تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

جهوناڳڙهه جو پاڪستان سان انضمام جو فيصلو نواب جو نه شاهنواز ڀٽو جو هو! … تحرير : شڪيل اختر سنڌيڪار : اعظم ڀٽي

برصغير جي ورهاڱي وقت اهڙيون ڪيتريون ئي رياستون هيون ، جتي نوابن جون حڪومتون هيون، اهڙي ئي هڪڙي رياست گجرات جي ڏکڻ اولهه ساحلي علائقي ۾ واقع جهونا ڳڙهه هئي . رياست جهوناڳڙهه سلطنت مغليه جي جرنيلن قائم ڪئي هئي ، جنهنکي باب نواب به چيو ويندو هو، انهن نوابن رياست جي هندو مندرن ۽ مڙهين کي وڏيون وڏيون جاگيرون ڏنيون ۽ انهن جي مالي مدد پڻ ڪئي. ان وڏي ۽ خوشحال رياست جي اسي سيڪڙو آبادي هندن جي هئي پر رياست جي نواب انديا جي برعڪس پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. مقامي بزرگن ۽ علائقي جي مؤرخن جو چوڻ آهي ته نواب محمد مهابت خان (ٽئين) رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو پنهنجي ديوان شاهنواز ڀٽو جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيو هو. شاهنواز ڀٽو پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو والد هو ۽ عارضي طور تي نواب جو ديوان مقرر ٿيل هو . پنجاسي ساله مؤرخ هريش شمڀو پرساد ديسائي جو والد نواب آف جهونا ڳڙهه جو روينيو ڪمشنر هو، ان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي تي ماڻهو حيران ٿي ويا هئا، عوام صدمي ۾ اچي وئي هئي . ڇو ته نواب کي ماڻهو جنهن طريقي سان سڃاڻندا هئا ، هو بلڪل حال اورڻ وارو ڪونه هو. پاڪستان سان ملڻ جو ڪو به سبب ڪونه هو، جعغرافيائي لحاظ سان پاڪستان اتان کان تمام گهڻو پري هو. ڪو به فضائي رابطو نه هو ،ان جو ڪنهن به طرح سان پاڪستان ملڻ ممڪن نه هو، پر پوءِ به نواب اهڙو ڪو فيصلو ڪري سو ماڻهن کي منظور نه هو.
هريش ديسائي ٻُڌائي ٿو ته پاڪستان سان انضمام جي اعلان کانپوءِ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو وڏو فساد برپا نه ٿيو پر ماڻهن تي اهڙي پريشاني طاري ٿي وئي جو هڪ وقت اهڙو آيو جيڪي سرڪاري ملازم هئا ، جيڪي پوڙها هئا ، جيڪي ڪيڏانهن وڃي نٿي سگهيا ، انهن کانسواءِ پُورو جهونا ڳڙهه خالي ٿي ويو. ٻهراڙين جي ماڻهن پنهنجي گهر وارن کي ٻين رياستن ۾ موڪلي ڇڏيو، انهن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو نواب جو نه پر ان جي عارضي ديوان شاهنواز ڀٽو جو هو . شاهنواز ڀُٽي، نواب مهابت خان کي عملي طور نظربند ڪري ڇڏيو هو ، فيصلي کانپوءِ کيس ڪنهن سان به ملڻ نه ڏنو ويو، ڄام نگر جو مهاراجه “ دگ وجي ” ان جو تمام ويجهو ساٿي هو ، ان نواب سان ملڻ جي ڪوشس ڪئي پر ان کي به ملڻ نه ڏنو ويو. غلام رسول خان يوسفزئي ان وقت پندرهن سالن جو هو، جنهن ان وقت جا منظر ياد ڪندي ٻُڌايو ته : “ هر طرف افراتفري متل هئي ، خوف جو ماحول ڇانيل هو. ڪو به گهر کان ٻاهر نٿي نڪتو، سڀ ماڻهو گهرن ۾ ويٺل هئا.” ان جو به چوڻ آهي ته “ پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو نواب مهابت خان جو نه هو. دنيا چوي ٿي ته شاهنواز ڀٽي ان کي ورغلايو، ڀُٽو صاحب ان کي پاڪستان وٺي ويو . اسان ان وقت ناسمجهه هئاسين پر والد صاحب ۽ سڀ ماڻهو اهو ئي چون ٿا ته ڀُٽي جي چوڻ تي هو پاڪستان ويو .” خيال رهي ته نواب مهابت خان ان افراتفري دؤران پنهنجي زالن ۽ ٻارن سان گڏ هڪ ڊڪوٽا طياري ذريعي پاڪستان هليو ويو ۽ پوءِ ڪڏهن به واپس نه آيو. ان جي خاندان جا ٻيا ماڻهو به پاڪستان، امريڪا ۽ يورپ منتقل ٿي ويا، بس ڪجهه پري جا رشتيدار باقي بچيا هئا جيڪي الڳ الڳ هنڌن تي آباد ٿي ويا.
آزاديءَ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ رياست کي انڊيا ۾ باضابطه طور ضم ڪيو ويو هو ۽ جهونا ڳڙهه جو نئون نسل ان ڳالهه تي خوش هو ته هي خطو پاڪستان ۾ شامل نه ٿي سگهيو. چراغ ونود ڀائي ٺڪرار چوي ٿو ته “جيڪڏهن جهوناڳڙهه پاڪستان ۾ هليو وڃي ها ته هتي جو ثقافتي ورثو مِٽجي وڃي ها . هِتي ٻه هزار سال پُراڻيون ٻُڌ جون غارون آهن ، شهنشاهه اشوڪ جا قديم ٿنڀا آهن ، مقدس سدرشن تلاءُ آهي ، هي سڀ ختم ٿي وڃن ها .” قانون جي هڪ نوجوان ليڪچرار شائسته کوکر به انڊيا ۾ رهڻ تي خوش هئي، جنهن جو خيال هو ته “پاڪستان جي باري ۾ ٻُڌون ٿا ته اتي ڇوڪرين تي ڪيتريون ئي پابنديون آهن ، جيڪڏهن اسان اتي هجون ها ته اسان اهو گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهون ها، جيڪو هتي ڪري سگهون ٿا.” آزاديءَ جي وقت پاڪستان سان گڏ رهڻ جي فيصلي جو هندن ۽ مسلمانن جي لاڳاپن تي ڪڏهن به ڪو منفي اثر نه پيو. چراغ چوي ٿو ته “ هِتي ڪير به اهو ڪونه ٿو سوچي ته اهو فيصلو هندن ڪيو هو يا مسلمانن” . آزاديءَ کان پهرين به هندو ۽ مسلمان گڏ گڏ رهندا آيا هئا ۽ اهو ئي ڪلچر اڄ به آهي . جهوناڳڙهه، هندو مسلم ثقافت جو مجموعو آهي .
مقامي صحافي حنيف کوکر چوي ٿو ته “هِتي جا ماڻهو اهو ئي سوچين ٿا ته پاڪستان سان انضمام جو فيصلو غلط هو ۽ اهو فيصلو نواب مهابت خان جو نه هو” . اڄ به ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن نواب هتي رهي پوي ها ته تمام گهڻي عزت سان رهي ها . اڄ جي نسل تي ان واقعي جو ڪو به منفي اثر ناهي. جهونا ڳڙهه هينئر گجرات جو سڀ کان وڏو سياحتي مرڪز آهي . نواب جو محل، مهمان خانو، ۽ شاهنواز ڀُٽي جي رهائشگاهه هاڻي ميوزيم ۽ سرڪاري آفيسن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهن کي ورهاڱي کان پهرين جي پنهنجي گڏيل وراثت تي فخر آهي. هر جاءِ تي خُوبصورت مقبره ۽ عاليشان عمارتون جهونا ڳڙهه جي خوشحالي، شان ۽ شوڪت جو ڏس ڏين ٿا. ماضيءَ جون هي خوبصورت عمارتون ۽ مقبره، هتان جي نوابن ۽ تاريخ جي ياد ڏيارين ٿا پر ورهاڱي جي ستر ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان سان جهونا ڳڙهه جي انضمام جون يادون ، هاڻي تاريخ ۾ ڪٿي گُم ٿي چڪيون آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *