تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

’جامع سنڌي لغات‘۽ ’مفصل سنڌي لغت‘ جو تقابل ۽ وقت جي ضرورت … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي لغت تي جامع انداز سان ڪم ڪرائڻ لاءِ ’سائين جي ايم سيد‘ رٿا تيار ڪئي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي ڪئي، نيٺ 1960 ۾ پھريون جلد منظر عام تي اچي ويو. ان مشڪل ۽ ڪٺن ڪم ۾ ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي،محمد ابراهيم جويي، عبدالڪريم سنديلي، علامه غلام مصطفى قاسمي، سيد نجف علي شاهه ڪمتر، ولي محمد طاهرزادو، شيخ محمد اسماعيل، محمد اسماعيل نون جهڙا عالم ۽ سنڌ جي مختلف علائقن جا فيلڊ ورڪر به هئا.ڊاڪٽر بلوچ، بنيادي طور ايجوڪيشن جو طالب علم هو پر هن، علم و ادب جي مختلف صنفن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ميٿاڊالاجيءَ کان ڪم ورتو. ميٿاڊالاجي هڪ اهڙو ٽول آهي، جنهن ذريعي هر ڪم سهڻي انداز سان ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جو مختلف رخن سان ڪيل ڪم سندس علمي ساک جو شاهد آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڊاڪيومينٽ آهي. ظاهر آهي ته هڪ نئين شيءِ جو بنياد رکڻ ڪيڏو نه مشڪل هوندو آهي، ان ڳالهه جو احساس اهڙن ماڻهن کي هوندو، جيڪي ڪنهن نرالي ڪم ڪرڻ جو بنياد رکندڙ هوندا.
حقيقت ۾ لغت تي ڪم ڪرڻ لاءِ چند ذهين ماڻهن جي ٽيم جوڙڻ جي گهرج هوندي آهي، جن جي اڻٿڪ محنت سان ڪم پنهنجي پايه تڪميل تي پهچندو آهي. ان باوجود، اها ڳالهه به مسلَم آهي ته هر ڪم کي ٻيهر جاچڻ ۽ ڪمين ڪوتاهين تي نظر رکڻ جي گنجائش رهندي آهي. اهڙي نظرثانيءَ لاءِ به ڪي سائنسي گس وٺڻا پوندا آهن. يعني مختلف زاوين جي عالمن جي هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي آهي، انهن جي معرفت اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، جن کان لکت جي صورت ۾ اعتراض ورتا ويندا آهن يا وري اهڙن مضمونن کي گڏ ڪيو ويندو آهي، جن ۾ لاڳاپيل لغت تي تنقيدي نظر رکيل هجي. انهن اعتراضن ۽ تنقيدي نظر جي صحت تي بحث مباحثو ڪيو ويندو آهي. بعد ۾ لغت تي آخري نظر رکي تصحيح ڪئي ويندي آهي. سنڌي ٻولي اختياري ۾ ساڳي ’جامع سنڌي لغات‘جي سڌار سنوار لاءِ ’مفصل سنڌي لغت‘ جي نالي سان2011ع ۾ هڪ اسڪيم جوڙي وئي. اسڪيم ته ملي وئي پر ڪم ڪرڻ وارن کي سائنسي انداز سان ڪم ڪرڻ جو ادراڪ نه هو، نه وري ڪا اهڙي نيَت هئي. رڳو لغت تي وڏن فونٽن ڏسڻ جي خواهش ۾ قومي وقت ۽ پئسي جو زيان ڪيو ويو. اها ڳالهه ان لاءِ ٿي ڪجي ته ’جامع سنڌي لغات‘ جي جن اندراجن ۾ ڪميون ڪوتاهيون آهن، سي ته ساڳيون ڪٽ پيسٽ سان اڳتي پيون ٿين، ته پوءِ ڪم ڪرڻ جو فائدو ڪهڙو؟ سچ ته اهڙي ڪم جي قوم کي ڪا ضرورت ناهي.ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ’جامع سنڌي لغات‘ جو ڪم نھايت مٿاهين پد جو آهي. ضرور ان جي هرهڪ اندراج جي جوڙجڪ، لفظن جي مختلف معنائن جو ميل،سنڌي اثاثي، عوامي يا ڪلاسيڪل شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ لفظن جي معنائن، اصطلاحي دائرن، ڪم آندل بيھڪ جي نشانين،اعرابن تي غور و ويچار ٿيو هوندو. يعني اهو ڪم هڪ ئي وقت مختلف ماهرن جي ڪٺ سان ئي ممڪن هو. جيترو ممڪن ٿي سگهيو، ڪم جي معيار کي بھتر بڻائڻ لاءِ وسئون ڪونه گهٽايو ويو هوندو. ان ايڏي وڏي جبل جيڏي ڪم ۾ ضرور ڪي ڪميون به رهجي وينديون آهن. اهو ان لاءِ ٿو چئجي ته هر علم جا پنھنجا معيار آهن.اڄ جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ جھڙا برجستا ماڻهو ۽ سندس اورچ ٽيم هجي ها ۽ انهن سامهون، چند اهم نڪتا علمي انداز ۾ پيش ڪجن ها ته ضرور انهن تي غور ٿئي ها.
موجوده صورت ۾ ’مفصل سنڌي لغت‘ جو ڪم سواءِ ڪٽ پيسٽ جي ڪجهه به ناهي. جيڪي اضافا رکيا ويا آهن، يا انهن جو انداز تبديل ڪري رکيو ويو آهي، انهن جو به ڪوجواز ئي ڪونهي. جن به ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ وياڪرڻي يا بيهڪ جي نشانين آڌار اضافا رکيا آهن، سي سراسر غير علمي آهن. چند اهڙيون خاميون پيش ڪجن ٿيون جيڪي ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ دهرايون ۽ ڪيون ويون آهن:
1-’واؤ اشمام/ واؤ معدوله‘ سبب ’خ‘ تي ڪابه اعراب نه اچڻ گهرجي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ اها خامي رهجي وئي هئي، جيڪا ’خُواب ۽ خَواب‘ جي لفظن ۾ مختلف اعراب اچڻ سان ظاهر ٿي. ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ اهو ٿيو ته ’خواب‘ جي اعراب کي يڪسان ڪري ’خُواب‘ جي صورتخطيءَ کي يڪسان ڪيو ويو پر اعراب جو ادراڪ نه رهيو.
2-’داڦيو ۽ داڦيا‘ ۾ ڪابه اعراب نه ايندي. اهو هڪ علمي بحث آهي، جيڪو هتي آسانيءَ سان بيان نه ٿو ڪري سگهجي. ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ ڪٽ پيسٽ واري ڪار ڪندي ’ڦ‘ کي زير ڏني وئي آهي.
3-’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ ’داڦڻ‘ کي ساڳئي صفحي تي، ٻن الڳ اندراجن جي صورت ۾ رکي، هڪ کي ’فعل لازمي‘ ۽ ٻئي کي ’فعل متعدي‘ ڪري رکيو ويو آهي. لغتن ۾ اهڙي ڪار، ڪارِ ناهي، مڙئي ڪاڳرن جو پيٽ ڀرڻ ۽ بي سمجهه ماڻهن کي وڌيڪ گمراهه ڪرڻ آهي.
4-اندراج جي نسبت لفظن جون لغوي/ اکري ۽ اصطلاحي/ سماجي معنائون الڳ رخن سان به ٿينديون آهن، جيڪي ساڳئي اندراج ۾ ئي رکبيون آهن. دنيا جي لغتن جو به اهو ئي طريقيڪار رهيو آهي، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ به گڏيل رکيون ويون آهن، جڏهن ته ’مفصل سنڌي لغت‘ وارن ان کي الڳ رکي، ڄڻ لغت جي اندراج جو نئون انداز متعارف ڪرايو آهي. اهو طريقو به ڪو علمي ناهي.
5-جامع سنڌي لغات ۾ ’بيھڪ جي نشانين‘ جو استعمال ڪمال جو آهي. مثال:داڦِڻُ: جي معنائون، ڳنڍيندڙ ليڪ سان رکيون ويون آهن، جتي معنيٰ جو رخ تبديل ٿئي ٿو اتي ’دم جي نشانيءَ‘ سان الڳ ڪيو ويو آهي، جيئن: دڦِڻُ- مِٽِي يا ڇيڻو ڀت تي هڻڻ. گهڻو ڳالهائڻ- بَڪَڻ- ڪاڏهون جو ڪاڏي ڳالهائڻ- بڪواس ڪرڻ- بيهودو ڳالهائڻ- ڪوڙبَدُوڙ ڪرڻ- واهيات ڳالهائڻ- چُغلي هڻڻ- خراب ڪرڻ. (ص: 774)جڏهن ته ’ٿوري دم‘ جو استعمال هڪ معنى جي اندر ضرورت آهر ڪيو ويندو آهي.’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ اهڙين معنائن کي ’ٿوري دم‘ سان الڳ ڪيو ويو آهي،يعني نه ته ڪم ڪندڙ اها چال سمجهن ٿا ۽ نه وري نظرثانيءَ وارن اهڙن معاملن کي سمجهيو. ڊاڪٽر بلوچ نگرانيءَ وارين لغتن ۾ بيھڪ جون نشانيون علمي آهن، ان جي ذري ذري تي ڳالهائي سگهجي ٿو، جڏهن ته ’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ ڪم آندل بيهڪ جون نشانيون وائڙيون آهن.
6-’جامع سنڌي لغات‘ ۾ تجنيسن جي اندراجن جي صورتخطي، دائرن ۽ مثالن ۾ ڪميون سامهون آيون آهن،
لغت جي حوالي سان ڪافي اهڙا معاملا آهن، جن تي ذري ذري تي علمي انداز سان بحث ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ وس وارن اڳيان عرض ته ’جامع سنڌي لغات‘ تي آڌاريل ڪم لاءِ سنڌ جي مختلف زاوين جي عالمن کان رايا گڏ ڪري، علمي انداز سان انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ اهڙي نازڪ ۽ نفيس ڪم کي اڳتي ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ مخصوص شيرواني يا واسڪوٽي پاتل ماڻهن کان ڪم ڪرائي، قومي وقت ۽ پئسي جو زيان نه ڪرايو وڃي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *