تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

جانورن ۾ Oxytocin انجيڪشن جو استعمال ۽ ان جا نقصان …عبدالرشيد شيخ

آڪسيٽوسن Oxytocin جو ڪردار: آڪسيٽوسن Oxytocin يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جي معني سهولت، آرام يا تيزيءَ سان پيدائش ڪرائڻ آھي. Oxytocin هونءَ ته ٻارن جي delivery وقت سورن، ليبر دوران دماغ جي حصي Hypothalamus ۾ ٺهي ۽ Posterior Pituatary مان خارج ٿيندڙ هڪ قدرتي هارمون (Harmone) آھي، جنهن جو ڪم جسم ۾ Contraction ڪرائڻ آھي ۽ ان کان علاوه جڏهن کير پيئندڙ ٻار پنهنجو منهن ڇاتيءَ ۾ وجهي ٿو ته ان وقت به Oxytocin خارج ٿي ڪري memory Gland جي حصي Secretory tissues ۾ پهچي ٿو. جتي پنهنجي ڪم کي عمل ۾ آڻي کير کي ڇاتي (Breast) ڏانهن پهچائي ٿو. 1906۾ هينري ڊيل نالي سائنسدان آڪسيٽوسن کي دريافت ڪيو،
آڪسيٽوسن Oxytocin انجيڪشَن جو استعمال: بدقسمتيءَ سان هيءَ انجيڪشن پاڪستان جي هر ڳوٺن، شھرن ۾ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي ننڍي وڏي جنرل اسٽور يا ڪِرياني جي دوڪان وٽ بغير ڪنهن ڊاڪٽر جي هدايت سان موجود آھي، ماڻهن جو هن انجيڪشن مان سمجهھ جو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته جن کي هن جي نالي جي به خبر ناهي ، دوڪاندار کي ائين ٿا چون ته ‘ ٽِڪو يا کير لاهڻ واري دوا’ ۽ اها حاصل ٿا ڪن۔ ان جو بنيادي سبب عام ماڻهن کي وقتي فائدي جي خبر هجڻ يا بعد ۾ ان جي نقصان کان لاعلم هجڻ آهي، وڌيڪ کير جي لالچ، کير ڏهڻ جي وقت ۾ بچت يا آساني، وغيره اهم آھن. پر بدقصمتيءَ سان گهڻو عوام هن انجيڪشن جي جانورن سان گڏو گڏ انساني صحت جي نقصان کان به واقف نه آهي۔
آڪسيٽوسن جو جانورن تي نقصان: سڀ کان پهريان هن انجيڪشن جو صبح ۽ شام جانورن تي استعمال جيڪو کير لاهڻ واري عمل کي تڪليف ۾ وجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي استعمال سان Uterus سڪڙجي ۽ ڦھلجي ٿو جيڪو خود تڪليف ڏيڻ وارو عمل آھي، اهو غير اخلاقي طريقو پڻ آھي. ان انجيڪشن کي روز مره جو معمول بڻايو ٿو وڃي، Uterus ۾ Contraction سبب ويچاري ڌور تي اثر پوي ٿو، جيڪو نارمل يا سٺي نسل واري ڌورن کي ٻچن پيدا ڪرڻ کان محروم ڪري ٿو ڇڏي جنهن سبب اهي ڍور گوشت جي اگهه ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا.
آڪسيٽوسن جو انساني صحت تي نقصان: کير سان گڏ انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ بعد اهو Harmone انساني صحت ۾ خرابيون پيدا ڪري ٿو. آڪسيٽوسن جو نڪتل کير انساني جسم ۾ موجود Harmones جي برقراري خراب ڪري ٿو ان مونجهاري Disturbance جو وڏو مثال ڇوڪرين جو جلدي بلوغت Matuarity جي عمر تائين پهچڻ آھي، ريسرچ جي مطابق هن سائنسي ايجاد بعد ڇوڪرين جي بالغ ٿيڻ جي عمر 16 سالن کان گهٽ ٿي 10 سال تائين پهچي چڪي آھي. ننڍي عمر جي ڇوڪرن ۾ gynaecomastia يعني سِيني تي اڀار پيدا ٿيڻ اهو به disorder شامل آھي ان کان علاوه ننڍن ٻارن ۾ اکين جي ڪمزوري، ننڍي عمر ۾ چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي وارَن جو نڪرڻ. ۽ حامل عورتون هن کير کي استعمال ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ پيدائشي نقص، قوت مدافعت ۾ شديد گهٽتائي ۽ ڊليوريءَ وقت رت جو زياده ضايع به هن انجيڪشن واري کير جو اثر آھي۔اهي سڀ نقصان انسانن ۽ جانورن جي صحت جي خرابيءَ جا ننڍا اثر آھن، پر اهي نقصان slow poisoning يا Harmone Disturbance سبب وڌيڪ ٿي سگهن ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *