تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

“جرڪندڙ جسمَ، اداس راتيون ” ابراهيم کرل جي نئين ناول تي ھڪ راءِ……روشن شيخ

مان جڏهن ڳوٺ ڇڏي آيو ھوس ته پھريان ڪجھه ڏينهن تائين ته مونکي پنھنجي مصروف روڊن تي جڳهھ ئي نه پيو ڏئي، مان ڳوٺ جي ڪشادي اڱڻ جو ھريل شخص جڏهن ڪبوترن جي کڏَ جھڙي ھڪ ڪرائي جي جاءِ ۾ اچي رھيس ته منھنجي ساھه کان سڪون کسجي ويو ۽ مان سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پوءِ ڪافي دفعا بنا شيڊيول جي ڳوٺ هليو ويس ۽ اهڙي ئي ھڪ شھري ۽ ڳوٺاڻي ماحول تي تازو ابراهيم کرل صاحب جو نئون ناول “جرڪندڙ جسمَ، اداس راتيون ” آيو آھي، ھي ناول ھڪ منفرد موضوع تي لکيو ويو آھي، منهنجي ڄاڻ مطابق شايد اڳ ۾ اهڙي موضوع تي ڪو ناول ناھي آيو. ھن ناول جا مين ڪردار اياز، ان جي گھرواري ۽ ھڪ ڳوٺاڻي ننڍپڻ جي سنگتياڻي ۽ ماھين آھي، اياز ھڪ اعليٰ آفيسر جي خواهش تي جڏھن روشنين جي شھر ۾ نوڪري ڪرڻ وڃي ٿو ته ڪراچيءَ جي روشنيءَ ۾ اياز ٻيون ڪيتريون ئي روشنيون ڏسي ٿو، جيئن ته اياز جي نوڪري نوجوانن جي کاتي ۾ آھي، ان ڪري اياز طرحين طرحين جي ماڻھن، آفيسرن ۽ حسين چهرن سان ملي ٿو، انهن جا رويا، روپ، ٻھروپ ڏسي ڪري حيران ٿئي ٿو، اياز جو ڊرائيور، باورچي، پرسنل پي اي، گيٽ ڪيپر پڻ ناول جي سگھه وڌائڻ ۾ اڳڀرا هوندا آھن ۽ جڏھن ته اياز جنھن ڳوٺ مان نڪري اچي ڪراچي وسائي ٿو ته سو اياز وارو ڳوٺ مصيبتن، لاھن ـ چاڙهن ۽ وڏيرڪي نظام جو ڳوٺ آھي، ان ئي وڏيرڪي ڳوٺ ۾ ا ياز جي اڪيلي پٽ سان وڏيرا ھڪ ڪوڙو الزام ھڻي، اياز ۽ سندس خاندان کي حد کان وڌ پريشان ڪيو وڃي ٿو، نيٺ اياز سياسي ماحول جي سپورٽ وٺي ڪري، قائد اعظم جي معرفت مسئلي جو حل ڪرائي ٿو.
ماھين ھن ناول جو اھم ڪردار آھي ۽ اياز ــ يوسف جيان مختلف محاذن تان پنھنجو دامن بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ڇو ته اياز طبيعت ۾ عياشيءَ جو عنصر نه پر ڪم سان محبت جو وڏو اثر شامل آھي، ٻئي طرف آھي غلام شبير جنھن ڪم ئي دونمبري آھي. ھي ناول ابراهيم کرل جو مجموعي طور تي ٽيون ناول آھي، ھن کان اڳ ابراهيم کرل جا ٻه ناول ‘کجين جي ديس جا ماڻھو’ ۽ ‘رشتن جي خانه بدوشي’ مارڪيٽ ۾ آيل آھي، پر موضوع توڙي ڪردارن جي ڊائلاگس ڊليوريءَ تائين ھي ناول بلڪل منفرد آھي
ھي منفرد ناول سڄي سنڌ جي مختلف بڪ اسٽالن تي موجود آھي، سعيد منگيءَ جي ٺاھيل خوبصورت ٽائيٽل واري ھن ناول جو بئڪ ٽائيٽل نامياري ڪهاڻيڪار طارق قريشي لکيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *