڪثر تاريخن ۾ کوڙ يا کوڙ واري جنگ لکيو ويو آهي جيڪا مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 1699ع ڌاري موجده سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ گاج نديءَ جي ڪناري ٽوڙ واري ڳوٺ ڀرسان لڳي ٽوڙ نالي جو آچار فارسي ٻوليءَ ۾ مورخن بگاڙي کور لکيو ۽ جنهن جي تڪليد ۾ انگريزي ٻولي،اردو ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيل تايخن ۾ به کور (کوڙ) نالو درج ڪيو. اصل ۾ اهو ٽوڙ آهي جنهن کي هاڻ يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. مغلن ڪلهوڙن کان خراج وصول ڪرڻ چاهيو جنهن جي انڪار تي مغلن دور ۾ تڏهوڪي ملتان ۽ لاهور جي گورنر شهزادو محمد معزالدين لشڪر وٺي سنڌ ڪاهي آيو ته ميان دين محمد ڪلهوڙو جيڪو پنهنجي پيءُ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي 1692ع ۾ وفات کان پوءِ گادي نشين ٿيو هو تنهن پنهنجي ماڻهن قاسم ۽ ڪمال کي ٺاھ لاءِ شهزادي موڪليو ۽ ٺاھه ڪندي خراج قبول ڪيو. مغل فوج واپس ٿي ته شاھه ٻهارو جي ڀاءُ مقصودي مغلن تي حملو ڪيو ته شهزادي مڇرجي ڳوٺ ڳاڙهي تي حملو ڪيو ۽ ڪلهوڙن کي ڪٽنب سميت گرفتار ڪرڻ چاهيو پر ميان يار محمد ڪلهوڙو فوج گڏ ڪري گاج ڪناري مغل فوج جو مقابلو ڪيو. سخت جنگ لڳي ۽ رتو ڇاڻ ٿي. تحفتہ الڪرام موجب وڏي خونريزي ٿي ۽ علائقو رت جي ريج ۾ ٻُڏي ويو. ساڳو ورجاءُ ٻين تاريخن به ڪيو آهي ته علي احمد بروهي پڻ ٽامب اسٽونس ان سنڌ بلوچستان ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
پروفيسر عبدالله مگسي هن کي کوڙ جو قبرستان لکيو آهي جنهن جي تڪليد ۾ مون به ڪاڇو هڪ اڀياس ڪتاب ۾ ساڳي ڳالھ لکي آهي پر مون گهڻي غور ويچار ۽ تحقيق جي روشني ۾ پنهنجي ڪتاب هسٽري آن وال ۾ هن جنگ کي ٽوڙ ڳوٺ وٽ جنگ لکيو آهي. مون قياس آرائي ڪئي آهي ته مير الهيار خان ٽالپر اول جي مقبري جي ديوار تي توڙي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ هڪ مقبري جي ديوار تي ٽوڙ واري جنگ جا منظر چٽيل آهن. هن جنگ ۾ مغل ڪمانڊر راجا گج سنگهھ ڀٽي، سورجمل اُڌيپوري ۽ راجا اُڌي سنگهھ ماريا ويا ۽ ڪلهوڙن جي جنرلن ۾ تاجو ليکي اول، جادو فقير ۽ ٻين جان جا نذرانا ڏنا. مغلن جي فتح ٿي. ميان دين محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ کيس 28 ساٿين سان گڏ ملتان جيل ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات هليو ويو. ڪجھ سالن کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ موٽيو ۽ قوت سهيڙي ڪلهوڙن جي حڪمراني جو 1718ع ۾ پايو رکيائين ۽ خدآباد کي تخت گاھه بڻايائين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *