تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

“تنهائي واري بيچلر ۽ خوش زندگي ڪيئن گذارجي … پون ڪمار منڌاڻ

جڏهن توهان بيچلر ۽ اڪيلا هوندا آهيو ته هرڪو توهان کان ساڳيو سوال پڇا ڪري ٿو توهان شادي ڪڏهن ڪندو؟ جڏهن توهان 30 سالن جي عمر ۾ پهچو ٿا ته هرڪو توهان کان ائين پڇي ٿو ته توهان شادي ڇونه ڪئي آهي؟ ان جو کڻي ڇابه سبب هجي توهان ان سوال جي ٻڌڻ کان بيزار ٿي وڃو ٿا جڏهن توهان 30 سالن ۾ پهچو ٿا ۽ توهان کي ڪو به مستقل دوست به نه آهي ته اهي سوال اڃا وڌيڪ تڪليف ڏين ٿا ۽ ماڻهو اچرج مان پڇن ٿا ته توهان سان ڇا مسئلو آهي؟ بظاهر ان سوال جو ڪو به جواب ناهي، توهان بنا ڪنهن دوست جي اڪيلا ۽ خوش گذاري سگهو ٿا اڪيلي خوش گذارڻ واري پنڌ ۾ سڀ کان پهريون قدم آهي پنهنجي پاڻ سان خوش ۽ مطمئن هجڻ جيڪڏهن توهان خوش آهيو ته ڀلي ڪوئي ڇابه چئي يا سمجهي ان سان ڪو فرق نه پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڀيرا هڪ واحد ماڻهو جي حيثيت سان توهان کي ٻاهر وڃڻو پوندو ۽ اڪيلي سر نڪرڻو پوندو ۽ انهي ڪم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوبه موجود نه هوندو. مثال طور جيڪڏهن توهان جا سڀ دوست شادي شده آهن يا انهن کي ٻي ڪاذميواري آهي ته توهان پنهنجي پاڻ کي انهن سان گڏ اٽڪيل ٽيون ڦيٿو سمجهندو. اهو واحد آزادي وارو وقت جيڪو انهن جوڙڻ کي هوندو آهي ان کي اڪيلي سر يا ٻين سان گڏ گذارڻ چاهيندا، اهو وقت توهان جي لاءِ افسوس ڪرڻ جو ناهي،.
جيڪڏهن اوهان گهر کان ٻاهر نڪرو ۽ ڪو ڪم ڪريو پنهنجي ڪامن پسند سرگرمي ڪرڻ کان نه گهٻرايو ڪنهن فلاحي اداري کي پنهنجو رضاڪارانا وقت ڏيو ان خيال سان ته توهان انهن جي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا، ان مشغلي ۾ پنهنجو رضاڪارانا وقت ڏيو انهي سرگرمي دوران توهان هم خيال ماڻهن سام ملندو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪا پائيدار دوستي حاصل ڪريو جيئن ته توهان کي ڪو ساٿي ناهي ان جو هرگز مطلب اهو ناهي ته توهان اڪيلا ٻاهر نٿا وڃي سگهو جيڪڏهن توهان ٻاهر وڃڻ چاهيو ٿا ۽ ڪنهن به دوست جي سنگت نٿي ملي توهان اڪيلا ٻاهر نڪري وڃو خاص طورجيڪڏهن توهان تماشگاهه ڏانهن وڃڻ پسند ڪيو ٿا ته اڪيلي سر وڃو ڪوئي به توهان ڏي مذاق سان نه نهاريندو جيڪڏهن توهان اتي پاڻ اڪيلي سر ويٺا آهيو هرڪو ماڻهو اتي ساڳي سبب ويٺو آهي
جنهن سبب توهان ويٺا آهيو مزو وٺڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ته پهريون ڀيرو ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه عجيب لڳي جو توهان ڪو رد عمل ظاهر ڪيو پر توهان بعد ۾ ان جا عادي ٿي ويندو اڪيلي سر ريسٽورينٽ ڏانهن وڃڻ کان نه گهٻرايو، کاڌي کان اڳ ۽ بعد ۾ ڳالهائڻ واسطي ڪنهن به ساٿي جي عدم موجودگي بدران توهان ڪو به ڪتاب يا رسالو پڙهڻ لاءِ کڻي وڃو ان سان توهان جو وقت آسان گذري ويندو توهان پاڻ محسوس ڪندو ته توهان جي ماني تمام جلد اچي وئي آهي ٿي سگهي ٿو ته ان جو سبب اهو به هجي ته ٻين پليٽن جي پهچائڻ کان هڪ پليٽ جي پهچائڻ ۾ وقت ٿورو لڳي ٿو يا ٿي سگهي ٿو ان جو سبب اهو هجي ته بيرو توهان کي جلد فارغ ڪرڻ بعد توهان جي جاءِ تي ڪنهن جوڙي جي خدمت ۾ لڳي وڃي ان کان سواءِ توهان اڪيلي سر ڪنهن به فنڪشن يا راندين جي مقابلن ۾ به وڃي سگهو ٿا يقينن ڪنهن ساٿي کان سواءِ توهان ان تفريح مان ڀرپور لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.
جيئن ته توهان اڪيلا آهيو ۽ توهان کي ڪو ساٿي به نه آهي ته ان جو هرگز مقصد اهو ناهي ته توهان کي گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي ۽ اتي ئي گذارڻ گهرجي جيڪڏهن توهان ٻاهر ڪٿي وڃڻ چاهيو ٿا ۽ ٻيو ڪو توهان سان گڏ ناهي تڏهن به توهان پاڻ اڪيلي سر وڃو پوءِ به توهان جو وقت حيرت انگيز نموني گذري ويندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *