تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

تعليم ڇو ۽ ڇا لاء ؟؟ … عذير عابد

تعليم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد به ياد نٿو رھي ـ تعليم حاصل ڇو ڪئي ويندي آھي ؟؟ تعليم جو اصل مقصد ڏاھپ کي جنمڻ آھي ،ماڻھو کي ڏاھو بڻائڻ تعليم جو اصل مقصد آھي ـ جڏھن ته تعليمي سرشتي کان پنهنجو اصل مقصد وسري ويو آھي ـ ھڪڙي ته روايتي تعليم آهي جيڪا ھر ماڻھو حاصل ڪري ٿو ,اسڪول ,يونيورسٽي يا ڪاليج وڃي ٿو ,اتان ھو روايتي طرح ڪجهھ درجا پڙھي ٿو ۽ ڪي ڊگريون حاصل ڪري ٿو ـ پر ڇا تعليم صرف اھا ئي آھي؟ ڇا اڄ اسان وٽ يا دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جيڪو تعليم نظام آھي ,اھو ھميشه ايئن ئي رھيو آھي ماضي ۾ ؟ توھان جي ڪورس جي ڪتابن ۾ جيڪي ھيرا ۽ ڏاھا توھان کي پڙھايا وڃن ٿا ڇا انھن سڀني صرف اھا تعليم ورتي ھئي جيڪي توھان حاصل ڪيو ٿا ؟ ڇا انھن سڀ شيون ايئن سکيون ھيون جيئن اوھان سکون ٿا ـ ڇا اھي پنهنجي ڪلاس ۾ موجود استاد جي لفظن مبارڪن کي لبيڪ چئي ,حرف آخر سمجھي ۽ ڳنڍ ڏي انھن لفظن تي
ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھيا ھيا ,ڇا انھن پنهنجي استاد جو ادب ايئن ڪيو ھو جيئن اوھان ڪيو ٿا ؟ڇا اختلاف رکڻ بي ادبي آھي ؟؟ ڇا انھن وٽ تعليم جو مقصد اھو ھو جيڪو توھان وٽ آھي ؟ ڇا انھن تعليم کي بازار جو وکر سمجھي حاصل ڪيو ھو ؟ ۽ سڀ کان وڏو سوال ته ڇا انھن ((توھانجي آئيڊيلز)) اھا ئي تعليم حاصل ڪئي جيڪي توھين پرايو ٿا ـ ؟
اسان وٽ تعليم صرف ذريعي معاش وڃي بڻيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهھ به نه ـ تنھن ڪري توھانجي آئيڊيلز اھا تعليم ڪڏھن به حاصل نه ڪئي ھوندي جيڪا صرف ذريعي معاش ھجي انھن جي تعليم ڪا ٻي ھئي ـ اچو ته پاڻ اھا تعليم حاصل ڪيون ـ زندگي جو ھر پل اوھان کي ھڪ سکيا ڏي ٿو ـ فطرت ۽ سماج جون ڪي شيون توھان تي اثر انداز ٿين ٿيون جنهن کان پوءِ توھان جي اندر ري ايڪشنس پيدا ٿين ٿا ,جيڪي توھان جي شخصيت سمجهھ ,سوچ ۽ شعور کي اظھارين ٿا ـتعليم ڪڏھن به ڪا ڳالھه ذھن ۾ رکڻ يا ياد ڪرڻ جو نالو نه آھي ـ تعليم جو گھرو واسطو سمجھه ۽ عقل سان آهي ,توھان جي سوچڻ جي انداز سان آھي ـ اوھانجين اوليتن ۽ ترجيحن سان آھي ـ اچو ته پاڻ سماجي رڪاوٽن Social Taboos مان ٻاھر نڪري ,اھي علم حاصل ڪيون جنھن جو تعلق اسانجي سمجهھ سان ھجي ,جيڪو ذھن جي زمين ۾ ڪي سٺا ٻج ڇٽي نه ڪي اھو علم جيڪو توھان کي مختلف علمن پڙھڻ کان روڪي ۽ اوھانجي قدرتي صلاحيتن کي غير فعال بڻائي ڇڏي ـ تعليم جيڪا رياست ڏئي ٿي ۽ ڪورس جيڪو ٽيڪسٽ بڪن ۾ آھي اھو جوڙيو ويندو آھي رياست جي نظرين مطابق ۽ رياست جي مفادن جي بچاءُ واري تعليم اسڪولن مان حاصل ٿئي ٿي ,ان سبب جي ڪري ٻارن جي تخليقيت مري ٿي وڃي,شخصي ۽ ذھني آزادي ختم مطلب شعور ۽ سمجهھ جو به موت ـ
با اصول ۽ بھترين فرد اھي ھوندا آھن جيڪي اختلاف رکندا آھن ,پنهنجي ايماندرانا راءِ ڏيندا آھن نه ڪي اھي جيڪي اڄ ھڪڙي ڳالهھ ڪن سڀاڻي ٻي ـ تعليم جو اصل مقصد به اھو آھي وحشي انسان کي مھذب بڻائڻ ,بي شعور ۽ بي سمجهھ کي شعور جا پر عطا ڪري تاريخ ۽ فلسفي جي دنيائن جو سير ڪرائڻ ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *