تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جنم ڏينهن جي نسبت سان …”درد، رنگن ۽ امنگن جي شاعره ثمينه واحد“ …منتظر گولو

اڳي گهڻو اڳي جڏهن آواز (رڙين ۽ اشارن ) ۾ قيد هئا ۽ جڏهن لکت تصويرن جي صورت ۾ هئي. تڏهن به ڪجھه ماڻهو اهڙا هئا جن گلابن کي سڃاتو، جن پوپٽن جي دل کي ڌڙڪندي محسوس ڪيو، اڄ جو دؤر به مابعد جديديت جو دؤر آهي، هر ماڻهو مارڪيٽ جو وکر ٿي پيو آهي، احساس جي ڳالھه ڪرڻ ايئن آهي، ڄڻ لوڪ کي پنهنجو پاڻ تي کلائڻ، تنهن هوندي به ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ ماڻهو جي ڳالھه آهي، جن وٽ درد ۽ تڪليف کي لفظن ۾ پوئي جادوئي اظهار جو طريقو آهي.فنون لطيفه ۾ شاعري جو فن بنھه منفرد آهي، شاعري اظهار جو اهو موزون ذريعو آهي جنهن جو تعلق سڌو سنئون دل سان آهي، سنڌ ڌرتي جو هي ڀاڳ آهي جو هن جي ذرخيز مٽي شاعرن ۽ شاعرائن سان ڀريل آهي. ثمينه واحد سنڌي ٻولي جي اها شاعره آهي، جنهن جي دل جي تنها حويلي ۾ نظم ابابيلن جيان رهن ٿا. مان سمجهان ٿو ثمينه واحد جڏهن به لکيو آهي ڇرڪي لکيو آهي، هن هميشه حيرتن ۾ رهي لکيو آهي،ڇاڪاڻ ته هن وٽ زندگي حيرتن جي غار منجهان روشن سج جو شعاع آهي. هن وٽ موت جهڙي سماج ۾ جيئندڙ زندگي لاءِ امنگن جو هجڻ ڄڻ آڪسيجن آهي.سندس نظمن منجهان زندگي جي رجحانن کي پرکي سگهجي ٿو
نظم
زندگي هلي ٿي رڪي ته ناهي
رات پويان صبح جا نقش اڀرن ٿا
توڙي جو
پيرن جا نشان واري تي
لٽجي ويا آهن
پر مسافر نوان
روز ايندا رهن ٿا….
دک جي برسات
ها اڃا هلي ٿي پئي…
پر اس به اوس
دل تي لهندي ضرور…..
ثمينه واحد ڪيتري نه سلاست سان زندگي جي سفر ۽ اميدن جي ڳالھه ڪئي آهي جڏهن به نظم ۾ ڪا ڳالھه ڪري ٿي ته هڪ اتساھ جي ڊگهي لڪير دل جي مٿان ڇڪي وڃي ٿي، ڇو ته هو سمجهي ٿي هن بي دلي سماج ۾ رهڻ لاءِ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ به اتساھ پيدا ڪرڻو پوندو، فطرت جي تمام ويجهو رهندڙ شاعره آهي هن جي تصور جا هٿ هڪ ئي وقت سمنڊ ۽ چنڊ، تي برابر جا رهن ٿا. هن نه رڳو سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي جذبن کي اظهاريو آهي، پر هن اردو نظم ۾ به پاڻ ملهايو آهي، هن جا اردو نظم پنهنجي فني ۽ فڪري حوالي سان بنھه سگهارا ۽ منفرد آهن…
اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي ڏک سور ته ڄڻ گهر جا ڀاتي هجن ٿا. هن غزل ۾ ثمينه پڻ ساڳي سماجي درد کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏاڍي نفيس انداز سان جدوجهد لاءِ به همٿائي ٿي هو پنهنجي شاعري ۾ هڪ ئي وقت سهڻي، سسئي ۽ مارئي آهي ڇوته هن وٽ بيباڪي، بهادري، درد ۽ وطن دوستي جا سڀ گڻ ملن ٿا. ثمينه واحد جو ايندڙ پهريون شعري مجموعو ”ڀرندڙ لفظ“ نه فقط سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو واڌارو آهي، بلڪه اميد ڪجي ٿي ته سندس ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ جدا جاءِ ولاريندو..

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *