تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جسماني سزا جا ٻارجي شخصيت تي پوندڙ اثر … شھزادو شيخ

تاريخ جو مطالعو ڪندا سين ته مختلف دورن ۾ انسان کي دنيا ۾ مختلف قسمن جون سزائون ملنديون رهيون آهن ۽ کيس مختلف دورن ۾ تشدد جو نشانو به بڻايو ويو آهي. اُهي سزائون مختلف عمر جي ماڻهن کي ڏنيون وينديون رهيون آهن، چاھي اھو جوان، پوڙهو، مرد، عورت، ننڍو يا وڏو ھجي ان جي ڪنهن ڀل سبب يا ڪنهن ڪم ۾ غلطي ٿي وڃڻ سبب ان کي پنهنجو حاڪم يا گهر جا وڏا سزا ڏيندا آهن ۽ اها سزا جسماني تشدد به هوندي آهي. اھڙين سزائن ۽ جسماني تشدد جي حوالي سان دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي.جسماني سزا جنهن کي انگريزيءَ ۾ (corporal punishment) چيو وڃي ٿو. ھي پوري دنيا جو ھڪ اھم مسئلو بڻيل آهي. جنھن تي دنيا جي ماھرن ۽ اڪابرن تحقيق ڪئي آهي ته ان جسماني تشدد ( corporal punishment ) جا تمام خراب اثر ننڍي عمر جي ٻارن تي پون ٿا جيڪي والدين، استاد ۽ سماج جا فرد پنهنجن ننڍن ٻارن تي جسماني تشدد ڪن ٿا اھي ٻار ھن جسماني تشدد جي ڪري ذھني طور دٻجي وڃن ٿا ۽ مستقبل ۾ انهن جا خطرناڪ ۽ اگرا نتيجا نڪرن ٿا، جيڪي سماج ۾ ٻين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين ٿا.
لاڙڪاڻي شهر جي نهايت معزز ۽ علمي خاندان سان تعلق رکندڙ ايڊووڪيٽ آسيا عباسي جنهن ھن ڪڌي رسم کي ھن سماج مان ختم ڪرڻ لاءِ ٻار جي شخصيت تي مٿس ٿيندڙ جسماني تشدد جي اثرن بابت ريسرچ جو ڪم ڪيو آھي ۽ تازو ئي سندس ايم فل جي ٿيسز ناليج سينٽر لاڙڪاڻي طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي. سندس هي تحقيقي ڪم Corporal punishment and its effect on child personality (جسماني سزا ۽ان جا ٻار جي شخصيت تي پوندڙ اثر) جنهن ۾ هن اسان جي معاشري ۾ ٻار جي ذهني، نفسياتي معاملن تي ڀرپور روشني وڌي آهي، پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ڪم آهي. ھن ڪتاب ۾ ايڊووڪيٽ آسيه عباسي سماج ۾ ننڍي عمر جي ٻارن تي ٿيندڙ تشدد ۽ ظلم جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي. اهو ڪتاب ان موضوع تي هڪ گهڻ رخو تحقيقي مطالعو آهي. هن ڪتاب ۾ کوڙ ساريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي والدين، استادن ۽ معاشري جي مختلف فردن کي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان مان اڪثر ماڻهو ٻارن تي جسماني تشدد ڪري سندس شخصيت کي ڪُچلي ڇڏيندا آهن، اسان جو سماج ٻار جي شخصيت سازي کان بي خبر آهي.
ايڊووڪيٽ آسيا عباسي پنهنجي تحرير ذريعي سماج ۾ هڪ روشن خيالي ۽ سجاڳي جي لاٽ ٻاري ٿي. هن جي لکيل ڪتاب (corporal punishment) جي حوالي سان ھيٺ ڪجهھ ڳالهيون بيان ڪجن ٿيون. جيڪي سماج ۾ رهندڙ ننڍن ٻارن تي ٿيندڙ جسماني تشدد جي باري ۾ لکيل آهن. ھي مسئلو نه رڳو اسان جي ملڪ جو آهي پر سڄي دنيا لاءِ هڪ اھم مسئلو آهي. هي جسماني سزا اڪثر گهرن، اسڪولن ۽ عوامي جڳھن تي ٿئي ٿي. ھي جسماني سزا ننڍي عمر وارن ٻارن تي انيڪ خطرناڪ اثر ڇڏي ٿي جنهن جي ڪري اڳتي هلي والدين ۽ معاشري جي ماڻهن لاءِ ھاڃيڪار مسئلا پيدا ٿين ٿا. ٻارن تي ٿيندڙ جسماني سزائن جي ڪري انهن جي اندر صلاحيتن، اخلاقي قدرن ۽ شخصيت تي خراب اثر پون ٿا، جيڪي اڳتي هلي ھڪ خطرناڪ روپ اختيار ڪن ٿا. ذهني دٻاءُ جي ڪري والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ سنگين مسئلا جنم وٺن ٿا.
ٻار جي پهرين تربيت گاھه گهر آهي جتي ان جا والدين ذھني ۽ جسماني تربيت ڪندا آهن. جتان ٻار اخلاقي قدر ۽ زندگيءَ جي حالتن بابت ڄاڻ حاصل ڪندا آهن خاندان ٻار جي بنياد جو نالو آهي جتان ٻار ھر شي جي سکيا حاصل ڪندو آهي 1989ع ۾ ٻارن جي بنيادي حقن بابت يونيسيف جو سيمينار منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ ھي چيو ويو ته “تعليم، صحت ۽ تحفظ ان جو بنيادي حق آهي.” تحقيق مطابق ھر سال ڪروڙن جي تعداد ۾ ٻارَ ڪاوڙ، جذبات، جسماني ۽ بدفعلي جو شڪار ٿين ٿا. ھنن مسئلن سبب ھڪ ٻار ھر 5 منٽن ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ٿو پاڪستان سميت دنيا جي 128 ملڪن تي ٻارن جي جسماني تشدد تي قانوني پابندي لڳائي وئي آهي دنيا ۾ سڀ کان پهرين پولينڊ ملڪ 1783ع ۾ ٻارن جي جسماني تشدد تي پابندي لڳائي ۽ان کانپوءِ دنيا جي ٻئي ملڪ سوئيڊن 1966ع ۽ برطانيا حڪومت به 1987ع ۾ پابندي لڳائي. ايڊووڪيٽ آسيا عباسي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ھي به ٻڌايو آهي ته ٻارن کي چماٽ ھڻڻ سان به ان جي شخصيت تي خراب اثر پون ٿا. جڏهن اهو ٻار جوان ٿئي ٿو ته ان جا تمام گهڻا هاڃيڪار ردعمل سامهون اچن ٿا. انهيءَ خطرناڪ عمل کي روڪڻ لاءِ دنيا جون عالمي قانوني ماهرن توڙي انساني حقن جون تنظيمون پنهنجا اپاءَ وٺنديون رهيون آهن ۽ انسانيت جي ھمدردي لاءِ رات ۽ ڏينهن مصروف عمل آهن. ايڊووڪيٽ آسيا عباسي عظيم ۽ مقدس فرض سرانجام ڏئي رهي آهي سندس جو ھي لکيل ڪتاب اسان جي سماج لاءِ هڪ مشعل راھه آهي جنهن ۾ سندس ڳوڙهي تحقيق ۽ محنت سمايل آهي. ھُن هن ڪتاب وسيلي ٻارن جي جسماني تشدد جي موضوع تي هڪ ڀرپور روشني وڌي آهي. منهنجو خيال آهي ته هي ڪتاب سنڌي ۾ به ترجمو ٿيڻ کپي ۽ سمورن والدين ۽ استادن کي پڙهڻ کپي. انهيءَ طرح سان ئي اسان جو سماج ھنن برين ريتن ۽ بربريت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.
ايڊووڪيٽ آسيا عباسي جي ڪيل هن تحقيقي پورهيي، ڪاوش ۽ جدوجهد کي جس ڏيان ٿو. الله پاڪ سندس قلم ۽ علم ۾ اضافو ڪري. اھڙي طرح ھميشه سماج جي مسئلن لاءِ لکندي رهي. ته جيئن سماج ۾ رهندڙ ماڻهو انهن مسئلن کان نه رڳو آگاهه ٿين پر انهن مان ڇوٽڪارو به حاصل ڪري سگهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *