تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

جوزي سارا ميگو جو ناول انڌپڻي Blindness … امداد سولنگي

جڳ مشھور ناول نگار جوزي ساراميگو جو اباڻو وطن پورچوگال آھي.جتي ھو 16 نومبر 1922 ڌاري ڄائو ھو.پورچگال ڏکڻ اولھه يورپ جو اھم ملڪ آھي.پورچوگال جي ڏاکڻي اولھندي پاسي کان دنيا جي ٻئي نمبر وڏي سمنڊ بحر اوقيانوس جو لنگھه آھي جڏھن ته اترئين ۽ ڏاکڻي پاسي کان وري اسپين/اندلس جي گجندڙ تاريخ وڇايل آھي. جوزي سارا ميگو کي سندس لکڻين خاص ڪري سندس اھم ناول انڌپڻي/Blindness جي ڪري 1998 ڌاري نوبل انعام سان نوازيو ويو. ويھين صدي جي اھم آمريڪي نقاد ھيرالڊ بلوم جوزي سارا ميگو جي تخليقي حيثيت جي حوالي سان لکيو ھو ته جوزي ساري ميگو ويھين صدي جو تمام وڏو ڀاڳوند ليکڪ آھي جنھن پنھنجي عظيم تخليقي ڪم جي ڪري Western Canon ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز جلد ماڻي ورتو ھو.ھڪ ٻئي نقاد جيمس ووڊ پڻ جوزي سارا ميگو لاءِ لکيو ته جوزي سارا ميگو جي ناولن جي ٻولي ڏاڍي مختلف آھي ڇو ته ھن ڪڏھن به پنھنجي ڪردارن مٿان پنھنجي وجود کي ناھي ٿافيو ۽ ھن وڌيڪ چيو ته جوزي سارا ميگو دنيا جي انھن ٿورڙن ليکڪن مان آھي جيڪي پنھنجا ڪردار اڻ واقف ٿي تحرير ڪندا آھن .جوزي سارا ميگو جي نصيب ۾ اھا ڪاميابي پڻ آيل آھي ته سندس ڪتابن جون اباڻي وطن ۾ اٿندي ئي ٻن ملين کان مٿي ڪاپيون وڪاميون ھيون. جيڪو ھڪ حوالي کان تمام ڏو رڪارڊ شمار ڪيو ويو.جوزي سارا ميگو جي لکڻين کي ھيل تائين دنيا جي لڳ ڀڳ 25 ٻولين ۾ پنھنجايو ويو آھي.
ساره ميگو مرڻ گھڙي تائين پورچوگال جي اشتراڪي پارٽي جو ميمبر رھيو ۽ سڄي عمر آزاد اشراڪيت جي حمايت ڪندو رھيو. جوزي سارا ميگو پنھنجي لکڻين ۾ ھميشه بين القوامي مالياتي فند، ڪيٿولڪ چرچ ۽ يورپين يونين جي عوام دشمن پاليسين جي وڏي کل لاٿي آھي. ھو پاڻ کي مڪمل دھريو ۽ محبت کي انسان جو ازلي ورثو سمجھندو ھو.جنھنڪري پورچوگال جي سرڪار ھميشه ھن کي پنھنجي مخالفن ۾ شمار ڪندي رھندي ھئي جڏھن ته ھن جي ھڪ اھم ناول( The Gospel According to Jesus Christ )کي ھڪ معتبر ادبي انعام سان نوازيو پئي ويو ته پورچوگال جي نام نھاد سرڪار انعام ڏيندڙ اداري کي سرڪاري حڪم جاري ڪري انعام ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏھن ڪنھن نشرياتي اداري پورچوگال جي حڪومت کان ان غلط عمل تي پڇاڻو ڪيو ته حڪومت اھو موقف ڏنو ته مذڪوره ناول ۾ عيسائيت جي بنيادي عقيدن کي مسخ ڪري پيش ڪيو آھي.اڳتي ھلي پورچوگال جي نام نھاد سرڪار ھن عظيم ليکڪ جي لکڻين مٿان سخت پابنديون مڙھي ڇڏيون ته جوزي سارا ميگو کي پنھنجي وطن پورچوگال کي ڇڏڻ جو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پئجي ويو ۽ جنھنڪري ھن وطن کان پري وڃي اسپين جي ھڪ ٻيٽ Lanzrote پناھ ورتي ۽ زندگي جي آخري پساھن تائين ان ٻيٽ تي رھيو..
جوزي سارا ميگو 18جون 2010 تي ھن دنيا کي آخري دفعو ڏسڻ کان پوءِ ھميشه لاءِ جسماني طرح موڪلايو.سندس تخيليقي ڪم تمام وڏو تناظر رکي ٿو. پر ھن مختصر ليک ۾ مان جوزي سارا ميگو جي اھم ناول انڌپڻي /Blindness تي ويچار ونڍي رھيو آھيان.سندس ھي ناول اھم ناول آھي ڇو ته اھو اھو ناول ھو جنھن جي پڙاڏي نوبل انعام ڏيڻ واري ڪاميٽي کي مجبور ڪيو ته جوزي سارا ميگو کي ان وڏي ادبي اعزاز سان نوازيو وڃي.آخرڪار نوبل ڪاميٽي وڏي غور ويچار کان پوءِ اھو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ ھن کي نوبل انعام سان نوازيو ويو..جوزي سارا ميگو جي سمورن ناولن مان انڌپڻو سندس سڀ کان وڌيڪ مشھور ناول آھي جنھن کي تمام وڏا پاٺڪ مليا.ھن ناول جي ڪھاڻي اوچتو آيل ھڪ وبا /انڌپڻي جي بيماري جي چوڌاري گھمي ٿي. جيڪا سموري شھر کي وڪوڙي ٿي وڃي جنھنڪري ھڪ وڏو الميو جنم وٺي ٿو. ناول جا مکيه ڪردار جن کي بيماري وڪوڙي ۽ نيستو ٿي ڪري اھي آھن ڊاڪٽر ۽ ان جي زال، مريض ۽ ٻيا ڪجھه ماڻھو .انھن سمورن کي ھڪڙي گڏيل قرنطينا ۾ واڙيو وڃي ٿو جتي اھي خاندان وانگر رھندي جيئڻ جا جتن شروع ڪن ٿا. ناول جو پھريون حصو سمورن ڪردارن جي قرنطينا ۾ گڏجي رھڻ واري ڀيانڪ زندگي جو خاڪو چٽي ٿو. قرنطينا ۾ رھندڙ مريض ڪھڙا ڪھڙا ڏک ڏسن ٿا اھو ھن ناول جو اھم موضوع آھي.زندگي سان لاڳاپيل بنيادي ضرورتن جي کوٽ سان ڪردارا وڙھندي ڏيکاريل آھن . کاڌ خوراڪ ورهائڻ وقت اڪثر ڪھڙيون بي مانيون ٿينديون آھن ناول جو موضوع انھن ڀيانڪ حقيقتن تان پردو پڻ کڻي ٿو جيڪو عملو قرنطينا جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل آھي سو به مريضن سان وڏيون جٺون ٿو ڪري ۽ آخر ۾ اھو عملو به ان وبا ۾ وٺجي ٿو وڃي فوج ماڻھن کي دوائن تائين رسائي نٿي ڏئي جنھنڪري نڍي کان ننڍي بيماري وبا بڻجي ٿي وڃي. ھڪ موقعي تي کاڌي وٺڻ واري موقعي تي گور ٿيڻ ڪري فوج گولين جا منھن کولي ٿي ڇڏي جنھنڪري ڪيترا ئي ماڻھو مري ٿا وڃن صورتحال اڃان وڌيڪ تڏھن خراب ٿي وڃي ٿي جڏھن فوج ڪنٽرول سنڀالي ماڻھن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ٿي ناول ۾ ڪيترا ئي ريپ جا واقعا به ڏيکاريا ويا آھن.آخر ۾ مريض فوج جي زيادتين کان تنگ ٿي قرنطينا کي باھه ڏيڻ کان پوءِ ساڙي رک ٿا ڪن ۽ ماڻھن جي پاڻ ۾ ويڙھ شروع ٿي وڃي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *