تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جعلي ڊوميسائيل جي ڌنڌي کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت

جيڪو ڪم دنيا جي ڪنهن به اداري ۾ نه ٿيندو هجي، اهو اسان جي ملڪ سميت خاص طور سنڌ جي سرڪاري توڙي ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ آساني سان ٿي ويندو آهي، پوءِ اهي جعلي نوڪرين جا آڊر هجن، يا جعلي ڊگريون هجن يا واري جعلي سرٽيفڪيٽ ڇو نه هجن، يا وري يونيورسٽين توڙي ڪاليجن جي بورڊز ۾  مارڪون توڙي جعلي مارڪ شيٽس ڇو نه هجن سڀ سستي اگهه تي دستياب هونديون آهن. هي سڀ ايئن وڪرو ٿينديون آهن، جيئن اوهان ڪنهن ڀڳڙن جي گاڏن تان بغير ڪنهن خوف جي ڀڳڙا خريد ڪري رهي هجو. تازو ئي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جعلي ڊوميسائيل وارو مامرو باهه وانگر ڀڙڪي پيو آهي ۽ اسان سڀ هاڻ جاڳي پيا آهيون. هي معاملو ڪو نئون ناهي پر شايد اسان کي شعور ۽ سوچ هاڻي آئي آهي ته هي به هڪ مورچو آهي جتي سنڌ جي شاگردن سان نه رڳو نوڪرين ۽ ڪميشن ۾ ويساهه گهاتي پئي ٿئي پر سنڌ جي شاگردن سان جعلي ڊوميسائيل جي بنيادن تي سنڌ جي يونيورسٽن ۾ ميڊيڪل توڙي انجنيئرنگ وارين سيٽن تي به ڌاڙا پيا لڳن. سنڌ جي سمورين يونيورسٽن جي داخلائن وارن شعبن جا ٻه رڪارڊ تحويل ۾ وٺي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. گڏ ڪيل معلومات موجب رڳو زرعي يونيورسٽي جي هڪ فيڪلٽي جي هڪ بيچ 2k14 جي 9 شاگردن جا جعلي ڊوميسائيل سامهون آيا آهن، جن مان اڪثر شاگردن جي داخلا پيسن عيوض ٿي آهي يعني(Self Finance)  تي ٿي آهي. هي اهو فارمولو آهي جنهن تي يونيورسٽين کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري سگهي ته اوهان سيٽ پيسن تي ڇو ۽ ڇا لاءِ وڪرو ڪئي آهي.
سنڌ جي يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ داخلا پاليسي جو معيار نه هجڻ ڪري سوين جعلي ڊوميسائيلن ذريعي شاگرد داخلائون وٺي، سنڌ جي شاگردن جي حقن تي ڌراڙ ٿا هڻن، هي سستي ۽ جعلي ڊوميسائيل ۽ داخلا جو ڌنڌو بنيادي طور ڪاليج کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪاليج جي مک ڪلارڪ کان وٺي بورڊ جي امتحان واري شعبي جي ڪنٽرولر تائين سڀ ملوث هجن ٿا. هي سڀ ڪنهن سرڪاري فون يا وري طاقت يا دٻاءُ ۾ اچي اهڙيون داخلائون نٿا ڪن، پر سندن اصل پيٽ جو سور پئسا هوندو آهي رڳو ، ٽنڊو ڄام جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي ڳالھه ڪجي ته هن ڪاليج ۾ به سنڌ سميت خاص ڪري حيدرآباد ضلعي جي شاگردن سان ڪا گهٽ ويساھه گهاتي ناهي ٿي، هن ڪاليج به پنهنجي شروعاتي ڏينهن کان وٺي هيل تائين هزارين شاگردن کي گهر ويٺي بي اي، ايم اي، بي ايس سي، فرسٽ ايئر، سيڪنڊ ايئر سميت بي ڪام جون ڊگريون سستي اگهه ۾ فراهم ڪيون آهن. هن ڪاليج ۾ پنجاب جي هزارين شاگردن جا رڳو امتحاني فارم ڀرجن ٿا، سندن امتحان واريون ڪاپيون به ڪاليجن جا ڪلارڪ لکن ٿا ڪاليج مان شروعاتي ڊگري وٺڻ بعد ڊوميسائيل به آساني سان انهن ئي سرٽيفڪيٽن جي آڌار تي صرف 1500 کان 2000 رپين ۾ ٺهي تيار ٿي گهر ملي ٿا وڃن، انهن ئي جعلي ڊوميسائيلن تي وري اهي شاگرد سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ ميدان ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ يونيورسٽين ۾ ويٺل پيسن جا شوقين به کين ڪجهه رپين تي داخلا ڏيئي ڇڏين ٿا. سنڌ جي اسڪولن کان وٺي ڪاليجن ۽ اعليٰ تعليم ادارن ۾ داخلائن واري پاليسي جي نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اسان به يونيورسٽي جي داخلا واري دور مان گذريا آهيون، ڪاغذ جمع ڪرڻ وقت رڳو ميٽرڪ ۽ انٽر جي سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪشيٽس تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي، جڏهن ويريفڪيشن ته ٺھيو پر ڊوميسائيل کي کڻي هٿ ۾ چيڪ به ناهي ڪيو ويندو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلن ذريعي سوين ڌاريا يلغار ڪري اسان جي نوڪرين، اسان جي داخلائن سميت ٻين سيٽن تي قابض آهن. اسان قانوني طريقن سان ڊگري ڪندي به دربدر آهيون، هتي جعلي ڊوميسائيلن تي سوين ماڻهو نه رڳو سرڪاري پر غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڪري اسان جي مستقبل جي نوجوانن جي حق تلفي ڪري رهيا آهن. اسان وارا پهڙيل لکيل نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن. جعلي ڊاڪيومينٽس تيار ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن خلاف ڪڏهن به ڪا نتيجي ڏيندڙ ڪارروائي ناهي ٿي نه ئي وري مٿن ڪنهن قسم جي سختي ڪئي وئي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *