تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

تخت طائوس … عتيق انور صديقي/ ڊاڪٽر نواز علي شوق

شهاب الدين محمد شاهه جهان بادشاهه جو دور مغليه سلطنت جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، ان دور ۾ شاندار عمارتون ٺهيون، قلعو ۽ مسجدون ٺهرايون ويون، مقبرن ۽ مغليه آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي ترقي ٿي ۽ هڪ اهڙو بادشاهي تخت ٺهرايو ويو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان وقت تائين بغداد، ترڪي، توڙي ايران جي بادشاهن وٽ اهڙو تخت ڪونه هو ۽ نه وري ان کان پوءِ ڪنهن بادشاهه کي اهڙو تخت نصيب ٿيو، ان بادشاهي تخت کي ” تخت طائوس“ چيو ويندو آهي،
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه جهان جيئن ئي مغل حڪومت جو بادشاهه بڻيو ته کيس خيال آيو ته اهڙو بادشاهي تخت ٺهرايو وڃي، جنهن جو دنيا ۾ ڪو مثال ملي نه سگهي، تنهن ڪري هن خزاني مان ٻن ڪروڙ رپين جا هيرا لعل ۽ شاهي محل جي جواهرات مان پنجاهه هزار مثقال (ساڍا چار ماسه ) وزن جا ياقوت ۽ موتي جن جي قيمت ڇهاسي لک رپيا هئي ، ان تخت جي تعمير لاءِ عطا ڪيا ۽ انهي ڪم لاءِ پنهنجي خاص درٻاري ۽ داروغي بيبڊل خان کي مقرر ڪيو، اهو داروغو پاڻ به وڏو ڪاريگر هو، هن ايران، بغداد، غزني، ترڪي ۽ اولهه جي ملڪن مان بهترين ڪاريگر گهرائي تخت طائوس ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو.
چيو وڃي ٿو ته هڪ ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ستن سالن جي عرصي ۾ هڪ بي مثال ۽ لاثاني تخت تيار ٿيو، اهو تخت مستطيل شڪل جو هو ان جي ڇت اٺن مينا ڪاري (چاندي ۽ سون سان سينگاريل) ٿنڀن تي بيهاريل هئي، جنهن تي ٻه سون جا طائوس (مور) پر کنڊري آمهون سامهون بيهاريا ويا هئا، ان (Peacock throne) تخت طائوس تي بيٺل مورن جا کنڀ زمرد سان ٺاهيا ويا هئا، ٻئي مور پنهنجي چهنب ۾ قيمتي لعل جهليو بيٺل هئا، جيڪي ٽانڊن وانگر چمڪي رهيا هئا، ان جي ڊيگهه سوا ٽي هٿ، ويڪر اڍائي هٿ، ۽ ڇت تائين اوچائي پنج هٿ هئي، ان تي لعل، ياقوت، زمرد ۽ هيرن جو نقش ونگار ٿيل هو، ان ۾ ايڏو ته نفيس ڪم ٿيل هو، جو انساني عقل حيرت ۾ اچي وڃي، سڄو تخت سون سان سينگاريو ويو هو، ٿوري ٿوري وٿي تي لعل ۽ قيمتي پٿر لڳايا ويا هئا، تخت جي اندروني حصي ۾ ان دور جي ملڪ الشعراءَ حاجي محمد خان قدسي جا شعر لکيل هئا جن تي ميناڪاري ٿيل آهي ۽ دور شاهجهاني جي تقريبن هر درٻاري شاعرن ان تخت جي تعريف ۾ ٿورا گهڻا شعر لکي نه صرف داد حاصل ڪيو پر وڏا انعام اڪرام پڻ حاصل ڪيائون.
ان دور جي مشهور مورخ ابو صالح ڪنبوهه پنهنجي تصنيف شاهه جهان نامه ۾ تخت طائوس متعلق لکيو آهي ته جڏهن ستن سالن جي لڳاتار محنت ۽ وڏي رقم خرچ ڪرڻ کانپوءِ تخت طائوس جڙي راس ٿيو ته ان تي بادشاهه سلامت جي تخت نشيني جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار لاءِ علم نجوم جي ماهرن کي گهرايو ويو. جن حساب ڪتاب ڪري بادشاهه سلامت جي تخت تي ويهڻ جي تاريخ 22 مارچ 1625ع مقرر ڪئي پر ان وقت تائين دهلي جو لال قلعه ۽ محليٰ جنهن کي عام طور لال قلعو چيو ويندو آهي اڃان ٺهي رهيو هو، تنهنڪري بادشاهه ان تاريخ کي مبارڪ سمجهي لال قلعي بجاءِ آگري جي سامي گهاٽ تي نوروز جو جشن ملهائڻ جو حڪم ڏنو پوءِ پاڻ تخت طائوس تي جلوه افروز ٿيا.
بادشاهه سلامت تخت طائوس تي شام جو جلوه افروز ٿيو، جڏهن تارا آسمان تي چمڪي رهيا هئا ۽ فضا صاف هئي ان مبارڪ تاريخ تي هڪ ئي وقت ٽي عيدون اچي گڏ ٿيون هيون، يعني عيدالفطر، عيد نوروز ۽ شاهه جهان بادشاهه جي تخت طائوس تي جلوه نمائي تنهنڪري ان موقعي تي شاندار جشن ٿي رهيو هو، ان شاندار جشن دوران پوري ماحول ۾ مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ پکڙيل هئي، هرڪو خوشي ۾ باغ بهار نظر اچي رهيو هو، ان خوشي جي موقعي تي سڀ کان پهرين بادشاهه پنهنجي ولي عهد دارا شڪوهه کي خاص خلعت (پوشاڪ) عطا ڪئي ۽ ان سان گڏ موتين سان ڀريل ٽوڪري ۽ ٻه لک رپيا انعام طور ڏنا، ان کانپوءِ شاهه شجاع ۽ اورنگزيب کي خاص خلعت ۽ قيمتي ترار کان علاوه خان خانان جو خطاب ۽ سپهه سالاري جو عظيم ترين منصب عطا ڪيو، اهو جشن لڳاتار 9 ڏينهن ٿيندو رهيو، ان دوران ٻين به ڪيترن ئي اميرن ۽ منصب دارن کي انعامن اڪرامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو، انهن ئي خوشي جي ڏينهن ۾ دارا شڪوهه جي گهر هڪ نئون ڏيئو روشن ٿيو(پٽ ڄائو) جنهن جو نالو خود شاهه جهان سليمان شڪوهه رکيو، اهڙي ريت شاهه جهان بادشاهه تخت طائوس تي جلوهه افروز ٿي وڏي سخاوت ۽ فياضي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو سڀني اميرن ۽ درٻارين کان علاوهه جشن ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني ماڻهن، غريبن، مسڪينن ۽ ضرورت مندن جون جهوليون ڀري ڇڏيون، واهه واهه ٿي وئي جتي ڪٿي ماڻهو بادشاهه جا ڳڻ ڳائڻ لڳا.
اورنگزيب جي سخت مزاجي ۽ غلط پاليسين سبب مغليه سلطنت جو زوال شروع ٿيو، 1739ع ۾ نادرشاهه هندستان تي حملو ڪري لال قلعي کي اجاڙي ناس ڪيو ۽ تخت طائوس کي رهڙي، کوٽي ان جو حسن وڃائي ڇڏيو، اهو عاليشان تخت طائوس لال قلعي کان ايران مان ٿيندو در در جا ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو، ڪن ان مان قيمتي هيرا ڪڍي ورتا ڪن کي سون هٿ آيو، ائين هرڪو ان کي کوٽيندو ۽ رهڙيندو رهيو، اڄ ان جو نانءُ نشان به نه آهي رهي نانءُ الله جو ، الله بس باقي سڀ هوس.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *