تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

تبديلي ضرور اچڻي آهي…..ليکراج ميگھواڙ

ھر خطي جو ماڻھو پنھنجي ذھني اوسر جو محتاج ھوندو آھي، ريتن رسمن، کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويھڻ سميت سماج جي ھر پھلو سان مڪمل طور سلھاڙيل ھوندو آھي. اسان جي سماج جو ھر ماڻھو پنھنجي سوچ، فڪر ۽ فھم سان سٺا عمل ڪرڻ چاھي ٿو پر مسئلو اھو آھي جو انھن جي مخالفت وري ججھي ٿي پوي ٿي، تڏھن وري اھڙا ماڻھو پوئتي ٿيندا وڃن ٿا، اھڙن عملن سان سماج جي ھڪ عام ماڻھو تي ڪيترو منفي اثر پوي ٿو جنھن جو ڪاٿو لڳائڻ بنهه ڏکيو آھي.
هن سماج ۾ ڪي ماڻھو مزدور ھوندا آھن، ڏينهن رات پورهيو ڪندا آهن، ته ڪي وري ٽوال ڇنڊي صبح صبح ھوٽلن ڏانھن منھن ڪندا آھن، ته ڪي وري پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ جو اونو رکندي پنھنجي پڙھائي جاري رکندا آھن، ڪي ماڻھو وري ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا آهن، اهي ٻني جي ڪم ٿورا ۽ وڏيرن جي ونگارن ۾ وڌيڪ رڌل ھوندا آھن! اھي مجبور ان ڪري ھوندا جو انهن تي لکين رپيا قرض ھوندو آهي، جيڪو لھڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو.
موجوده سنڌي سماج جي معاشي صورتحال اھا آھي جو غريب پنھنجي 2 ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي، انهن کي جيڪڏهن اسان جھڙا نام نهاد پڙھيا لکيا ويهي ٻارن جي پڙھائي، صفائي ۽ ترقي جا ليڪچر ڏين ته انهن جو ردعمل ڇا هوندو؟ اهو ئي ته اسان کي ماني ٽڪر به نصيب ناھي، توھان وڃي پنھنجو ڪم ڪريو، اسان جي ٻارن جو ڪھڙو فڪر؟! ڇا منهنجي ٻارن جو اونو توهان کي مون کان به وڌيڪ آهي؟ تڏھن انھن ماڻھن جي دليلن کي ڀلا ڪيئن رد ڪجي. ضرور اھي ماڻھو به سچا آهن، ته ڪنهن والد کان وڌيڪ سندس ٻارن جو فڪر ڪنهن کي نٿو ٿي سگهي!
تعليم تان ماڻهن جو ويساهه ان ڪري به گهٽجي ويو آهي جو انيڪ نوجوان، پورهيتن جا ٻار، راتين جو محنت ڪري پڙھن ٿا ۽ انهن کي ان محنت جو سلو ناهي ملندو، سرڪاري ادارن ۾ ته ميرٽ جو نالو ئي ناھي! پر خانگي ادارا به ان کان بچيل ناهن. هاڻ جيڪڏهن ڪو پڙھيل لکيل نوجوان وڃي مزدوري ڪري ته اهو ڪيترو نه ڪٺن آهي.
ٿلھي ليکي ڏٺو وڃي ته اسان جو سماج ڏينھو ڏينھن ترقي تعليم ۽ سڌاري بدران ويتر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رھيو آھي، ھارين جا سور ٻيڻا ٿيندا وڃن پيا. پاڻي جي شديد کوٽ آهي، فصل نٿا ٿين، ٿين ٿا ته کپائڻ وڏو مسئلو آهي جو انهن کي مناسب اگهه نٿو ملي، رهيل ڪسر زميندار ۽ ڪمدار ڪڍيو ڇڏين، غريب هاري ويچارو ساڳين سورن ۾ هوندو آهي.
سماج جي ھر فرد کي پنھنجا پنهنجا فرض ٿين ٿا، اهي ادا ڪرڻ گھرجن. ماڻهو جو ننڍيون ننڍيون ڪاوشون سماج ۾ وڏي تبديلي برپا ڪري سگھن ٿيون. پر پوءِ به خاموش تي ويهڻ نه گهرجي، حرڪت ۾ برڪت آهي، تبديلي هڪ عمل جو نالو آهي، هڪ پراسيس آهي، اهو ڪو هڪ، اڌ ڏينهن جو کيل ناهي، اها مسلسل ڪيفيت جو نالو آهي، ان ڪري تبديلي ۾ وقت لڳندو آهي، پر ياد رکڻ گهرجي ته ڪوبه سماج، ڪوبه طبقو جيئن جو تيئن ناهي رهڻو، وقت بادشاهه آئي، اهو بادشاهه کي غلام ۽ غلام کي بادشاهه بڻايو ڇڏي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *