تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

تاريخ ڇو پڙھڻ گھرجي ؟؟ … عذير عابد

ڪو به عمل ڇو ڪيو وڃي ,ڪو به علم ڇو پڙھيو وڃي ؟ ڪا ڳالهھ ڇو ڪرڻ گھرجي ؟ ڪو مخصوص قسم جو رويو ڇو رکيو وڃي ؟ ۽ ٻيا اھڙا الاهي ڪيترا سوال انسان جي ذھن ۾ اچن ٿا ته ھيئن ڇو ڪيو وڃي ؟ ۽ ھون ڇو نه ڪرڻ گھرجي ؟ انھن سڀني سوالن جو جنم ھڪڙي ٻي سوال مان ٿو ٿئي ته اھو آھي ‘ انسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي ؟ يا ڪو مخصوص ماڻھو ڇا ٿو ڪرڻ چاھي ؟؟ مطلب اسان ھڪڙا عمل ڪيون ٿا زندھ رھڻ لاءِ پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ,اٽي ۽ لٽي جي حاصلات لاءِ مختلف عمل ڪريون ٿا ـ ان کان علاوھ ٻيا مختلف شوق ڪريون ٿا,جن مان اسان کي لطف ملي ٿو ۽ ذھني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مطالعو ڪريون ٿا ـ مطالعي ڪرڻ لاءِ سوين، ھزارين موضوع آھن، ھڪڙا موضوع ادبي آھن شاعري کان وٺي ناول ۽ افساني تائين ,نئون پڙھندڙ ذھني عياشي لاءِ پڙھندو آھي اھو انڪري پڙھندو آھي جو ان کي پڙھڻ سٺو لڳندو آھي تنهنڪري پھرين مرحلي ۾ افسانا ۽ ناول پڙھيا ويندا آھن پوءِ جڏھن ڪن حقيقيقن کان واقفيت ٿئي ٿي ,سماج جي ارتقا ,انساني جبلتون ,فرد جي نفسيات جو مطالعو ڪجي ٿو ته ‘ آپ ڪو ديڪھ ڪر ديڪھتا رھ گيا ‘ وارو معاملو ٿئي ٿو ,اھي موضوع گھڻا ڳوڙھا ھجن ٿا تنهنڪري گھري مطالعي ۽ گھڻ وقت جي ضرورت پوي ٿي پوءِ پڙھندڙ کي پنهنجي مطالعي لاءِ ڪي مخصوص موضوع چونڊڻا پون ٿا جيڪي وقت به گھڻو گھرن ٿا ۽ محنت به اتان پوءِ اسپيشلائزيشن شروع ٿئي ٿي ـ تاريخ به ھڪ اھڙو موضوع آھي جيڪو ڪنھن واقعي ,روايتن يا تھذيبن جو پس منظر ٻڌائي ٿو ـ
ماضي جو سمورو دور جنهن جو اسان ذڪر ڪيون ,جنهن بابت لکون ٿا ,اھو گذريل وقت جنهن کي ڪتابن ۾ پڙھون ٿا ,ان کي تاريخ چئجي ٿو ـ تاريخ جو عام ۽ سادو تصور جيڪو ماڻھن جي ذھنن ۾ ھجي ٿو اھو ائين آھي جيڪو ڪافي حد تائين سھي آھي ـ پر اھو سوال ايترو سادو ن آھي ,جڏھن اسان تاريخ کي صرف ماضي چئون ٿا يا صرف مختلف وقتن ۾ پيش آيل واقعن کي تاريخ چئون ٿا ته اھا تاريخ جي اڻ پورو يا کٽل وصف آھي ـ تاريخي ڪتابن ۾ اسان ماضي ۾ پيش آيل واقعن بابت ئي پڙھندا آھيون پر اسان جو يعني تاريخ لکندڙ يا پڙھندڙ جو ان بابت ڪھڙو نقطي نظر آھي ,اھو سوال پڻ اھم آھي ـ يعني مورخ واقعن کي ڪھڙي تناظر ۾ ڏسي ٿو ,ڪنهن ملڪ ٿي حملو ڪندڙ کي ھو فاتح ,عظيم اڳواڻ ,يا غازي ڪري ٿو لکي يا ڦورو ۽ غاصب ڪري ٿو لکي ,صرف ايترو ئي نه پر اسان وٽ اھڙا مورخ يا عام تاريخ جا شاگرد آھن جن جو ٻن مختلف حملي آورن بابت مختلف نقطي نظر آھي ـ مثلن سنڌ تي عربن ب حملو ڪيو ھو ته انگريز به سنڌ جي ھن خطي تي حملي آور ٿيا ھيا پر ڪي ماڻھو ھڪڙن حملي آورن يعني عربن کي عظيم فاتح ۽ غازي ڪري پيش ڪن ٿا ته انگريز کي ڦورو ۽ ڌاڙيل ڪري ليکين ٿا ـ ڪي وري اھڙا به آھن جيڪي انگريز جا ٿورا مڃن ٿا ۽ انھن کي محسن سمجھن ٿا ,جڏھن ته عربن کي غاصب ۽ ڦورو قرار ڏين ٿا ـ واقعا ,دور ۽ يادون بي جان آھن ,انھن کي روح ڪو به نقطي نظر ڏئي ٿو , اھم ڳالهھ تاريخ ۾ اھا ناھي ته واقعو بيان ڪيو ويو ,پر اھم ڳالھه اھا آھي ته واقعي کي ڪھڙي نقطي نظر تحت يا ڪھڙي نظرئي جي اک سان ڏٺو ويو ـ عام طرح اسان لفظ ‘ تاريخ ‘ گھڻو ٻڌندا آھيون چيو ويندو آھي تاريخ کي ضرور پڙھو ,تاريخ پڙھڻ بنا ماڻھو اڌورو آھي ,تاريخ کي نه وساريو وغيرھ ـ جڏھن ته اھا ڳالھه صاف ۽ چٽي ڪرڻ گھرجي ته ڪھڙي تاريخ ؟ ڇو ته تاريخ ھر شي جي آھي ,ھر ڳالھه ,فڪر توڙي خيال جو پس منظر ۽ ان خيال جي پيدا ٿيڻ جي ھڪڙي تاريخ ھوندي آھي ,فلسفي جي تاريخ ٿيندي آھي ,نفسيات جي تاريخ ٿيندي آھي ـ جڏھن ته نفسيات ۽ فلسفو ٻين مختلف موضوعن وانگر پنهنجي تاريخ ته رکن ٿا پر اھي جداگانا موضوع يا علم به آھي ـ يعني ھڪڙي فزڪس آھي ,ڪيمسٽري آھي يا فلسفو ۽ نفسيات آھي ته ٻي طرف فزڪس ,ڪيمسٽري يا فسلسفي ۽ نفسيات جي تاريخ آھي ,يعني اھي علم ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿيا؟ ,ڇو پڙھايا ويا,ڇو پڙھيا ويا ۽ مختلف وقتن ۾ انھن علمن جو ڪارج ڪھڙو رھيو ؟ علم کان ويندي تھذيب ۽ ثقافت تائين ھر فڪر جي تاريخ پيڙھ جي پٿر وانگر ھوندي آھي ,تاريخ يعني پسنظر سمجھڻ بنا اھا ڳالھه اڌوري سمجھ ۾ ايندي ,تاريخ کان ڪٽجڻ مطلب پنهنجي سموري ماضي ۽ ان ماضي جي سببن مان جنم وٺندڙ حال کان ڪٽجڻ ۽ بيگانو ٿي رھڻ آھي ـ ول ڊيورانٽ پنهنجي مضمون ‘تاريخ جي باري ۾ ‘ ۾ لکي ٿو :
جڏھن اسان تاريخ پڙھون ٿا ته فلسفو به پڙھون ته نفسيات به پڙھون ٿا ,ڇو ت نفسيات جي علم ۾ اسان پڙھندا آھيون ماڻھو مختلف حالتن ۾ ڪيئن رويو رکندو آھي يا عمل ڪندو آھي ,جڏھن ته اسان تاريخ جي علم ۾ پڙھندا آھيون ماڻھو مختلف حالتن ۾ ڪيئن عمل ڪندو رھيو آھي ,ساڳي ڳالهھ فلسفي جي علم بابت به لاڳو ٿئي ٿي ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *