تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

تنهن عشق کي شاباس ….!ليکڪ. جاويد خان سنڌيڪار: ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

هيءَ جون 2016ع جي ڳالھه آھي. جڏھن منهنجي اوچتو بدلي سمنڊ جي پٽي تي موجود هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪئي وئي. اتي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته هتي جا ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ آهن. وقت جي ڪمي جي ڪري ڪوئي ڪنهن سان ڳالهھ ٻولھه يا ڪچهري ناهي ڪندو. رات 10 وڳين ڪم مان واندا ٿي ڪري سڀئي جڏهن سمهندا هئاسين ته ان وقت ٿانون ڌوئڻ جي کڙڪڻ ۽ ٽهرڪڻ جا آواز شروع ٿي ويندا هئا. اهي ايترا ته تيز هوندا هئا جو ننڊ اچڻ ڏکيو هوندو هو ۽ جاڳندڙن کي ننڊ جو ڪو سوچي به نه سگهندو هو. پهرين رات ته مون جيئن تيئن ڪري سمهي گذاريو پر ٻئي رات سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس پر ننڊ ڪوهين ڏور رهي. آئون ايندڙ آواز جي پويان لڳي پيس. شينڪ کان ٿورو پرڀرو پڄڻ سان ئي آواز ڏنو ته ”ڪير آھين …..؟ ”جاويد ڀاءُ آئون آهيان بلاول، بلاول ڪنن مان هينڊ فون لاهيندي چيو! او هو ٺيڪ ……. (هي اسان جو ميس بواءِ هو جيڪو ويهن ماڻهن جي ماني پهچائيندو هو ۽ ان کي هڪڙي مهيني جي پگهار ڇهھ هزار روپيا ايڊمن طرفان ۽ باقي چار هزار اسان پاڻ ۾ گڏ ڪري ڏيندا هئاسين.)
بلاول چپ به ڪر يار سمهڻ ڏي. مون چيو! ٿانوَ ته صرف بهانو آهن مان ڳالهائڻ لاءِ جاڳندو آهيان ان مشڪندي روئڻ واري انداز ۾ چيو. مون چيو ڇا ڳالھه آھي تون روئين ڇو پيو. گهر جي ياد اچي پئي ڇا، طبيعت خراب اٿئي! ، ڀلا ڇا ڳالھه آھي؟ توهان نوان نوان آيا آهيو ان ڪري منهنجي ڳالهھ نه سمجهي سگهندا. هو ٿانوَ کڻي هلڻ لڳو. ۽ منهنجي پريشاني وڌندي رهي آئون به واپس اچي سمهي پيس . ٻئي رات مونکي 10 وڄڻ جو بي صبري سان انتظار هو. انتظار ختم ٿيو پر ڪوبه آواز نه آيو . آئون بلاول جي ڳولا ڪرڻ لاءِ نڪري پيس. اڃان ان بسترو وڇايو نه هو. آئون سمنڊ ڪناري وارو رستو وٺي نڪري پيس. هو اتي ملي ويو. اڄ به ننڊ خراب پئي ٿئي ڇا. هن ڪڙڪيدار آواز مان پڇيو……………؟نه……..! توکان رات واري ڳالهھ پڇڻي هئي ان ڪري توڏانهن آيس. هن چيو ”رات وئي بات وئي.” هو کلي پيو پوءِ منهنجي ٿوري اصرار ڪرڻ تي هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته آئون ست درجا پڙهيل آهيان. منهنجو واسطو سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ سان آهي. منهنجي پيءُ جو نالو دلاور هو. هو هڪ وڏيري وٽ ڪم ڪندو هو. ان سان ملڻ ويندو رهندو هئس. اتي هڪ ڇوڪري روزاني اسڪول ويندي هئي جنهن کي منهنجو پيءُ گاڏيءَ تي ڇڏڻ ويندو هو. هڪڙي ڀيري مون پيءُ کان پڇيو ته هيءَ ڪنهن جي ڌيءُ آهي؟ تنهن تي بابي ٻڌايو ته هيءَ وڏيري جي ڌيءُ آهي. جنهن وڏيري منهنجي پڙهڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.جڏهن ته ان جي پنهنجي ڌيءُ ميٽرڪ ۾ پڙهي رهي آهي. خبر ناهي شام جو مون کي الائي ڇا ٿي ويو جو مون پنهنجي پيءُ کي صاف چئي ڇڏيو ته ”مونکي به پڙهڻو آهي. ” تنهن تي بابا سائين چيو ته ”هاڻي توکي ته پرائمري کي ڇڏڻ کان پوءِ اسڪول کي ڏٺي پنج سال ٿي ويا آهن……..! ”گهڻي چئو چوائڻ ۽ ميڙ منٿ ڪرڻ کان پوءِ وڏيري مڃي ورتو ته تون اسڪول ويندين پر اتي نه جتي عذرا پڙهندي آهي. مون حجم کان پنهنجي حالت ٺيڪ ڪرائي ۽ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيم. اسڪول کان موٽي اچڻ کان پوءِ آئون پنهنجي امڙ سان گڏ اڪثر وڏيري جي گهر جو ڪم ڪندو هئس.
عذرا پلنگ تي ويٺي پڙهندي هئي ۽ آئون اتي ٻهارو ڏيندو هئس. عذرا جي ڪتابن کي هٿ لڳائڻ مون کي سختيءَ سان منع ٿيل هو. پر وڏيري جي غير موجودگيءَ ۾ عذرا مون کان گهڻا ڪم ڪرائي وٺندي هئي. جيئن ڪتابن جي الماڙي جي صفائي ڪرڻ! عذرا جي لاءِ ٻنيءَ مان ڪمند ۽ زيتون پٽي اچڻ! عذرا جي جوتن ۽ ڪپڙڻ کي ترتيب سان رکڻ وغيرھ. هڪ سال ائين ئي گذري ويو ڄڻ خبر ئي نه پئي. مونکي ستين ڪلاس ٿورڙي پڙهڻ ۾ ڏکي لڳي رهي هئي ته مون بابا سائين ۽ امان سانئڻ کي چئي ڪري وڏي وڏيرياڻيءَ کي راضي ڪرائي ورتو ۽ عذرا وٽ ٽيوشن پڙهڻ جي اجازت ملي وئي. ڪم ته عذرا جا آئون پهرين ئي ڪندو هئس ۽ هاڻي عذرا سان ڳالهھ ٻولهه پڻ شروع ٿيڻ لڳي.! وڏيرو هڪ سال جي لاءِ مسقط پنهنجي وڏي پٽ وٽ گهمڻ لاءِ ويل هو. اسان جون ڪچهريون ۽ پڙهائي وڃي دوستيءَ تي پهتيون. هاڻي گهر مان روزانو جي بنياد تي ٻه لنچ باڪس ۽ ٻه پاڻيءَ جون بوتلون تيار ٿينديون هيون.آئون پنهنجو ڀاڱو ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڏئي ايندو هئس. جڏهن آئون اٺين درجي ۾ پڳس ته گهر وارن مونکي شاديءَ جي لاءِ چيو . مون جڏهن اها ڳالهھ پنهنجي دوست عذرا کي ٻڌائي ته هوءَ تپي باھ ٿي وئي ۽ سخت لهجي ۾ چيائين ته ” منهنجي پڇڻ کان سواءِ تون اهو سڀ ڪجھه ڪيئن ٿو ڪري سگھين، خبر اٿئي منهنجي ته مان ڪير آهيان؟ جي چاهيان توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي هينئر جو هينئر واپس ساڳئي جهوپڙي ۾ موڪلي سگهان ٿي، جتان آيا آهيو! اهو چئي ڪري هوءَ ڪمري ۾ هلي وئي ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين.گهڻي ڪوشش ڪرڻ ۽ مڃائڻ کان پوءِ عذرا در کوليو ۽ چيو ته ”آئون توکان سواءِ نٿي رهي سگهان ، پنهنجي گهر وارن سان ڳالهاءِ ته اهي رشتي لاءِ منهنجي گهر وارن سان ڳالهائن.”
اهي سڀئي ڳالهيون ٻڌائيندي بلاول روئندو رهيو ، ۽ جڏهن ته آئون اداس آلي واريءَ تي ليڪا پائيندو رهيو هئس مون جڏھن گهر وارن سان ڳالھه ڪئي ته اهي سڄو سامان کڻي ڪري پنهنجي پراڻي گهر موٽي آيا . اهي وڏيري سان مٽي مائٽي واري ڳالھه نه ڪرڻ تي اٽل ٿي بيهي رهيا. تنهن کان پوءِ امان ۽ آئون گهر ۾ رهڻ لڳاسين ۽ بابا اڪيلو ڪم تي ويندو رهيو. ڇهه مهينا جيئن جو تيئن گذري ويا. عذرا ٻارهين جماعت کان وڌيڪ نه پڙهي سگهي ۽ منهنجو اسڪول وڃڻ به بند ٿي ويو. وڏيرو مسقط مان موٽي آيو. اسين سڀئي ان سان ملڻ لاءِ وياسين. عذرا جي وڏي ڀيڻ پڻ جيڪا مسقط کان هتي آيل هئي. ان جي گهرائڻ تي گهر ويس ته عذرا سان ملاقات ٿي . هڪ ٻئي کي گهڻي عرصي کان پوءِ ائين آمهون سامهون ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي هئي.ان دوران عذرا جي ڀيڻ مونکي ڪمري ۾ گهرائي ۽ پاڻ ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي ” توهان پنهنجي گهر وارن کي چئو ته اهي بابا سائينءَ سان ڳالهائن.” منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي عذرا چوڻ لڳي. مون چيو ” توهان اهو ڪم ڇو ٿا ڪرائڻ چاهيو جيڪو ناممڪن آهي.”توکي جيڪو مون چيو آهي اهو وڃي ڪر، باقي مان پاڻ ڏسي وٺنديس، جي ايترو به نٿو ڪري سگھين ته پوءِ ڀلا مونکي ڀڄائي هل. جي اهو به تو کان نٿو پڄي سگهي ته پوءِ! شام جو منهنجي جنازي تي نه اچجانءِ .”هن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي سڀ ڪجهھ هڪ ساهي ۾ چئي ڏنو. مون وٽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهھ ڪونهي. مون هن جي ڪلهن تي هٿ رکندي چيو.! هن منهنجي هٿ کي چمندي چيو، ”مونکي صرف بلاول کپي ۽ ٻيو ڪجهھ نه. ”شام جو گهر اچڻ کانپوءِ، وڏين ڪوششن ۽ ضد کان پوءِ باباسائين ۽ امان سانئڻ کي صبح جو وڏيري جي حويلي ڏانهن موڪليم . منجهند جو مونکي پيغام مليو ته وڏيري توکي حاضر ٿيڻ لاءِ اوطاق تي گهرايو آهي.جتي اهو ٻڌڻ کان پوءِ هڪڙي پاسي خوشي ٿي رهي هئي ته وري اتي ئي ٻئي پاسي هڪ قسم جو خوف پڻ وڪوڙي رهيو هو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀ ڪجھه ختم ٿي وڃي . منهنجو خوف يقين ۾ بدلجي ويو، جڏهن آئون وڏيري جي اوطاق تي پهتس ته ان جي نوڪر مونکي اڇو ڪاڳر هٿ ۾ ڏيندي چيو ته جي ماءُ پيءُ کي جئيرو ڏسڻ چاهين ٿو ته، هن تي آڱوٺو هڻ. آڱوٺي لڳائڻ کان پوءِ خبر پئي ته هي عاق نامو هيو ۽ گڏ اهو به لکيل هو ته ” ڳوٺ ۾ ته ڇا پر پوري تر ۾ ڏٺو ويس ته مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي جيئرو باھ ۾ ساڙيو ويندو.”
آئون اتان کان جيئن تيئن ڪري ڪراچي نڪري آيس. عذرا گهر مان ڀڄي منهنجي پيءُ وٺ وڃي پهتي . بابا سائين پنهنجي ۽ عذرا جي جان جوکي ۾ وجهي، ان کي مون تائين پڄايو ۽ ساڳي رات منهنجو پيءُ ٿرپارڪر موٽي ويو. وڏيري کي ڪنهن ڪميڻي چغلي هئين . جنهن منهنجي پوڙهي پيءُ کي ڏينهن ڏٺي جو سڀني جي سامهون مارائي ڇڏيو ۽ منھنجي ماءُ مزاحمت ڪئي ته سندس هٿ ڪاٽيو ويو ۽ ڳوٺ مان نيڪالي ڏني وئي .مون ۽ عذرا هتي شادي ڪري ڇڏي پر شاديءَ جي دعوت اڃا تائين ادا ناهي ڪئي. عذرا هتي ئي پنهنجي ماسيءَ جي گھر رهي ٿي ۽ اتي ئي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڻ پڙهائي ٿي. اهو اسڪول ان گهر جي بلڪل پاسي ۾ آهي. عذرا جي ڪل پگهار 8 هزار آهي. بس ڪجهھ مالي حالتون بهتر ٿي وڃن ته پوءِ ڪرائي تي پنهنجو گهر وٺي ڪري پنهنجي والده کي پاڻ وٽ گهرائي وٺندس.جيڪا نوابشاھ دارالامان ۾ رهندي آهي ۽ روزانو رات جو 10 وڳين ڪنهن جي فون تان عذرا ۽ مون سان هڪ ڪلاڪ ڳالهائي وٺندي آهي ۽ گهڻيون دعائون پڻ ڏيندي آهي. گذريل مهيني مونکي پٽ ڄائو آهي. جنهن جو مون نالو ”دلاور” رکيو آهي ته جيئن منهنجي پيءُ جو نالو زندھ رهي . ان بدنصيب پوڙهي پيءُ جي قبر جي مونکي خبر ناهي ته اهو منهنجو عظيم پيءُ ڪهڙي حالت ۾ دفن ٿيل آهي جنهن اسان جي ڪري پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. جڏهن به آئون پنهنجي پيءُ جي ڳالھه عذرا سان ڪندو آهيان ته ويچاري روئندي بيهوش ٿي ويندي آهي. خبر ناهي هن جاءِ تي مونکي ڪنهن پهچايو آهي عذرا يا تعليم……..؟؟؟
ان جھوليءَ مان سمنڊ جي واريءَ کي هٽائيندي، آلين اکين کي صاف ڪندي هڪڙو ٿڌڙو ساھ ڀريندي چيو ”اٿو فجر جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *