تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جديد دور ۾ فلسفي جو ڪيل ڪجھ غلط تشريحون! … يوسف جميل لغاري

فلسفو، هڪ اهڙو علم آهي جيڪو اسان کي هن وسيع ڪائنات توڙي اُن ۾ موجود هر هڪ موجودات تي غور و فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. تڏهن به ماڻهو الائي ڇو فلسفي کي هڪ عجيب و غريب علم سمجهن ٿا ۽ هن علم تي سوچڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ کي گهٽ اهميت ڏين ٿا. ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي فلسفي جي علم سان اٿاھه پيار ڪن ٿا. باقي مخلوق سخن ور رنگين ذلفن جي اسير ٿيئڻ ۾ ئي خوش آهي. هلندڙ صدي، جيتوڻيڪ علم، ڏاهپ ۽ ترقي ۾ واڌاري جي صدي آهي، تڏهن به هن صدي ۾ فلسفي تي ساڳي ئي نموني آڱريون اڀيون ٿين پيون جيئن سقراط جي زماني ۾ ٿينديون هيون. برطانيه جي ليکڪ جوزف ڪئنال 2006 ۾ ڏاهپ جنگل ۾ ”(wisdom in wild)“ نالي ڪتاب لکيو. جنهن جي صفحي نمبر 46 تي ليکڪ لکي ٿو:” اِهو قطعي ضروري ڪونه آهي ته ڏاهپ ڏکن، ڏوجهڙن، ڌڪن ۽ ٿاٻن کانپوءِ ايندو آهي.ڏاهپ جي حصول جو بنيادي رستو آهي پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجي وجود جي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ. ڇو ڇا ۽ ڪيئن وارا سوال هاڻي فرسوده سوال ٿي چڪا آهن جيڪي هلندڙ صدي ۾ فلسفي کي نقصان ڏئي رهيا آهن. فلسفي جو علم به دنيا سان گڏ ترقي ڪري اپڊيٽ ٿي چڪو آهي. کيس پراڻن مفروضن ۾ جڪڙي ڪري سندس روح کي ختم نه ڪيو وڃي ته بهتر، فلسفو پنهنجي ارتقائي مرحلي کي گهڻو اڳ پار ڪري چڪي آهي“.
آمريڪا جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ غريب، پورهيت ليکڪ جان لاڪ، ڊسمبر 2012 ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو جنهن جو نالو هو ” آئون پاڇولي جي پويان ”(I’am back to Shadow)“. جنهن ۾ هن مختلف موضوعن تي وڏي ڪاريگيري ۽ دليري سان بحث مباحثا ڪيا آهن. سندس سموري حياتي مختلف ادارن ۽ ڪمپنين ۾ ملازمت ڪندي گذري، ادب سان ذاتي محبت هجڻ سبب مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم توڙي بلاگ وغيره لکندو رهندو آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ علم نفسيات، فلسفي جي علم، خوابن جي تشريح ۽ زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ملندڙ نسخن بابت ڊگهن ۽ طويل مضمونن ۾ پنهنجو موقوف سامهو رکيو آهي. جيتوڻيڪ سندس لهجو عام رواجي هجڻ جي ڪري به سندس ڪجھه ڳالهيون غير منطقي نه پر دليلن جي عيوض مڃڻ جهڙيون آهن. هن ڪتاب جي 192 صفحي تي ليکڪ فلسفي متعلق لکي ٿو: ” فلسفي جي علم جي ڪا مخصوص يا خاص شڪل و صورت نه آهي پر فلسفو ته هر هر هڪ علم، عمل ۽ چر پر جو بنياد آهي. جيڪڏهن اوهان ڪتاب پڙهو ٿا ۽ اهو ڪتاب فلسفي جي اصطلاحن کان خالي آهي ته سمجهو ته اوهان جو ڪتاب گونگو، انڌو ۽ منڊو آهي.
ٻه سال پهريان، جون 2018 ۾ نيويارڪ جي هڪ لوڪل پبلشر هڪڙو ڪتاب شايع ڪري سامهون آندو. جنهن جو نالو هو ”پاڻ گڏ آهيون“. هن ڪتاب جو ليکڪ ڪلاس ٻاهرين جو شاگرد هو. (we are together). هن ڪتاب ۾ مذهب، قوم، سماج، دنياوي اقتصادي حالتون، ترقي جي نون طور طريقن ۽ بهترين سماج جي اڏاوت لاءِ ڪجھه حڪمت عمليون ٻڌايون ويون هيون. هن ڪتاب جو منفي پهلو اِهو آهي ته هن ڪتاب کي فلسفي مخالف ڪتاب پڻ سڏيو ويو آهي. هن ڪتاب کي پڙهندڙ اڪثر دوست جو اِهو رايو آهي ته هي ڪتاب فلسفي جي اهميت کي ڇيهو رسائڻ لاءِ وڏي منصوبابندي سان لکي ڪري شايع ڪرايو ويو آهي ۽ سامهون وري هن ڪچي ذهن توڙي نابالغ ٻار کي ليکڪ ڄاڻائي پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪا قانوني پيش قدمي نه ٿي سگهي. هن ڪتاب ۾ صفحي نمبر 206 تي ليکڪ لکي ٿو: ”ڪجھه موضوع اهڙا هوندا آهن جن تي ليکڪ نه چاهيندو آهي. پر پڙهڻ وارن کي سامهون رکي پنهنجي ابتڙ يا پسند جي خلاف واري موضوع تي به قلم کڻندو آهي. اهڙي ئي نموني آئون فلسفي جي علم کي هڪ جڙتو ۽ فضول علم سمجهندو آهيان. صديون اڳ اتفاقي صورت ۾ وجود آيل هي علم انساني فلاح، بهبود ۽ ترقي ۾ ڪو چڱو خاصو هٿ نه ونڊائي سگهي. مورڳو پنهنجي ئي راڳ آلاپيندڙ شخص سقراط کي موت جي ننڊ سمهاري هاڻ هي علم ٻين جو مٿو خراب ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو آهي“.
آئون اِها ڳالھ اڃا تائين ڪونه سمجهي سگهيو آهيان ته پهريان ماڻهو پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي شخص جي مخالفت ڪندا هئا يا کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندا پر هاڻ ته الميو اِهو آهي جو پاڻ کي ڏاهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڏاهپ جي علم کي ئي مورڳو ناقص ثابت ڪرڻ ۾ پورا آهن. فلسفو اهڙن ماڻهن جي ناقص حڪمت عملين سبب ئي ته ترقي جون منزلون طئي نه پئي ڪري سگهيو ۽ سندس ارتقا جو سفر منجمند ٿي ويو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *