تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جديد دور جي احساسن کان خالي نوجوان نسل جو آخر ڇا ٿيندو….؟ … احسان ملاح

۽ ها اِها واقعي ئي هڪ حقيقت آهي ته اڄوڪوهيءُ جديد ٽيڪنالاجيءَ وارو ماڊرن دور هڪ گلوبل وليج بڻجي ويو آهي سائنس جي ٽيڪنالاجي جديد ايجادن مارڪيٽ ۾ ته الاءِ ڇا ڇا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ڪلاڪن جا ڪم هاڻي ته سيڪنڊن ۾ ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهو دنيا ڀر جي موجوده حالتن توڙي خبرن چارن کان واقف ٿي وڃي ٿو جيتوڻيڪ سائنس جي ترقيءَ سان گڏوگڏ پراڻين ريتن رسمن جو ڳلو ضرورگُهٽجي ويو آهي اڄ جي دور جي هڪ نهايت اهم ايجاد موبائيل فون جو مارڪيٽ ۾ اچڻ آهي اڳي انٽرنيٽ صرف ڪمپيوٽر تي استعمال ڪري سگهبو هو پر هاڻي ماڊرن دور جو فيشن ايبل جنريشن سڄو ڏينهن موبائيل فون تي فيس بُوڪ ،واٽس اپ توڙي اسڪائيپ سميت مختلف نيٽروڪس تي لڳو پيو آهي هاڻي پراڻا رواج گهڻي ڀاڱي ته هاڻي ختم ٿي چڪا آهن هن نفسانفسيءَ جي ڀڄ ڊُڪ واري تيز رفتار دور ۾ اسان جو ن آڱريون اڄ محبوبائن کي طويل خطن لکڻ جي بجاءِ رڳو موبائيل فونز ۽ ڪمپيوٽر جي ڪِي بورڊن ۽ موبائيل جي ڪِي پيڊز تائين محدود ٿي ويون آهن.بس هاڻي ته محبوبائن سان ملاقاتون يا دل جا حال احوال به موبائيل فون تي SMS ۾ ئي ٿي وڃن ٿا پر اُهو به ڪو زمانو هوندو هو جڏهن ٽپاليءَ يا پرينءَ جي قاصد جي اچڻ جو شدت سا ن ويهي انتظار ڪيو ويندو هو پر اڄ نه قاصد جو انتظار نه ئي پرينءَ جي ٽپاليءَ جو اوسيئڙو ڪيو وڃي ٿو بس هاڻي ته اسين محبوبائن جي پرسن ۾ ئي موبائيل فون ۾ ئي رهجي ويا آهيون دور ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي .بس الاءِ ته هي ڪهڙو هي جديد زمانو اچي ويو آهي الله بهتر ڄاڻي ته مستقبل ۾ اڃان ڇا ٿيندو؟ جو ماڻهو ڄڻ هڪٻئي جي کيسي ۾ هر وقت موجود پيو آهي الله بهتر ڄاڻي ته اڃان الاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ايجادون ٿين؟
بحرحال اها به هڪڙي حقيقت آهي ته مختلف وڌندڙ ايجادن جي اچڻ سان هيءُ مِٽيءَ جو ماڻهو به بيحد مصروف ٿيندو ٿو وڃي ۽ اها به حقيقت به آهي ته اڄ جو احساسن کان خالي ٿي ويل ماڻهوءَ وٽ چار پل ويهي ڪنهن سان حال احوال يا سور سلڻ جيترو به وقت ناهي.موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان وڌندڙ استعمال ماڻهوءَ کي صفا ته بي حس ۽ خودغرض بڻائي ڇڏيو آهي.توڙي جو هر شيءِ مان انيڪ فائدن سان گڏ نقصان به هوندا آهن هونئن به هر شيءِ جو فائدو ۽ نقصان ضرور هوندو آهي.اها ڳالهه برابر سچي آهي ته موبائيل فون انسان جي لاءِ ڏاڍي ڪارائتي ۽ وقتائتي انتهائي ضرورت جي شيءِ آهي اڳي جيڪو ڪم ڏينهن،هفتن يا مهينن ۾ ٿيندو هو اهو اڄ موبائيل فون جي بدولت منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ ٿي وڃي ٿو پر الاءِ ته اسان جي نوجوان نسل موبائيل فون جو غلط استعمال ڪري پنهنجو پاڻ لاءِ ڪيئي مسئلا پاڻ ئي پيدا ڪيا آهن اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اڄڪلهه اڪثر ڪري گهڻا ماڻهو سڄو ڏينهن موبائيل فون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊگهيون فضول ۽ بيڪار جون ڪچهريون ڪري پنهنجو قيمتي وقت پيا ضايع ڪندا آهن جيڪو سراسر غلط آهي .موبائيل فون هڪ وڏي ضرورت جي شيءِ آهي ان جو غلط استعمال گهڻو ڪري نقصانڪار ئي ثابت ٿيو آهي پر پوءِ به ته الاءِ ڇو اڄڪلهه جو هي نوجوان طبقو ان ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر آهي.واندا ويٺا ماڻهو گهڻو ڪري ته ڪنهن نه ڪنهن نمبر تي مس ڪال ڏيئي اجايو پيا ماڻهن کي تنگ ڪندا آهن جيڪا سراسر نهايت ڪريل قسم جي حرڪت آهي.جنهن سان ڪم هجي ان سان حال احوال ڪري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪجي.پر نوجوان اڪثر ڪري مِس ڪال ڏيئي ڪنهن نئين گرل فرينڊ جي ڳولا ڪندا آهن.اڄڪلهه سنڌ جي هر گهر هر ڀاتيءَ وٽ پنهنجو الڳ الڳ موبائيل فون آهي گهر ۾ ڪجهه هجي نه هجي پر موبائيل جي بيلينس لاءِ پئسا الاءِ ته ڪٿان نڪري ايندا آهن.موبائيل فون جي غلط استعمال کي روڪي معاشري ۾ وڌندڙ براين کي روڪي سگهجي ٿو پر شرط اهو ضرور آهي ته موبائيل فون کان فقط ڳالهائڻ جو ئي ڪم ورتو وڃي…..

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *