تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

تاريخ … “ڪڇ جو لاکو ۽ سنڌ جي اوڏڻ” … امين ارباب

هاڪڙي جي اڀرندي ڪپ تي اٺ سئو ورهين اڳ سنڌ جي سونهن مهر راڻي جي صورت ۾ پئي سنڌ جي وارياسي علائقي نوهٽي ويجهو حويليءَ ۾ جهرڪندي هئي، جنهن جي هڪ هڪ ادا تي ماڪ ويلا جا اويلا مسافر پنڌ پڇائي پڇائي پٽن ۾ پکا اڏي پيا هوندا هئا. لاکو ڦلاڻي به انهن ئي پٽن جو راھه مسافر هو پر هو ساڳئي وقت جو وڏو ڌاڙيل هئڻ ڪري وقت جا راڻا ۽ راڄيا آسمان ڇهندڙ ڪوٽن ۾ هوندي به هن جي تصور کان پيا ڏڪندا هئا، ترارون مياڻن ۾ ھليون وينديون هيون ۽ خوف ۽ کٽڪو جاڙيجن کي ستي به سوهنجو نه رکندو هو “لاکا لک سڄن پر ڦلاڻي ڀـير ٻيو”
سنڌ ملڪ جي اڳوڻي ڪڇ جا ڪڇي چون ٿا ته جڏهن لاکي ڦلاڻي مهر راڻي جي ڀليا ڀل جي ڳالهھ ٻڌي ته هن جي دل ۾ اڻ ڏٺي پيار پلٽو کاڌو، هاڻوڪي ڪڇ ۽ هاڻوڪي سنڌ جي سرحدي لوڻي کان پائر تائين اٺن تي ڌاڙا هڻندڙ لاکو جڏهن سمورا شرط پورا ڪري مهر راڻي کي پنهنجي ڪنوار بڻائي ڪڇ واپس وڃي رهيو هو ته پراڻ جي ڪپ تي هنن جا ڪپڙا ۽ زيور برسات ڀڄائي ڇڏيا جن کي وڻن تي سڪايو پر جڏهن لاکو برسات پڄاڻان هلڻ لڳو ته لاکي سان پکي به گڏ اڏامڻ لڳا ۽ لاکي چيو ته جنهن جنهن وڻ تي منهنجا ڪپڙا سڪايا ويا آهن پراڻ جو اهو هڪ هڪ وڻ به منهنجو ڄاڃي آهي ۽ هي اڏامندڙ سمورا پکي به منهنجا ڄاڃي آهن (لاڙ ۾ انهن پکين کي اڄ به لاکي ڄاڃي پکي سڏيو وڃي ٿو)
لاکو ڦلاڻي جڏهن مهر راڻي کي وٺي ڪڇ پهتو ته هن مهر راڻي جي روح ۾ رهجي ويل اها اڪير نه ڏٺي جا ھن سنڌ جي پٽن ۾ ڏٺي هئي، جنهن اڪير ۽ ارمان کي کڻي هو سنڌ اوٽي چڙهي آيو هو، اکين جي سنڌو ۾ موجون نه ڏسي مهر راڻيءَ کي سنڌ امانت سمجهي ڦلاڻي هن کي هاڪڙي جي ڪنڌيءَ ڇڏي هليو ويو. ڦلاڻي توڙي جو مهر کي سنڌ ڇڏي هليو ويو پر هوءَ پرديسي جا پيار وساري به نه سگهي، سج اڀري لهندا رهيا ۽ هن جون آهون ۽ دانهون ٻانهون کولي ٻاڏائينديون رهيون. چوڻ وارا هيئن به چون ٿا ته مهر راڻي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نهٽي کان اوڀر طرف هڪ جهنگ ۾ جهوپڙي اڏي ڦلاڻي جي راھه تڪيندي رهي پر ڪڇ جو ڦلاڻي نه موٽيو. مهر راڻي جي موت کان پوءِ سنڌ ۾ ڌونئري ڏينهن ڌاڙا هڻڻ لاکي ڇڏي ڏنا، هن جا سنڌ لٽي هئي، پائي پائي سنڌ کي موٽائي ڏني ۽ هڪڙي سنڌ جي مهر راڻي خاطر سڄي سنڌ کان معافي گهري سنڌ جا وارياسا پٽ ڇڏي لاکو سنڌ جي ڪڇ ڀاڱي طرف موٽي هليو ويو،
“لاکي لوڙهيون ڇڏيون، سرھا ٿيا سنگھار، چٽائي چوڌار، وانڍيون وک چرنديون”
سنڌ جي ناليواري قلمڪار ۽ لاڙ واسي دوست امير منڌري جي اصرار تي لاڙ جي مشهور گوهيي استاد مٺو ڪڇي جي ڀائٽي راڳي ڪريم ڪڇي کان يو ٽيوب تي لاکي ڦلاڻي جو داستان ٻڌوسين ته هن جو چوڻ هو ته لاکي ڦلاڻي جو ڀاءُ راءِ کنگھار سنڌ جي ڪڇ ڀاڱي جو وڏو حاڪم هو، هو جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪڇ علائقو ڇڏي گهمڻ هليو ويو ته حاڪميت جي واڳ سندس ڀاءُ راءِ لاکي حوالي ڪري ويو، ڪريم ڪڇي موجب اها اوڏڻ مهر راڻي نه پر جسمان نالي اوڏڻ هئي جيڪا سنڌ جي ڪڍڻ واري علائقي ۾ رهندي هئي، لاکي جڏهن سنڌ جي هن شادي شده اوڏڻ جي هاڪ ٻڌي ته هن کيس ڏسڻ خاطر هڪ وڏو ڪوٽ اڏڻ لاءِ سنڌ ملڪ جي سڀني اوڏن کي ڪڇ پهچڻ جو حڪم ڏنو، ڪڇ پهتل اوڏن مان جڏهن لاکي جي اک جسمان اوڏڻ تي پئي ته ڀٽ ڌڻي سر آسا پلٽائي ڇڏيو ۽ چئي ڏنو ته “تنهان پوءِ قرار، ستيون ڪين سيد چئي”
ڪريم ڪڇي موجب راءِ لاکي جو ڀاءُ راءِ کنگھار جڏهن واپس موٽي ڪڇ جي سلطنت سنڀالي ته ڪوٽ جي بغير ضرورت جي اڏاوت ۽ اوڏن کان جسمان جو زوري سنگ گهرن واري شڪايت تي هو لاکي تي ڪاوڙجي پيو ۽ لاکي کي ڪڇ جا پٽ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو. مهر راڻي يا جسمان کي رڳو ڏسڻ لاءِ اڏايل ڪوٽ توڙي جو اڄ به “ڪيرا ڪوٽ” جي نالي سان ڪڇ ۾ موجود آهي پر لاکي جي اهڙي حرڪت تي سڄي سنڌ ملڪ جا اوڏ به لاکي ڦلاڻي کان رسي ويا ۽ سمورا اوڏ رات پيٽ ۾ سنڌ جو ڪڇ ڀاڱو ڇڏي اباڻن اجهن موٽي آيا،
“ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا، اوڏ به ويچارا، لاکيڻا وڃن لڏيو”
ريبارين سان ويڙهاند کان پوءِ ۽ ڀاءُ جي لاتعلقي سبب لاکو ڦلاڻي ته سنڌ جي ڪڇ پٽن ۾ مارجي ويو، نه مهر راڻي يا جسمان اوڏڻ رهي، نه اوڏ رهيا نه ريٻاري رهيا پر اڄ به پراڻ جي ڪپن تي هلندي هلندي هڪڙو ڍورو هڪ دور جي دنيا ۾ پنهنجي خاتمي جي رک مان ڀڙڪو کائي اٿندي ڏسي ٿو، ائين ٿو لڳي ڄڻ پراڻ جي ڪپ تي موڙ جي جوڙ جا پور پچائي ٿي سنڌ ساڳي ۽ سهرا سجائي ٿي سنڌ اها.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *