تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

تاريخ ڪي مسافر ڪتاب جو جائزو … اياز احمد لغاري

آمريڪي ناول نگار شاعر ۽ مضمون نگار جيمز بالڊون جو قول آهي ته ‘انسان تاريخ ۾ ڦاٿل آهن ۽ تاريخ انسانن ۾ ڦاٿل آهي’. مطلب ته تاريخ کان مھاڏو اٽڪائڻ ڪو سولو ڪم ناھي. تاريخ جي حوالي سان سوين ڏاهن جا هزارين قول ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچن ٿا، پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاريخ جھڙي مشڪل مضمون بابت لکڻ جو اھڙو فن گهٽ ماڻهن کي ئي هوندو آهي جيڪي آسان ٻوليءَ ۾ تاريخ پڙھندڙن تائين پھچائندا ھجن. ابوبڪر شيخ کي انهن گهٽ ماڻهن مان هڪ سڏي سگهجي ٿو.منهنجي هٿن ۾ ابوبڪر شيخ جي ڊان لاءِ اردو ۾ لکيل بلاگن جو مجموعو `تاريخ ڪي مسافر` آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي سولي ۽ سيبتي انداز ۾ تاريخ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي.ابوبڪر کي تاريخ ۾ دلچسپي، سنڌ سان حب ۽ لکڻ جو صحيح ڏان آهي، ۽ انهن خاصيتن جي سڳنڌ سندس مضمونن ۾ مهڪي ٿي.تاريخ جا پنڌ ماپڻ سان گڏوگڏ ان ڪتاب ذريعي سنڌ ۾ ماحولياتي بگاڙ، پاڻي جي اڻهوند ۽ تاريخي ورثي جي تباهي جا اهڃاڻ به ڏنا ويا آهن.لکڻين ۾ ڪٿي ڪٿي طبقاتي سماج خلاف رڙ به اڀري ٿي، ڪٿي استحصال ڪيئن ٿيو؟ ان جي ڪٺور ڪٿا به قلمبند ڪئي وئي آهي. ھڪڙي طرف شيخ صاحب1333 ۾ هند سنڌ آيل دنيا جي ممتاز سياح ابن بطوطه جا پيرا کڻندي ليکڪ سنڌ جي خوشحالي جا داستان به رقم ڪري ٿو ته ٻئي پاسي لاڙ ۾ محرومين ۽ ويڳاڻپ جي زنده مثال بڻيل ماڻهن جي لڙڪن ۽ وڃايل مرڪن جون ڪهاڻيون بيان ڪري ٿو. نيريڙي ڍنڍ جي ڪناري رهندڙ حاجره جي ٺيڪيداري نظام خلاف جدوجهد ۽ وري ڏونگر جيڏا ڏک سهڻ جي سگھ ۽ سورن کي به ان ڪتاب ۾ سانڍيو ويو آهي. حاجره چوي ٿي ته نريڙي مري پئي. اڳي ان ڍنڍ جي ڪناري مهاڻن جا هزارين خاندان آباد هئا اڄ ڏهه مس هوندا. هر ڪو هتان ٻئي ڍنڍ ڪناري تي آباد ٿيڻ جي ڪوششن ۾ آهن. اسان سوچيو هو ته ٺيڪيداري نظام ختم ٿيڻ ساڻ اسان آزاد ٿي وينداسين پر قسمت کي ڪجه ٻيو منظور هو.
هن ڪتاب جو هڪ ٻيو دلچسپ پهلو اهو به آهي ته جن ماڳن مڪانن جو ذڪر ٿيل آهي انهن مان اڪثر ماڳن تي ابوبڪر هڪ يا ٻه ڏهاڪا پهريان به آيل آھي. اهڙي ريت پنهنجي ساروڻين جي روشني ۾ ڌرتي تان مٽجندڙ قديم آثارن جا نوحا به لکيا آهن.بلاگن کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي تاريخ جي ڪردارن تي ٻڌل ڪا دستاويزي فلم ذهن ۾ هلي رهي آهي، ڪنهن به ڪامياب داستان گو جي هي هڪ خاص نشاني آهي. هو پڙهندڙن کي تاريخ جي جهان ۾ ائين وٺي ويندو آهي جيئن ڪارل سيگن پنهنجي دستاويزي فلم ۾ ڪائناتن جي سفر تي وٺي هلي ٿو. ڳالهه صدين پراڻي هوندي آهي پر شيخ صاحب لاءِ اھو ماضي جو گهڻو پري پنڌ ناهي هوندو، تڏهن ئي ته 6 صدين پراڻي ڪهاڻي شروع ڪرڻ کان پهرين چوندو آهي ته اڄ گهڻو پري نه بس 600 سال پوئتي موٽون ٿا.
ان تبصري وسيلي منهنجي سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ڇاپندڙ ادارن کي گزارش آهي ته ابوبڪر شيخ جي ان ڪتاب جو سنڌي ۽ انگريزي ترجمو ڇاپڻ جو بندوبست ڪن ته جيئن سنڌ بابت اهم ريڪارڊ کي سنڌي ٻولي ۾ سانڍي سگهجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *