تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

جدوجهد آزادي فلسطين جي هيرو… ليليٰ خالد …..طفيل مگسي

تايخ تي نظر ڊوڙائبي ته خبر ٿي پوي ته جتي به جڏھن به ظلم ۽ بربريت جو راڄ قائم ڪيو ويو آھي ۽ جتي به ڪنهن جي ڌرتي ماءُ تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آھي يا اتان جي حقيقي وارثن کان سندن سياسي سماجي ۽ بنيادي حق کسيا ويا آھن.۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بيدخل ڪيو ويو آھي ته اتي انهن ظلمن جي خلاف ڪڏھن چي گويرا جي روپ ۾ ته ڪڏھن نيگن وانتروئي جي روپ ۾ ته ڪڏھن ٻڍڙي هوچي منھه جي روپ ۾ ته ڪڏھن دٻي جي ميدان ۾ ڌرتي ماءُ جي لوئي ۽ لڄ کي بچائڻ جي لاءِ ھوشو شيدي جي روپ ۾ ته ڪڏھن مخدوم بلاول جي روپ ۾ ته ڪڏھن دولھه دريا خان جي روپ ۾ ته ڪڏھن نسواني روپ ۾ بختاور ۽ ليليٰ خالد جي روپ ۾ جيڪو مزاحمتي روپ اختيار ڪيو انهي مظلوم ۽ محڪوم قومن کي ڳاٽ اوچو ڪري ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف نه صرف آواز بلند ڪرڻ جو گس ڏيکاريو پر مزاحمتي جنگ ڪرڻ جي به سگھه ڏياري.انهن عظيم ۽ تاريخ ساز شخصيتن ۾ فلسطين جي جدوجهد آزادي جي عظيم هيرو ليلي خالد پڻ ھڪ آھي.جنهن ويهين صدي ۾ يورپ توڙي ايشا جي غلام ۽ محڪوم ملڪن لاءِ ھڪ لازوال ۽ بي مثال جدوجهد جي اهڃاڻ بڻيل آھي.
جهڙي ريت دنيا جا انقلاب پسند عوام چي گويرا کي پنهنجو آئيڊل سمجهي ڪري سندس ٽوپيون ٽي شرٽ ۽ ٻيون شيون فخر سان پائين ٿا.اهڙي ريت انقلاب پسند عورتون پڻ ليليٰ خالد جي وارن جو اسٽائيل. سندس نقاب ۽ اسڪارف کي اپنائيندي فخر محسوس ڪن ٿيون. ليليٰ خالد جنهن جي هٿن ۾ ھڪ منڊي هوندي هئي .جنهن ۾ نه ڪو هيرو يا نه ئي پٿر پيل هوندو هو بلڪ ان تي گولي مڙھيل هوندي هئي.جيڪا سندس مزاحمتي جنگ جي نشاني هوندي هئي.
ليليٰ خالد ويهين صدي ۾ فلسطين جي تحريڪ آزادي جي اها بهادر گوريلا سورمي آهي جنهن تي والاريل ملڪن جون عورتون فخر ڪري سگهن ٿيون ۽ حوصلو حاصل ڪري ان جي وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد کي مثال بڻائي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون ۔ فلسطين لبريشن فرنٽ جي هن سرگرم گوريلا ڪارڪن پهريون  ڀيرو وطن تي  قابض سامراج جو جهاز اغوا ڪيو ۽ کانئن فلسطيني آزادي پسند قومپرستن قيدين کي آزاد ڪرائڻ سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترا ئي مطالبا مڃائڻ لاءِ  مجبور ڪري ورتو ۔ جنهن بهادري واري ڪارنامي کيس ڏيهان ڏيھه مشهور ڪري ڇڏيو ۽ هو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڇانئجي وئي.
پهنجي ديس فلسطين جي آزادي جي جدوجهد سان سندس سچائي جي انتها اها هئي جو ھن وطن تي قابض سامراج اسرائيل جي هڪ جهاز کي هائيجيڪ ڪرڻ کان پوءِ به ٻيا جهاز هائيجيڪ ڪري قابض سامراج کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وطن جي آزادي لاءِ پهنجي سڃاڻپ ،صورت جي قرباني ڏيندي لڳاتار هڪ ٻئي جي پٺيان 6 ڀيرا پلاسٽڪ سرجري ڪرائي پهنجو چھرو ئي تبديل ڪري ڇڏيو هو ۔ ليلا خالد فلسطين جي آزادي جي لاءِ جيڪو مثال پيش ڪيو آھي اهو نه صرف اڄ جي عورتن جي جدوجهد جي لاءِ مثال آھي پر تا قيامت تائين عورتن جي وطن جي آزادي لاءِ ھڪ گس پڻ آھي ته جتي مرد به پنهنجي ڌرتي وطن لاءِ وڙھي سگهن ٿا اتي عورتون به کائن کان گهٽ ناهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *