تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ترجمي نگاريءَ جي فن جو تحقيقي جائزو …عرفان ڏاهري

سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي کي ” الٿو “ به چيو ويندو آهي، پر گهڻي ڀاڱي ” ترجمو “ لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيو ويندو آهي،ترجمو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي،جيڪو” رجم يا ترجم“ مان نڪتل آهي،جنهن جون مختلف معنائون آهن،مثال طور ڪنهن جي ڪلام کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ نقل ڪرڻ،تفسير و تعبير،ديباچي ۽ ڪنهن شخص جي احوال يا تذڪره نويسي کي ترجمو چيو ويندو آهي. ترجمي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ “Translation” چيو ويندو آهي،جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي هڪ لفظ “Translatio” مان ورتل آهي،جنهن جو اصل ماخذ “Transferre” آهي،جيڪو ٻن لفظن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي، “Trans”معنيٰ پار ڪرڻ ۽ “Ferre” معنيٰ کڻي وڃڻ مطلب ته ڪنهن به شيءِ کي کڻي ڪري ڪنهن رستي کي پار ڪرڻ وغيره،اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪنهن ٻوليءَ (Select Language) جي عبارت کي ٻي ٻوليءَ (Target Language) ۾ منتقل ڪرڻ کي ترجمو (Translation) سڏيو ويندو آهي.رومن،جرمن ۽ يورپي ٻولين ۾ ترجمي کي “Tranducere” سڏيو ويندو آهي، جيڪو “Tradurre” مان ورتل آهي،ان لفظ کي ” ليونارڊ بروني“ نالي هڪ تاريخدان پهريون ڀيرو فعل جي صورت ۾ ترجمي جي فن خاطر استعمال ڪيو،جنهن جي معنيٰ به لڳ ڀڳ ساڳي ئي آهي،جيڪا اسين مٿي بيان ڪري چڪا آهيون،ڪن محققن جي راءِ مطابق؛ “Translation” لفظ پراڻي فرينچ جي هڪ لفظ “Slate” مان ٺهيو آهي،جيڪو لڳ ڀڳ انگريزي ٻوليءَ ۾ چوڏهين صدي ڌاري مروج ٿيو.
ترجمي جا قسم:
1-علمي ترجمو: هن قسم جي ترجمن ۾ دنيا جي مختلف علمن جهڙوڪ؛ فلسفي، سائنس، رياضي، جاگرافي، تاريخيات، سياسيات، سماجيات، نفسيات، اخلاقيات، فلڪيات، ارضيات، زراعت ۽ انجنيئرنگ وغيره جهڙن شعبن جي علمي ڪتابن جو ترجمو ڪيو ويندو آهي. علمي ترجمي ڪرڻ وقت مترجم کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هونديون آهن،ڇاڪاڻ ته هن قسم جي ترجمن ۾ اصطلاحن جو استعمال ڪثرت سان ڪيو ويندو آهي،جنهن جا متبادل لفظ (جنهن ٻوليءَ ۾ هو ترجمو ڪري ٿو) ڏيڻ ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن قاصر رهجي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ اهي اصطلاح دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ساڳي ئي صورت م مروج ٿي ويندا آهن.
2-ادبي ترجمو: هن قسم جي ترجمن ۾ مخصوص ادب سان لاڳاپيل شين جهڙوڪ؛ نثر ۽ شاعري جي سڀني صنفن تي لکيل ڪتابن جو ترجمو ڪيو ويندو آهي.هن قسم جي ترجمي ڪرڻ وقت مترجم کي تمام گهڻو محتاط رهڻو پوندو آهي،ڇاڪاڻ ته هن قسم جي ترجمن ۾ متن جي اصل روح کي پيش ڪرڻو پوندو آهي.جنهن ۾ جذبات ۽ احساسات جي ترجماني جو تمام گهڻو خيال رکيو ويندو آهي،جڏهن ته متن ۾ سمايل اصل ذائقي کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
3- صحافتي ترجمو: هن قسم جي ترجمي جو صحافتي ادارن جهڙوڪ؛ پرنٽ ميڊيا،اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا وغيره ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي.هن قسم جي ترجمي ۾ ڪنهن به عبارت جي جملن جي اصل ترتيب،لفظيات ۽ اصطلاحات جي ترڪيب کي ڇڏي فقط ان جي مفهوم تي زور ڏنو ويندو آهي،جنهن جي نتيجي ۾ مترجم کي اها عبارت پنهنجن جملن،لفظن ۽ اصطلاحن ۾ پيش ڪرڻي پوندي آهي،جنهن لاءِ هن وٽ ڪي به قانون ۽ قاعدا ناهن هوندا، بلڪ هو آزاد هوندو آهي،جيئن وڻيس تيئن پيش ڪري.
ترجمي جا بنيادي اصول:
ترجمي جو سڄو دارومدار ان جي قانونن،قاعدن ۽ اصولن تي هوندو آهي! انهن کان سواءِ ڪوبه مترجم ترجمي جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ مڪمل نٿو ڪري سگهي،تنهنڪري مترجم کي انهن سڀني اصولن کي نظر ۾ رکڻو پوندو ۽ کيس هر وقت محتاط رهڻو پوندو! مختلف ماهرن، محققن ۽ مترجمن سسرو، سينٽ جيروم، ڊرائيڊن، پوپ، ايزرا پائونڊ، بيڪٽ،گوئٽي، پروفيسر ايلبرٽ، ڪالرج، چومسڪي، سيوري، ڪائولي، پيٽر ۽ نيومارڪ وغيره جا نالا تمام گهڻا مشهور آهن، جن پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ فهم جي آڌار تي ترجمي جا مختلف قانون،قاعدا ۽ اصول مقرر ڪيا آهن،جن جو مختصر جائزو ڪجهه هن ريت آهي.
1. مترجم کي مختلف ٻولين تي مهارت رکڻ گهرجي،خاص طور تي پنهنجي مادري ٻولي ۽ جنهن ٻوليءَ مان هو ترجمو ڪري ٿو، ٻنهي تي کيس مڪمل طور چڱي ڀلي دسترس حاصل هجڻ گهرجي.
2. ترجمي جي ٻولي نهايت ئي عام فهم،سادي ۽ سليس بلڪ خوبصورت هجڻ گهرجي،دقيق لفظن،جملن ۽ اصطلاحن جي استعمال کان کيس پرهيز ڪرڻ گهرجي.
3.جيڪڏهن ڪوئي صحافتي يا علمي ترجمو ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي لاءِ اهو تمام ضرور آهي، ته هو ان علم تي مڪمل عبور رکندڙ هجي.
4. لفظي ترجمي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اصل متن جي فڪر ۽ خيال جو جائزو غور سان وٺڻ گهرجي.
5. شاعريءَ جو ترجمو نثري يا تشريحي هئڻ گهرجي.
6. ترجمي ۾ ڪٿي به ڪوئي صوتي، نحوي، معنوي،نثري،تشريحي،آزاد،موزون ۽ رڌم وارو جهول نه هجڻ گهرجي.
7. ڪنهن به مترجم جي لاءِ اهو ضروري آهي ته ان وٽ لفظيات جو ذخيرو وسيع پيماني تي هجڻ گهرجي،وغيره وغيره.
ترجمي جي مختصر تاريخ:
محققن جي تحقيق موجب؛ ترجمي جي تاريخ قدامت جي لحاظ کان علم الانسان جيتري پراڻي آهي،دنيا جي پراڻين تهذيبن جهڙوڪ؛ عراق ۽ ايران جي بابل ۽ سميريا،هند ۽ سنڌ جي موهن جو دڙو ۽ هڙاپا،مصر جي قبطي ،شام جي نبطي ۽ يمن جي تهذيبن وغيره مان جيڪي تحريري نشانيون ۽ آثار مليا آهن،انهن جي بنياد تي پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته اتي ترجمي جو استعمال ضرور ٿيو هوندو! ڇاڪاڻ ته ان وقت جي انسانن کي پنهنجي جذبات،احساسات ۽ خيالات جي اظهار ڪرڻ،هڪ ٻئي سان رابطي ۾ اچڻ ،مالي، معاشي ۽ سماجي ڪمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف ٻولين جي سکڻ جي ضرورت پئي،جنهنڪري انهن تهذيبن ۾ گهڻي ڀاڱي زباني ترجمي جو استعمال ڪيو ويندو هو! جنهن جو تحريري ثبوت هن وقت تائين ناهي ملي سگهيو! تنهنڪري سڀ کان پهرين جيڪو تحريري ترجمو مليو آهي سو ٻه هزار سال پراڻو آهي.
1799ع ۾ مصر جي ملڪ تي نيپولن مهم دوران، نيل درياهه جي ڀرسان هڪ فرينچ سپاهي کي “Rosetta stone” نالي هڪ قيمتي پٿر مليو،جنهن تي مصري ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ هڪ تحرير لکيل هئي،جنهن جي باري ۾ ماهرن جڏهن تحقيق ڪئي ته انهن کي معلوم ٿيو ته اهو پٿر لڳ ڀڳ هڪ سئو ڇهانوي قبلِ مسيح جو آهي،ماهرن موجب؛ ان تحرير کي اسان ترجمي جي پهرين ڪوشش چئي سگهون ٿا! جنهن بعد ٻه سئو چاليهه (240) قبلِ مسيح ۾ ” اينڊرونيڪس“ نالي هڪ مترجم هومر جي هڪ طويل تعريفي نظم ” اوڊيسي“ کي يوناني ٻوليءَ مان لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. جنهن کانپوءِ لڳ ڀڳ ٻه يا ٽي قبلِ مسيح ۾ يونان جي ٻاهتر يا ستر عالمن ( جن کي “Septuagint” چيو وڃي ٿو) پاڻ ۾ گڏجي عيسائين جي پاڪ ڪتاب انجيل جو ترجمو عبراني ٻوليءَ مان يوناني ٻوليءَ ۾ ڪيو هو،جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ کين 72 ڏينهن لڳا هئا! يونانين ان دور ۾ نه رڳو انجيل جو ترجمو ڪيو، پر توريت ۽ زبور جو ترجمو به يوناني ٻوليءَ ۾ ڪيائون،جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ترجمي کي سڀ کان پهرين مذهبي حوالي سان ڪتب آندو ويو،جيڪو سلسلو اڳتي هلي پنهنجي عروج تي پهتو! يونانين کانپوءِ چين وارن کي پنهنجي ٻڌمت مذهب جي تعليمات پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ بالاّخر انهن چوٿين صدي ڌاري سنسڪرتي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻڌمت جي مذهبي ڪتاب ”مهايانه سترا“ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾” ڊائمنڊ سترا (Diamond Sutra) “ جي نالي سان ترجمو ڪيو.
اهڙي ريت يوناني، لاطيني، رومن ۽ عربي ٻولين کانپوءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي نگاريءَ تي ڪم ٿيو،جنهن ۾ سڀ کان پهرين اٽڪل يارهين صدي ڌاري ”ايلفرڪ“ نالي هڪ انگريز مترجم انجيل جو ترجمو پراڻي انگريزي ۾ ڪيو،جنهن کانپوءِ چوڏهين صدي ڌاري ” جان واءِ ڪلف“ نالي هڪ ٻئي انگريز مترجم انجيل جو ترجمو انگريزي جي موجوده صورت ۾ ڪيو.انجيل جي ترجمي کانپوءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ ”چاسر“ ترجمي جي فن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو،جنهن لاطيني ۽ اطالوي ٻولي جي فلسفي،ادب ۽ شاعري جي ڪتابن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. چاسر کانپوءِ ڊرائيدن،پوپ،ڪالرج، ڪائولي ۽ فٽز جيرالڊ وغيره جهڙن مترجمن ارڙهين صدي ڌاري پريس جي ايجاد کانپوءِ مخلتف ٻولين مان ترجمي جو ڪم شروع ڪري ڏنو،جيڪو اڄ پنهنجي اوج ۽ عروج تي پهچي چڪو آهي. اهڙي طرح انگريزي ٻوليءَ کانپوءِ فرانسسي ٻوليءَ ۾ لارنس،ايزرا پائونڊ،ايليٽ،آڊن ۽ بيڪٽ،جڏهن ته جرمن ٻوليءَ ۾ گوئٽي ۽ شلر جهڙن مترجمن ترجمي نگاريءَ جي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي نگاريءَ جو زوال:
چيو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو،جيڪو يارهين صديءَ ڌاري هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو نه قلمي صورت ۾ ملي ٿو ۽ نه ئي ڪتابي صورت ۾! فقط ڪجهه تاريخي حوالا ملن ٿا.پر جيڪو ترجمو قلمي ۽ ڪتابي ٻنهي صورتن ۾ مليو آهي،سو لواري وارن بزرگن جي هڪ مريد آخوند عزيز الله مٽياروي جو آهي،جيڪو هن ٽالپرن جي دور ۾ ڪيو هو!پر ان کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ترجمي جي فن جي شروعات باقاعده ڪلهوڙن جي دور ۾سترهين صدي ڌاري ٿي چڪي هئي،جنهن ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي هڪ نامور شاعر شيخ عبدالرحيم گرهوڙي قرآن پاڪ جي هڪ سوره ” اخلاص“ جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کانپوءِ ترجمي جو ڪم باقده طور تي انگريزن جي دور ۾ ٿيو،جنهن ۾ سڀ کان پهرين 1853ع ڌاري سنڌي صورتخطي ٺهڻ بعد ڪجهه اخلاقي ۽ نصحت آموز آکاڻين جا ترجما ڪيا ويا! جنهن کانپوءِ مرزا قليچ بيگ ترجمي جي فن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو،جنهن تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي! مرزا کانپوءِ ڪشنچند بيوس،ديوان ننديرام،ديوان ڪوڙومل کلناڻي،ڀيرومل مهرچند آڏواڻي،لعلچند امر ڏني مل،احمد علي چاڳلا،ڊاڪٽر علامه عمر بن دائو پوٽو،غلام محمد شاهواڻي، عثمان علي انصاري ۽ منگهارام ملڪاڻي وغيره جهڙن مترجمن ورهاڱي کان اڳ ڪجهه علمي ۽ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ چونڊ مضمونن، ناولن،ناٽڪن ۽ ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا،جڏهن ته ورهاڱي کانپوءِ حيدر بخش جتوئي،نجم عباسي،رسول بخش پليجو،ابراهيم جويو،فضل احمد بچاڻي ۽ ولي رام ولڀ وغيره جهڙن ترجمي نگارن طرفان ڪجهه مشهور ڪتابن،ناولن،ناٽڪن ۽ ڊرامن جا ترجما ڪيا ويا،جيڪو سلسلو موجوده وقت ۾ به جاري آهي.
حاصل نتيجو اهو آهي ته،سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جو ڪم ٻين ٻولين جي ڀيٽ سان اٽي ۾ لوڻ برابر ٿيو آهي! جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي.موجوده دور ۾ هر سال ٻه چار ناول ترجمو ڪرڻ ۽ درجن کن چونڊ ڪهاڻين جو ترجمو ڪرڻ ڪا وڏي خوشقسمتي جي ڳالهه ٿوري آهي! جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ترجمي جي فن جي اها صورتحال رهي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انقريب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي فن کي مڪمل زوال اچي سگهي ٿو! سو اهڙي صورتحال تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري خاطر ڪم ڪندڙ اعليٰ ادارن کي تمام گهڻي ٽيم ورڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ سنجيده ٿيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي! هڪ مترجم جي چوڻ موجب ته؛ ڪنهن به ٻولي جي هر اديب تي اهو لازم آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي واڌاري خاطر پنهنجي زندگي ۾ رڳو هڪ ترجمو ضرور ڪري! تنهنڪري اسان جي اديبن تي اهو لازم آهي ته هو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ محنت جي آڌار تي فقط هڪ ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ۾ بهرو وٺي سگهن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *