تازا ترين
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

تعليم ۽ صحت سڀ کان وڏو مسئلو قرار: بجلي، پاڻي، صفائي، پڪا رستا ۽ روزگار جون سهولتون به ناهن: عوام جون دانهون…نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي علائقي جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن بنيادي سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪيون ۽ چيو ته تعليم سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ان بعد پاڻي، بجلي، گيس، صحت، بيروزگاري، صفائي ۽ روڊ رستن جون سهولتون نه ملڻ جهڙا مسئلا آهن، ووٽ وٺڻ بعد چونڊيل نمائندا لاپتا ٿي ويا آهن ڪير به مسئلا حل نٿو ڪري، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي وڏي انگ ۾ ماڻهن ڪمينٽس ڪيا، بابر وساڻ لکيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد جو سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جو پاڻي آهي، اختيار ٻٻر لکيو ته تعليم جو وڏو مسئلو آهي، لائبريري ڏني وڃي، جوڻيجو رسول بخش لکيو ته بيروزگاري وڏو مسئلو آهي، سڪندر بلوچ لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ به لائبريري ناهي، سڀ کان وڏو مسئلو روڊ رستن جو آهي جيڪي تباهه آهن. اياز لطيف راڄپر لکيو ته شاهپور چاڪر ۾ تعليم جو مسئلو آهي، پرائمري جي عمارت زبون آهي، ڪاليج جو ڪم 2005ع کان هيل تائين مڪمل ناهي ٿيو، خواجه صدام لکيو ته احمد پور جو سڀ کان وڏو مسئلو روڊن جو آهي، اختر سنڌيار لکيو ته تنگواڻي ۾ بجلي جو وڏو مسئلو آهي، جاويد هڪڙو ۽ ديدار بلوچ لکيو ته شڪارپور جو سڀ کان وڏو مسئلو صفائي ۽ پاڻي آهي، اشوڪ سمراٺ لکيو ته ٽنڊوالهيار جو وڏو مسئلو تعليم آهي اسڪول بند آهن، احسان مستوئي لکيو ته مبارڪپور ۾ روڊن جو مسئلو آهي، دائود لغاري لکيو ته چمبڙ تعلقي ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، شربت جعفري لکيو ته ڪرمپور ۾ پڪا رستا ناهن، مسرور شر لکيو ته پڪا چانگ ۾ تعليم جو مسئلو آهي، عبدالغفار اوڳاهي لکيو ته غوثبور ۾ بجلي جو وڏو مسئلو آهي،عبدالشڪور سومرو لکيو ته جيڪب آباد ۾ پاڻي جي کوٽ جو وڏو مسئلو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ بجلي جو وڏو مسئلو آهي، عمران ميراڻي لکيو ته نارو تعلقي ۾ صحت جو وڏو مسئلو اسپتال ۾ سهولتون ناهن، نثار احمد سمون لکيو ته ٿرپارڪر ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، سميع الرحمان لکيو ته ڪرونڊي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو آهي،محرم خاصخيلي لکيو ته مانجهند ۾ سمورا بنيادي مسئلا آهن، پرشوتم سوراڻي لکيو ته مٺي شهر ۾ پاڻي ناهي،فاروق احمد لکيو ته دادو ضلعي ۾ بنيادي سهولتون ناهن، عبدالرزاق اوڳاهي لکيو ته گڏاپ ۾ پاڻي ۽ گيس جو مسئلو آهي، هزار خان لکيو ته گهوٽڪي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي، رجب رحمي لکيو ته چيلهار ۾ گندگي وڏو مسئلو آهي،هريش لال بجاج لکيو ته پنوعاقل ۾ گندگي جو وڏو آزار آهي،سمير احمد لکيو ته ڪاڇي واسي پاڻي پڪن رستن جي مسئلن کي منهن ڏين ٿا، ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته سکر ۾ تعليم ۽ صحت وڏا مسئلا آهن.مهتاب شر لکيو ته پيروسڻ ۽ ڀرپاسي سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي پر ٻيون سهولتون به ناهن ملي سگهيون. برڪت علي شر لکيو ته اوٻاوڙو ۾ اسان وٽ سم ۽ ڪلر جو وڏو مسئلو آهي، شير زمان کوسو لکيو ته اڏيرو لعل شهر ۾ روڊ رستن جو مسئلو آهي، ان کانسواءِ انور علي، مختيار حسين مهر،خالد حسين، امير حسين، سميع الله بلوچ، ظفر بلوچ، پريتم مصراڻي، هريش لال، عاجز عجيب الله، عبيدالله ميمڻ، حاڪم کوسو، حسان نظاماڻي، حسنين، معراج علي خان، فياض نوتڪاڻي، مهيندر مالهي، اياز منگي، ٻوت سنگهه، ڏهراج نعيم، نوشاد خاصخيلي، بهرام ساگر، نديم کوسو، اعجاز ڀنڊ، عاجر واگهو، ثنا گوهر خان، ساجد علي، جيون پرمار، گل زمان ڪانڌڙو، وقاص ياسين، عبدالفتاح بلوچ، واگهرو رٻاڙي، عبدالرحمان اوڳاهي، اختيار حسين شيخ، فريد جروار، امجد نائچ، زاهد حسين، صغير خان، جمال الدين چنا، نديم علي، ايڊووڪيٽ سنيل، گل حسن شر، ارشد حسين ٻرڙو، مصطفيٰ، اسدالله ٿهيم، نجيب مولائي، محمد حسين، آڪاش انقلابي، شمشاد خان، منٺار سومرو، اي ڊي بي گبول، آفتاب سولنگي، عرفان گاڏهي، آفتاب چانڊيو، عاشق دايو، ابرار احمد، اڪرم لغاري ۽ ٻين پڻ بنيادي سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪيون، هنن چيو ته اسان جي علائقن ۾ بيروزگاري آهي، تعليم جي ڪا به سهولت ناهي، اسڪول بند پيل آهن، صحت جي سهولتن جي اڻاٺ آهي اسپتالن ۾ هڪ رپئي واري گوري به نٿي ملي، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، پاڻي جي کوٽ کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، صفائي نٿي ڪرائي وڃي، اڪثر رستن تي گندگي هجي ٿي، ان کانسواءِ پڪن رستن جي سهولت به ناهي ڏني وئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *