تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جديد ٽيڪنالاجي: سمارٽ واچ ۽ پيبل سمارٽ واچ … ديپڪ باغي

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ وڏي تيزي اچي ويئي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو انسان ذات جي ذاتي زندگي توڙي سماجي زندگي ۾ تمام وڏو عمل دخل آهي. سائنس نيون ايجادون ڪري رهي آهي جن انسانن لاءِ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ڪري ڇڏيو آهن، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي هڪ نئين تخليق (سمارٽ واچ) جيڪا موبائيل ۽ ٽيبليٽ جو ڪم آساني سان ڪري سگهي ٿي. نه صرف موبائيل ۽ ٽيبليٽ وانگي ڪم سرانجام ڏئي ٿي پَر ٽيبليٽ جي مقابلي ۾ به آهي. سمارٽ واچ اَڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جي هڪ اهم ايجاد آهي. جيئن، موبائيل، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر، يا جيڪي به شيون اسان جي زندگي ۾ عام اک توڙي دوربيني سان ڏسي سگهندا آهيون. اُهي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي پيداور آهن.!
سمارٽ واچ Smart Watches
سمارٽ واچ هڪ نئين ۽ زبردست ايجاد آهي. سمارٽ واچ هڪ ڊوائيس آهي جيڪا موبائيل سروس توڙي ٽيبليٽ وانگي هڪ ئي وقت ۾ ملٽيپل ٽاڪس(ڪيترائي ڪم) پرفارم ڪري ٿي. موبائيل سروس ۾ استعمال ٿيندڙ ايپس جيڪي انساني زندگي جي سماجي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اُهي ايپس پڻ سمارٽ واچ ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. جنهن ۾ هڪ ته وقت معلوم ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ سمارٽ واچ استعمال ڪئي ويندي هئي. پَر جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سمارٽ واچ ٽائيم معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ اي ميل چيڪ ڪرڻ، يا ميسيج وغيره چيڪ ڪرڻ. گڏوگڏ واچ ۾ هڪ الرٽ سسٽم پڻ موجود هوندو آهي. جنهن سان نئون ميسيج نئين ايندڙ اي ميل جي خبر پئجي سگهندي آهي. اُهو سسٽم الرٽ وائيبريشن Vibration لڳل هوندو آهي. جنهن جي مدد سان نئون ايندڙ نوٽيفڪيشن آساني سان موصول ٿي سگهندو آهي. سمارٽ واچ لوڪيشن معلوم ڪرڻ ۾ به ڪم ايندو آهي. گاڏي هلائڻ ۾ لوڪيشن جي استعمال ۾ سمارٽ واچ پڻ مدد ڏئي ٿي.!
پيبل سمارٽ واچ Pebble
پيبل سمارٽ واچ, Android and IOS (Apple) platforms سسٽم ۾ موجود آهي. هڪ نئون فرمويئر firmware ورزن 2.2 iBeacon ٽيڪنالاجي Apple پاران ٻنھي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. iBeacon Bluetooth تمام گهٽ انرجي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيڪو هاڻ موبائيل فون ۾ گهڻي پاور سپلائي تي استعمال ٿيندو آهي. Bluetooth آن ڪرڻ کان پوءِ اُن کي ٻئي Bluetooth کي ڳولڻ لاءِ انٽرنيٽ جي مدد ورتي ويندي آهي. جنهن جي مدد سان هڪ Bluetooth ٻئي Bluetooth سان ڪنيٽ ڪري سگهجي ٿو. ۽ شو ٿيندڙ نوٽيفڪيشن کي پڻ ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو.! فرمويئر هڪ اپڊيٽ ٿيل سافٽيئر آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون شامل آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *