تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

تصوف جي چيرڦاڙ جو تنقيدي جائزو …عرفان ڏاهري

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب  اسان کي ڪنهن  اهڙي جنگ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي،جيڪا ڪنهن سرد جنگ کان گهٽ ڪونهي! جنهن جي محاذ تان ملا ازم ۽ ماڊرنزم( رجعت پسند ۽ ترقي پسند ) جا قائل هڪ ٻئي جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ادب جي ميدان ۾ ڇڙيل ان نظرياتي جنگ جي آڙ ۾ فقط تنقيدي هٿيار جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هر نظرياتي گروهه فقط پنهنجي ئي نظريي کي هٿي وٺرائڻ خاطرمختلف لکڻين ذريعي پنهنجي ئي نظريي جي پرچار ڪندو رهيو آهي.انهن مخصوص گروهي اديبن جو ڪم فقط ٽاندي ۾ آهوتي وجهڻ برابر آهي،پر افسوس ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته اسان وٽ انهن گروهي اديبن جا پرستار به وڌيڪ آهن، جيڪي  هر وقت سندن اهميت ۽ حيثيت مڃرائڻ خاطر کين وڏن وڏن لقبن سان نوازيندا رهيا آهن، جيڪا هڪ کليل حقيقت ۽ کرو سچ آهي، جنهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ سچي ڳالهه  چوڻ ۾ ڪنهن کي ڪوبه هرج محسوس نه ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته رومي فرمايو، ” در حديث راست آرام دلست“ يعني سچي ڳالهه ۾ ئي دل جو سڪون آهي. انهن نظرياتي گروهن مان هڪ مخصوص گروهه سان تعلق رکندڙ نجم عباسي جو اسمِ گرامي به ڪنهن کان ڪو ڳجهو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مختلف اديبن طرفان اهو رايو پيش ڪيو ويو آهي ته سندس لکڻيون ڪنهن هڪ مخصوص نظريي سان منسلڪ آهن ۽ اهو نظريو ڪو پراڻو ناهي پر ويجهي ئي زماني سان تعلق رکي ٿو.
جيتوڻڪ ان ڳالهه جو ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته نجم عباسي سنڌي ادب جو هڪ نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار پڻ آهي.جنهن جو شمار سنڌ جي مشهور و معروف ادبي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو پر تصوف جي موضوع تي لکيل سندس  هڪ ڪتاب  ”تصوف جي چيرڦار“  جيڪو هن جي مختلف موضوعن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ڪل سندس 12 مضمون آهن،جيڪي هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مختلف وقتن تي لکيا هئا. اسان هتي فقط هن ڪتاب جي پهرين مضمون ” تصوف جي چيرڦار“ کي پنهنجي مطالعي هيٺ آڻينداسين،معاف ڪجو! هي مضمون ڊاڪٽر صاحب 1984ع ڌاري لکيو هو ۽ ٺيڪ 36 سالن کانپوءِ جڏهن هن بندي ان مضمون جو مطالعو ڪيو،جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ته منهنجي عمر به هاڻي ئي مطالعي ڪرڻ  ۽ سوچڻ سمجهڻ جي قابل ٿي آهي! سو سائين جي هن مضمون کي پڙهندي مون پنهنجي ذهن کي هڪ جاءِ بيٺل محسوس نه ڪيو ۽ بي ساخته  اها آهه نڪري وئي ته وڃ! اسان جي عالمن جي جيڪڏهن اها ئي سوچ آهي ته پوءِ اسان اٻوجهه ماڻهن جو ڇا ٿيندو ! بهرحال سندس هن مضمون ” تصوف جي چيرڦاڙ “ مان پتو پوي ٿو ته سائنسي علم ۽ عقل جي دعويٰ ڪندڙ ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب تصوف جي اصل نظريي کي ڇڏي هٺ ٺوڪين ڳالهين جي بنياد تي پنهنجي  لاعلمي ۽ لاشعوري ڪيفيت جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته هن تصوف جي موضوع تي لکيل فقط هڪ ڪتاب ” تصوف جي حقيقت “ جيڪو بقول سندس جي غلام احمد پرويز جو لکيل آهي، ان جي آڌار تي تصوف جي پوري تعليم ۽ تاريخ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، ان مضمون کي پڙهندڙ هر قاري ائين محسوس ڪندو ته اهو فقط ئي فقط هڪ منفي سوچ جو اظهار آهي، جنهن مان مجموعي طور رڳو نفرت جي بوءِ اچي ٿي. 
ڊاڪٽر صاحب موجب سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي پر هاڻوڪي جديد دور ۾ تصوف جي نه ڪا ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪا اهميت!سنڌ صوفين جو ديس آهي،پر تصوف هاڻي مدي خارج ٿي چڪو آهي. هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي.(ص _5) مطلب ته هن سائنسي دور ۾ شاهه،سچل ۽ سامي وغيره جهڙن صوفي شاعرن جو پيغام بقول سندس جي ته مدي خارج ٿي چڪو آهي ۽ اسان کي چارلس ڊارون،ڪارل مارڪس ۽ لينن وغيره جي تعليم کي وٺڻ گهرجي! نه رڳو انهن جي پر انهن جي ڏنل نظرين جهڙوڪ ارتقا واري نظريي،ماديت پسندي،سوشلزم ۽ ڪميونزم وغيره تي به غور و فڪر ڪرڻ گهرجي.اها ڳالهه هر هڪ  باشعور فرد کي تسليم ڪرڻي پوندي ته موجوده دور ۾ اسان کي سائنس ڏانهن ئي ڌيان ڏيڻ گهرجي! ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجهه نه رڳو اسان جي فائدي وٽان آهي پر پنهنجي بچاءَ ۽ بهبود لاءِ به انتهائي ضروري آهي،جنهن تي اعتراض وارڻ بلڪل ئي بيجا آهي، باقي اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته تصوف جي تعليمات ڪڏهن به مدي خارج نٿي ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اڄ جو انسان انا پرستي،مذهب پرستي،قوم پرستي،دولت پرستي،خواهش پرستي سان گڏوگڏ بدحالي،بيوسي،بيحسي،بڇڙائي،بيحيائي،مفلسي ۽ لاچاري،نفرت ۽ ناراضگي،ڏاڍ ۽ ڏمر،نيچ اوچ ۽ ذات پات جي ور چڙهي پنهنجون سڀئي خوشيون ۽ خوشحاليون،اميدون ۽ آسرا،خواب ۽ خيال،امن ۽ آزادگي،سچائي ۽ سادگي،عاجزي ۽ انڪساري،مان ۽ مروت،عزت ۽ آبرو،ايڪو ۽ اتحاد،عدل ۽ انصاف مطلب ته  هو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي!تنهڪري اڄ جو انسان حسد ۽ ساڙ،ڪيني ۽ ڪدورت، قتل و غارت،مذهبي انتهاپسندي، فساد ۽ فتني سان گڏوگڏ ذات پات ، رنگ و نسل ۽ قوميت پرستي جي فرق کي نظر انداز ڪندي انسانيت جو نعرو بلند ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو سڀڪجهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو پنهنجي وجود جي ورق کي ڌوئي صاف ۽ شفاف بڻائي سگهي،جنهن جي ڪري کيس صوفياءِ ڪرام جي تعليمات ڏانهن متوجهه ٿيڻو پوندو،
هن گهٽ پڙهيل بندي جي نظر ۾ ته ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن تصوف جي بنيادي ڪتابن جهڙوڪ قوت القلوب،رساله قشيريه،ڪشف المحجوب،فوائدالفواد،تنبيه المغترين،دليل العارفين،معمولات حضرات نقشبنديه،عوارف المعارف،مثنوي رومي،گلستان و بوستان وغيره جو مطالعو ٿيل هجي ها ته شايد هو ايڏي وڏي ناقابلِ فهم ڳالهه نه ڪري ها! پر انهن ڪتابن کي به ڇڏيو کڻي اسان رڳو سنڌ جي صوفياءِ ڪرام جي لکيل تصنيفن جهڙوڪ مقدمت الصلوات،منهاج المعرفت،فتح الفضل،مقصود العارفين ، ينابيع الحيات الابديه في طريق طلاب النقشبنديه ۽ پنج گنج وغيره کي ئي پڙهون ته اسان کي انهن ڪتابن اهڙي قسم جي ته ڪابه ڳالهه نٿي ملي جيڪا اسلام ۽ ان تعليمات جي خلاف هجي! بلڪ ان ۾ ته شريعت تي پابند رهڻ لاءِ باقاعده تنبيهه ٿيل آهي. پر اسان رڳو انهن صوفياءِ ڪرام جي شاعري جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته انهن جو مقصد اسلام خلاف بغاوت ڪرڻ نه پر ان جي اصل پيغام جي تبليغ ڪرڻ هو،جنهن ۾ اسان تمام گهڻي ملاوٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي اصل جوهر کي وڃائي ويٺا آهيون.
بهرحال ڊاڪٽر صاحب اوهان جو نظريو پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن جي خلاف ائين ئي هوا ۾ هٿ هڻڻ اوهان جي شان وٽان ٿوري آهي،اوهان ته پنهنجي ذات ۾ بلڪل ئي منفرد آهيو. تنهنڪري اسان  سڀني  کي  گهرجي ته اسان ڪنهن به نظريي سان بجاءِ ڪنهن مثبت دليل جي اختلاف نه رکون ۽ حقيقتن کي سامهون رکي حق ۽ سچ جي فتوا ڏيون،جيڪو ڪم مختلف نقادن جي نظر ۾ تنقيد جو اصل روح آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *