تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

جنتر منتر … عتيق انور صديقي/ ڊاڪٽر نواز علي شوق

هندوستان جي گاڌي واري شهر دهلي جي مصروف ترين علائقي ۽ مشهور ڪناٽ پيلس ۾ جديد طرز جي ٺهيل عمارتن جي وچ ۾ اڄ کان اٽڪل ٻه سئو سال پراڻي قديم آثارن جي هڪ عمارت آهي، جيڪا گول ۽ خوبصورت انداز ۾ ٺهيل آهي ان کي اڄ به جنتر منتر سڏيو وڃي ٿو. هي هڪ فلڪياتي اوزار آهي جيڪو رسد گاهه طور استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو سن 1699ع کان سن 1743ع جي عرصي ۾ جئپور شهر جي باني مهاراجا جي سنگهه ٺهرايو هو. اهو راجا پنهنجي دور ۾ هڪ وڏو معمار ۽ فلڪيات جي فن جو وڏو ڄاڻو هو، اهو مغل دور حڪومت جو زمانو هو، ان وقت دهلي جي تخت تي محمد شاهه بادشاهه برجمان هو، جنهن جي فرمائش تي مهاراجا جي سنگهه تارن، سيارن ۽ علم نجوم جي خاطر خواهه معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جنتر منتر نالي هڪ رسد گاهه دهلي ۾ ڍحرائي هئي، اندازن ستن سالن جي لڳاتار محنت ۽ ذاتي دلچسپي سبب هي رسد گاهه جڙي راس ٿي هئي.
جي سنگهه پهريائين ملڪ جا سڀ مشهور عالم هڪ هنڌ گڏ ڪيا پوءِ انهن کي علم نجوم بابت معقول معلومات ڏني، تارن ۽ فلڪيات جي اثرن ۽ ان جي عمل بابت مواد گڏ ڪيو ويو، چنڊ، سچ ۽ ٻين سيارن جي چرپر جو علم حاصل ڪيو ويو، اهو سمورو تفصيل ڄاڻڻ کانپوءِ دهلي ۾ ان رسد گاهه جو بنياد رکيو ويو، چيو وڃي ٿو ته محمد شاهه بادشاهه جي حڪم سان جي سنگهه 1724ع ۾ جنتر منتر جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو ، ان زماني ۾ ان سام ملندڙ جلندڙ ڪي ٻيون رسد گاهون به ٺهرايون ويون جيڪي جئپور، اجين، دارانسي ۽ مٿرا ۾ ٺهرايون ويون، دهلي جي تاريخ ۽ اتان جي عمارتن جو ذڪر ڪندي “ سيرالمنازل” جي مصنف لکيو آهي ته: مهاراجا جي سنگهه پهريائين پتل جو هڪ وڏو اوزار ٺاهيو، جنهن جي ذريعي هن فلڪيات جو علم سمجهڻ ۾ مدد حاصل ڪئي، ان کانپوءِ ان جي مدد سان هن اها عمارت تيار ڪرائي، ته جيئن ان وقت جي گادي واري هنڌ شاهه جهان آباد ۾ ان رسد گاهه جي ملڪ کان ٻاهر به مشهوري ٿئي، ۽ ماڻحو هڪ عجيب و غريب ۽ بي مثال فن تعمير جي حيثيت ۾ به ان کي ياد ڪندا رهن. ان احاطي جي عمارتن جو نالو هن جي پرڪاش ۽ رام نيتر کان علاوا سمراٽ نيتر پڻ رکيو.
اها رسد گاهه دراصل هندوستان جي ان قديم علم نجوم سان تعلق رکي ٿي جنهن جو ذڪر قديم هندوستان جي سنسڪرت جي ڪتابن ۾ بار بار ملي ٿو، هونئن ته هي عمارت پٿرن، سرن، چوني ۽ گاري سان ٺهيل آهي پر ان جي ڏنگي ڦڏي نموني ٺهيل عمارت ۾ اقليدس واري فن جي ذريعي وقت ، موسم ۽ سج چنڊ جي گردشن جو پورو حساب لڳائي سگهجي ٿو، ان زماني ۾ وقت ۽ موسم معلوم ڪرڻ جو ڪو اوزار موجود نه هو، ان جنتر منتر ذريعي اهي سڀ ڳالهيون سمجهي سگهبيون هيون، اهو هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن جي ذريعي هن فن جا ڄاڻو هن رسد گاهه مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هن جنتر منتر جي اڏاوت کانپوءِ باقاعدي رسد گاهه کي ڄاتو ۽ سمجهيو ويو ۽ ان مان ڪم ورتو ويو، بادشاهه کي به ان سان گهڻي دلچسپي هئي، هو وقت بوقت ان جي ذريعي موسم جو حال معلوم ڪندو رهندو هو، هن عمارت کي هندوستاني تاريخ جي قديم آثارن ۾ هڪ انفرادي حيثيت حاصل آهي، جيڪا نه صرف فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي پر سائنس ۽ علم نجوم جو هڪ يادگار پڻ آهي.
مغربي مورخن ۽ علم فلڪيات جي عالمن لاءِ هي هڪ مثالي عمارت آهي، اها عمارت ڏسڻ لاءِ مختلف ملڪن جا ماڻهو اچن ٿا ۽ هي عمارت ڏسي دنگ رهجي وڃن ٿا، آخري مغليه دور ۾ جڏهن هن ملڪ تي حملا ٿي رهيا هئا ۽ پورو ملڪ افراتفري ۾ هو سمورا اڏاوتي ڪم بند ٿي چڪا هئا، ان زماني ۾ مهاراجا جي سنگهه جو هي هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جو هن وڏي ذميواري ۽ هوشياري سان هي عجيب و غريب عمارت تيار ڪرائي، هن جنتر منتر جي چوديواري ۾ جيڪي خاص رسد گاهون آهن تن جا نالا آهن.
سمراٽ نيتر: هي هتي جي هڪ اهم ۽ نمايان عمارت آهي، جيڪا تمام خوبصورت آهي ۽ ٽڪنڊي نموني ٺهيل آهي، هي هڪ خط استوا وانگر آهي، جنهن تي ڪيتريون ئي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جن جي ذريعي سج جي گردش جي آڌار تي وقت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هي عمارت ان ريت اڏي وئي آهي، جو ان جي ذريعي هڪ سيڪنڊ جو به حساب لڳائي سگهجي ٿو، گڏوگڏ ان تي ٺهيل نشانن جي ذريعي سيارن جي چرپر ۽ انهن جو اثر به معلوم ٿي وڃي ٿو.
جي پرڪاش نيتر: هي سمراٽ نيتر جي ڏکڻ ۾ آهي هن ۾ هڪ اهڙو اوزار رکيل آهي، جنهن جي ذريعي سج جي گرمي جو درجو ۽ ٻين سيارن جي گردش معلوم ڪري سگهجي ٿي، اهو اوزار انهن ڳالهين جي ڄاڻ ڏئي ٿو ته ڪهڙو سيارو ڪهڙي برج ۾ آهي، علم نجوم جا ڄاڻو ۽ ماهر فلڪيات سيارن جي لڳاتار چرپر ذريعي پنهنجي زندگي ۽ ڪن ٻين جي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.
رام نيتر: هي عمارت چوديواري جي ڏاکڻي حدن ۾ آهي، جيڪا هڪ گول دائري وانگر عمارتن تي مشتمل آهي، انهن مان هر عمارت جي وچ ۾ هڪ وڏو ٿنڀو ٺهيل آهي، ان جي ڀت تي ٺهيل ٽڪنڊا ۽ چنبڙيل نموني جا نشان خط استوا جي طرفن کان گردش ڪرڻ وارن سيارن بابت معلومات ڏين ٿا جن مان انساني زندگي تي ٿيندڙ اثرن جي به ڄاڻ ملي ٿي، اصل ۾ هر انسان جي جنم جي حوالي سان هر سياري جو سندس زندگي سان گهرو تعلق هوندو آهي، سندس زندگي ۾ پيش ايندڙ سٺن يا خراب حالتن جو ناتو ان سياري سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري رام نيتر جي ذريعي انسان جي انفرادي سياري جا اثر سمجهي سگهجن ٿا.
مشرا نيتر: هي عمارت اتر ۾ آهي، جتي چار رسد گاهون لڳو لڳ ٺهيل آهن، جن تي ٺهيل نشانن جي ذريعي سج جي گردش جي ڄاڻ ملي وڃي ٿي، يورپ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪهڙي وقت منجهند ٿئي ٿي، اها معلومات ملي وڃي ٿي، اهڙي ريت جپان ۽ بحرالڪاهل ۾ پڻ ٻن پهرن جو اندازو دهلي جي ان رسد گاهه ذريعي لڳائي سگهجي ٿو،
اڄ به دهلي جي ان جنتر منتر ۾ مذڪورا سڀ عمارتون آرڪيالوجيڪل سروي آف انڊيا جي زيرنگراني موجود آهن، جن جي سهڻي نموني سار سنڀار ڪئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هند سرڪار ان کي پنهنجو قومي سرمايو سمجهي ٿي، تنهنڪري اها بربادي کان بچي ويون آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *