تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

تبصرو …زاهد راڄپر جو ناول دهشتگرد!! ..علي رضا منگي

ناول ادب جي مڙني صنفن ۾ اھم جاءِ والاري ٿو, شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت اڪثر ڪتاب پڙھندڙ ٻين موضوعن جي ڀيٽ ۾ ناول پڙھڻ ۾ گھڻي دلچسپي وٺن ٿا.پرڏيھي ليکڪن جي ڪتابن جا ترجمو ٿيل يا مقامي ليکڪن پاران تخيلق ڪيل بھترين ناول ڇپجي روزانو مارڪيٽ ۾ اچن ٿا.سڄي دنيا اندر رھندڙ اربين کربين ماڻھن کي ھڪ ئي وقت ھڪجھڙا خيال ايندا رھن ٿا پر ھر ڪنھن جي بيان ڪرڻ جو انداز پنھنجو ھجي ٿو.سڄي عالم جا اديب ۽ ليکاري پنھنجي پنھنجي خطن جي ٻولي, تھذيب, واقعن ۽ سماجي حالتن کي سھيڙي پنھنجو ڪردار نڀائي رھيا آھن ايئن ئي سنڌ امڙ جا حلالي پٽ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري ھزارھا ورھيه آڳاٽي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن.اھا ڳالھه لکندي سينو ڪشادو ٿي ويندو آھي ته پاڪستان اندر ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾  سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ ملھائيندڙن جي فھرست چڱي ڊگھي آھي ۽ ناميارو ليکڪ زاھد راڄپر به سنڌ جي انھن سچن موتين جي مالھا جو چمڪندڙ مڻيو آھي.زاھد راڄپر صحافت جي ميدان ۾ ته پاڻ مڃرايو آھي پر ادبي کيتر ۾ پنھنجي حصي جي ذميواري نڀائي رھيو آھي.ڪو جو ڪھر ڪلاچ کانپو زاھد راڄپر جو ناول دھشتگرد جڏھن سامھون آيو ته سڀ کان پھريان فاشسٽ تنظيم جي دھشتگردن جيڪي بلديا فيڪٽري جي پورھيتن سميت ڪيترن ئي معصوم انسانن جو رت وھائڻ کانپوءِ به وڏا ۽ عوامي عھدا ماڻي ساڳئي ئي گگدام عوام مٿان حڪمراني ڪندا آھن تن جا رت ۾ رڱيل هٿ ۽ ڦٽل منھن جو عڪس اکين اڳيان آيو پر پوءِ سڌ پئي ته ھي اھو نه پر سماج ۾ موجود ناڪاري ڪردارن سان جھيڙيندڙ مبينا دهشتگرد آھي.ڪتاب ھٿ ۾ کڻڻ سان هڪ تجسس پيدا ٿيو ته آخر اھو مبينا دھشتگرد آھي ڪير…!!!
ھر ليکڪ پاران پنھنجي قلمي پورھئي کي ارپڻ جو انداز پڙھندڙ کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ دلچسپي وڌائڻ يا گھٽائڻ جو ڪم ڪندو آھي ۽ زاھد جي پنھنجو پاڻ کي ارپڻ مرڪ ۽ ھمت ڏيئي ٿو.جيئن ته رومانوي ۽ ڊرامائي ناول پڙھڻ لاءِ گھڻا ملندا آھن خاص طور رومانوي پر نفسياتي ۽ تاريخي ناول مارڪيٽ ۾ بنهه گھٽ اچن ٿا.زاھد جو ھي ناول نوشھرو فيروز ضلعي جي چڱن ماڻھن, تاريخي درسگاھن, ھتان جي سياسي سماجي شعور سميت ڀوتارن جي ڪڌن ڪرتوتن کي پڻ نروار ڪري ٿو, حالانڪ نوشھروفيروز ضلعي ۾ سنڌ جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ وڏيرا شاھي جو راڄ گھٽ آھي پر جيڪي آھن سي گھٽائين ڪين ٿا, وڏيرو صاحب ڀل برطانيه مان پڙھي اچي پر جڏھن پنھجي جوءَ ۾ ايندو آھي ته روايتي بنجي ويندو آھي ھا اھا به ڳالهھ آھي ته اڄڪلھه ڀوتار شھرن ۾ يا خاص طور ميڊيا آڏو يا سيمينارن ۾ فيوڊل سسٽم تي بظاھر ڇوھه ڇنڊيندي ڀلي ۽ بري وڏيري ۾ فرق ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رھن ٿا.
ھن ناول ۾ ليکڪ جو مک ڪردار هڪ صحافي ۽ ليکڪ آھي جيڪو شايد ليکڪ پاڻ ئي آھي, زاھد ڪھاڻي ۾ شامل مڙني ڪردارن ۽ ھنڌن جا حقيقي نالا ڏنا آھن جيڪا تاريخي ناول جي بنيادي گهرج پڻ آھي پر ڪجهه ڪردارن جي  شڪلين کي شامل ڪندي کين فرضي نالا پڻ ڏنا اٿائين ۽ سندس مک ڪردار جو نالو سرمد آھي.ھر ناول نگار جي اھا ڪوشش ھوندي آھي ته پنھنجي ڪردارن کان اھڙي ريت مڪالمو ڪرائي جيئن پڙھندڙ کي ائين لڳي ته ھو ليکڪ سان گڏ ان منظر ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ زاھد پنهنجي ان ڪوشش ۾ سوڀارو ٿيو آھي.ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ته سماج اندر ڀوتار پنھنجي ناڪاري مقصدن لاءِ پوري نظام کي ڪئين استعمال ڪري ٿو, پوليس سميت ٻي انتظاميه وڏيري جي آڱرين تي ڪيئن تماشو ڏيکاري ٿي.سنڌ جي ليکڪ کي ڪيئن سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ دهشتگردي, ڦرن ايسيتائين جو ٻڪري جي چوري جو ڪيس مڙهي ھراسان ڪيو وڃي ٿو.ڪيئن قلم جي ھڪ سچي سپاھي کي دھشتگرد جو لقب ڏئي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. دھشتگرد ناول جي خالق سنڌ جي حقيقي قلم ڌڻين ۽ پوليس سميت ٻين کاتن ۽ ڀوتارن جي ونگارو صحافين کي پڻ بھتر نموني ڏيکاريو آھي.
ھن ناول جو مک ڪردار دهشتگرد ته ناهي پر مبينا دهشتگرد ضرور بنجي چڪو آھي ڇاڪاڻ ته ھو پوليس جي رڪارڊ ۾ ھڪ خطرناڪ دھشتگرد آھي جنھن ڊي سي جي غيرقانوني عمل تي ٻين وانگي ڍڪ رکڻ بدران ان کي قلم وسيلي نروار ڪيو ھو، زاهد ناول جي ھر منظر ۾ موجود ھر شيءَ کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جهڙوڪ: پکين جو من کي سڪون بخشيندڙ آواز, سج جي ڪرڻن جي احساس, ڦٽڦٽين جا آواز, ڪڪڙن جون ٻانگون ۽ سچو پترا کاڌل وڏيري جي ھٿ تي بعيت ڪري چور ٿيندڙ نوجوان جي بت مان وھندڙ رت ۽ ان تي ويٺل مکين ۽ مکين جي ڀون ڀون وغيره وغيره جنھن ڪري ناول پڙھڻ دوران پڙھندڙ اھو سڀ ھڪ متحرڪ تصوير وانگر ڏسي رھيو آھن، ھن صوبيدار جي غير انساني رويي ۽ هڪ سپاھي جنھن سندس مک ڪردار کي ٿڌ کان بچڻ لاءِ اجرڪ ڏنو ھو ان جي انسانيت ڏيکاري اھو ٻڌائڻ چاهيو آھي ته رڍون سڀ جو سڀ ڪاريون ناھن.اعلي’ عملدارن جي غريب عوام سان روا ۽ ڀوتارن آڏو بي وسي, ٿلهي صحافي جھڙن ماڻهن جي ظاهري اُٻھرائپ ۽ مصيبت ۾ ڊاڙي ساٿين جي فرار ٿيڻ کي بنا ڪنھن هٻڪ جي شامل ڪيو آھي، ڀوتارڪي نظام ۽ ان نظام کي ويتر مضبوط ڪندڙ ڪامورا شاهي ليکڪ جي مک ڪردار کي دهشتگرد ٺاهڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳايا پر ائين ڪري نه سگهيا ڇاڪاڻ ته هن جا اردا اٽل ۽ ھوهرحالت ۾ ھڪ نئين اميد سان اڳتي وڌندو رھي ٿو دهشتگردي جو لقب ملڻ کان پوءِ به ھو شھر ڇڏي فرار نه ٿو ٿئي ۽ سندس اها خوداعتمادي ئي سچ برداشت نه ڪندڙ بااثرن  جي حوصلن کي ڀورا ڀورا ڪندي رهي ٿي.
زاهد پنهنجي سڄي ناول ۾ ھر ڪردار کان احسن انداز ۾ اھو سڀ ڳالهرايو آهي جيڪو سچ آهي, سندس قلم جي انصاف ۽ غير جانبدار هجڻ جي ثابتي ان مان به ملي ٿي ته جڏهن بينظير ڀٽو قتل کانپوءِ واري پيدا ڪيل, ((ٿيل نه هٿ سان پيدا ڪيل)) صورتحال ۾ پنجابي, ھرياڻوي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شرپسدن کي مک ڪردار کان روڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر پرائي باھه ۾ ٽپو ڏيڻ کان پوئتي هٽي ماٺ واري لاچاري ٻڌائي ٿو، ليکڪ جي سڄي منظرنگاري ۾ ھڪ تسلسل آھي پر ڪٿي ڪٿي لفظن جو ورجاءُ ان ڳانڍاپي کي متاثر ڪري ٿو,  ھن ناول ۾ سادي ۽ عام فهم ٻولي جو استعمال پڙھندڙ کي سولائي سان قصو سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ليکڪ پنهنجي لکڻي وسيلي ان پيغام جي پرچار ڪئي آھي ته سچ جو علم کڻي هلندڙ انسان اذيتون ته ضرور ڀوڳي ٿو پر سندس ڳاٽ سدا اوچو رھي ٿو.اميد ته زاهد راڄپر جي قلم جي مس سائي ۽ ستابي سنڌ جي بحالي لاءِ ڪڏھن خشڪ نه ٿيندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *