تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

تاريخ … ڀِيل قبيلو … روشن داس

ڀيرومل، ”قديم سنڌ“ ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته هاڻوڪا ڀيل مارواڙ يا راجسٿان مان آيل چيا وڃن ٿا، پر اصل ۾ اهي سنڌو ماٿر جي ”ڪول“ لوڪن مان آهن ورلڊ ٽبز آف انڊيا جي انگريز ليکڪ رون ڀيلن جو وطن مارواڙ ڏيکاريو آهي، جتان هو ٻين پاسي گذر جي خيال کان پکڙجي ويا. انسائيڪلو سنڌيانا موجب ڀيلن جون ڪيتريون شاخون يا نُکون آهن. جھڙوڪ ميواڙ ۾ 16، پرتاب ڳڙهه ۾ 37، ڏونگر پور ۾ 36، پاسنواڙا ۾ 32، جيسلمير ۾ 18 ۽ جوڌپور ۾ 58 شاخن جو پتو مليو آهي. انهن ۾ ڪيتريون راجپوتن واريون شاخون آهن، جھڙوڪ: چوهاڻ، پرمار، راٺوڙ، ڀاٽي، گوئل، سولنگي ۽ مڪواڻا وغيره. هيءَ جاتي عام طرح پوئتي پيل سمجھي وڃي ٿي. پر اهي محنتي ۽ بهادر آهن. شڪار تي گذران ڪندا آهن. ان ڪري ”پاراڌي“ “شڪاري”به سڏبا آهن. ڍاٽڪيءَ ۾ ڀيل کي ٿوري به چون. شاهه لطيف ”ٿوري“ لفظ پنهنجي بيتن م ڪم آندو آهي: تان لنگھائين لطيف چئي، ٿرن جي ”ٿوري“ آهيان اجوري، تنهنجي جھوريءَ، جبل جهاڳيان عام طور هنن کي دراوڙ سمجهيو وڃي ٿو. جيڪي ”گونڊ“ نالي هڪ قبيلي سان ويجهڙائپ رکن ٿا. هنن جي دراوڙي هجڻ تي به قوم- شناسيءَ جي ماهرن وٽ مختلف رايا آهن، ڇو ته ڀيلن ۽ دراوڙن جي منهن مهانڊن، اٿڻي ويهڻيءَ ۽ رسمن رواجن ۾ تمام گهڻو فرق محسوس ڪيو ويو آهي. سندن اصليت، ثقافتي خاصيتون ۽ عادتون دراوڙن جي پاڙيسري قبيلي ’گونڊ‘ سان ملن جلن ٿيون. هڪ ٻئي نظريي موجب ڀيل اصل ۾ منڊا قبيلي جي هڪ شاخ چئي وڃي ٿي، ڇو ته انهيءَ ساڳي ’منڊا‘ قبيلي مان سنٿال ۽ ڪول به آهن، جيڪي بنگال، بهار ۽ آسام ۾ رهن ٿا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين قبولڻ جهڙي آهي. زبان جي آڌار تي به ڪن عالمن اندازو لڳايو آهي ته ’منڊا‘ قبيلي جي هڪ شاخ ٿي سگهن ٿا، حالانڪه غور ڪبو ته منڊا ۽ ڀيلي لهجي ۾ ڪو ميلاپ يا هڪ جهڙائي نظر ڪانه ٿي اچي. سو اهو سوال اڃا پنهنجي جڳهه تي بيٺو آهي ته ڀيل، گونڊ آهن يا منڊا. ان تي ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن.
”انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس“ جو مصنف ايس. ايم. چنا لکي ٿو ته ڀيل اڻ آريائي قوم آهي، جيڪي اتر-اڀرندي واري ٽاڪرو علائقي جي دامن اورنگ آباد سباح (Aurangabad Sabah) ۾ رهن ٿا. هنن جي اڀرندي پاسي ”گونڊ“ ۽ ”انڌ“ قبيلي وارا، الهندي ۽ ڏاکڻي حصي ۾ ڪولهي ۽ ”وڻجاري“ قبيلا رهن ٿا. هي ونجاپور، ڪنڙ، ڀوڪر دان، اورنگ آباد ۽ گنگاپور تعلقن ۾ گهڻي تعداد ۾ آهن. اندازو آهي ته هي خان ديس مان آيا. تاريخن مان ثابت آهي ته اتان کين اول راجپوتن تڙي ڪڍيو هو، بعد ۾ مسلمانن به کين هڪاليو، جيڪي اتر هندوستان کان لڏي آيا هئا. ڀيلن جو وڏو حصو ميداني علائقن ۾ ڇائنجي ويو، جتي هو هارپو ڪرڻ لڳا. منهن مهانڊي ۾ ڀيل مختلف علائقن ۾ مختلف نظر اچن ٿا. جيڪي ڀيل ميداني علائقن ۾ رهن ٿا. اتي سهڻا سيبتا، مضبوط، طاقتور ۽ ڀلوڙ مهانڊن سان آهن، شايد ٻاهران شاديءَ سبب سندن نسل ۾ تبديلي آئي آهي، هو پنهنجي اصلي بناوت ۽ بيهڪ کان ٿورو مختلف ٿي پيا آهن. خاص طور جڏهن هنن هيٺين طبقي جي هندو ذاتين مان شاديون ڪيون آهن ته سندن بيهڪ تي اثر پيو آهي. ڪجهه اثر مختلف آبهوا جو به مٿن آهي. ٽاڪرو ڀيلن پنهنجا اصلي منهن مهانڊا سنڀالي رکيا آهن، جو صفا دراوڙي پيا لڳن. اهي سخت ۽ چست آهن. رنگ جا ڪارا، ناسون وڏيون، ڳٽن جا هڏا نڪتل ۽ کهرن مهانڊن وارا پنهنجي پاڙيسري قبيلن ڪولهين ۽ گونڊن جهڙا آهن. هنن ۾ سچ ڳالهائڻ، طنز ڪرڻ ۽ سادگيءَ وارا گڻ ياد رکڻ جهڙا آهن. ڇا به ٿئي، پر ڀيل ڪڏهن به ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندو، پر حاضر جواب واهه جا آهن. هي آزاد طبع ۽ مهمان نواز آهن. هنن کي پنهنجي ڀيلي ٻولي آهي، جيڪا ميداني توڙي ٽاڪرو علائقن ۾ ٿوري فرق سان سڀئي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن ٿا. تاريخ: ڀيلن لاءِ لکيو ويو آهي ته هو آرين کان اڳ جو وسندڙ قبيلو آهن. سندن نالو رامائڻ ۽ مها ڀارت ۾ موجود آهي، چون ٿا ته هڪ ڀيلڻ عورت رام کي ٻير کارايا هئا، جڏهن هو سزا طور رڻ ۾ ڀٽڪي رهيو هو. سالن تائين هي قبيلو ارڏو پئي رهيو آهي. ڪنهن به حڪومت جي قانون کي نه مڃيو اٿن. سدائين پئي وڙهيا آهن. هنن سان مرهٽن ۽ مسلمانن تمام گهڻيون ڏاڍايون ڪيون ۽ هي به ساڻن مهاڏو اٽڪائيندا آيا. ڪجهه مغل بادشاهن هنن تي هٿ رکي کين فوج ۾ ڀرتي ڪيو، سخت ويڙهو هئا. انگريزن سان به جنگيون جوٽيون هئائون، پر مرهٽن مٿن وڏا طلم ڪيا. سندن نڪ، ڪن ۽ چپ ڪپي کين زنده ساڙيو ويندو هو. سندن زالن جا ارهه ڪپي انهن جي مٿان ڳاڙها مرچ وڌا ويندا هئا.> ڀيلن جا ڪيترائي پاڙا آهن، جن ۾ کوتلي، پاورا، ورالي، مواڇي، گواتي، ڊنگچا، تاڙوي، نردي وغيره مشهور آهن. انهن ۾ تاڙوي مسلمان آهن.
رسمون: ڀيل پنهنجين ڌيئرن جي شادي ننڍي هوندي ڪرائي ڇڏين. ڪن حالتن ۾ ڇوڪريون مندرن جي حوالي ڪريو ڇڏين، جيڪي اتي ديوين جي خدمت ڪن، اهڙين ڇوڪرين کي ”مرلياس“ سڏين. ڇوڪرين تي شاديءَ مهل بهرحال ’ڏيجو‘ وٺن، جيڪو ٻه ويهون، چار ويهون وٺن (اها رسم منڇر ڍنڍ ۾ اڃا آهي). ان کي ”گن يا ڏيجو“ سڏين، جيڪو شادي مهل گهوٽ کي ڪنوار جو پيءُ ادا ڪندو آهي. مردن ۾ گهڻين شادين جو رواج آهي، شادي گهڻو ڪري ڪنوار جي گهر ٿئي. شاديءَ جون رسمون مڱڻي کان پوءِ ڪن. شاديءَ جي تاريخ ”ڏيجي“ کانپوءِ مقرر ڪئي ويندي آهي، جيڪا برهمڻ کان ٽپڻو کولائي مقرر ڪن. هتي به هيڊ جي رسم ڀاوسارن وانگر ادا ڪئي وڃي ٿي. گهوٽ شاديءَ واري ڏينهن سرگس ڪري ڪنواريتن وٽ پهچي، گهوٽ کي مٿي تي موڙ ٻڌن، جنهن کي ”بشنگام“ (Bashingam) سڏين. ڪنواريتن وٽ وڃڻ کان اڳ گهوٽ ديويءَ آڏو مندر ۾ پرارٿنا ڪري، مهمانن جي آڌرڀاءُ پان سوپاري ۽ هيڊ سان ڪن. پوءِ گهوٽيتن طرفان ماني ٿئي. ڀيلن ۾ رنڙ کي به شاديءَ جي اجازت هجي ٿي. ڪن ڀيلن ۾ مرهيات مڙس جي ننڍي يا وڏي ڀاءُ سان شاديءَ جي اجازت هجي ٿي. ٻار ڄمڻ سان ئي سندس نالو رکيو ويندو آهي. ويم جي پنجين ڏينهن ماءُ ۽ ٻار کي وهنجاري اڇو اجرو ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن گهر جي ٻاهران هيڊ جا ليڪا ڪڍي گهر ۾ ڏيئا ٻاريا ويندا آهن، جن کي سِندُر جي پائوڊر، هيڊ ۽ جوئر جي وچ ۾ هڪ ٿالهيءَ تي رکيو ويندو آهي. رات جو برادريءَ کي ماني کارائي ويندي آهي. ڀيل جل ديوتا ۽ ستوائي ديويءَ جي پوڄا به ڪن.
ڀيل پنهنجن مُڙدن کي گهڻو ڪري پوريندا آهن، پر مرهيات جيڪڏهن ساڙڻ جي وصيت ڪري ويو هوندو ته کيس ساڙيو ويندو. ڀيل مُڙدي کي هڪ ٿلهي تي مساڻن ۾ رکي سندس ٻانهون سندس پيٽ جي مٿان گذاري ٻڌندا آهن. ان کان اڳ مُڙدي کي وهنجاري نوان ڪپڙا پارائي پٽڪو به ٻڌايو ويندو آهي ۽ سندس چهرو اگهاڙو ڇڏيو ويندو آهي. سندس پاسي ۾ رڌل کاڌو به رکبو آهي، ان کي ”گليل“ چون. قبر ۾ لاهڻ کان اڳ ۾ رڌل کاڌو سندس وات وٽ رکندا آهن. کوٽيل زمين ۾ مڙدو لاهي مٿان مٽي ورايو ڇڏين. اتي ئي ندي يا ٽانڪي تي وهنجي سهنجي پوءِ گهر موٽن. موت کان ٽئي ڏينهن تي به ڪجهه رسمون ادا ڪن. > ڀيل ”ائنيمزم“ پسون ورتي (Animism) ۽ هندو ڌرم جو گڏيل مذهب رکن. هي مهاديو ۽ ڀواني ديويءَ جي پوڄا ڪن. وٽن ڪن هنڌن تي قربانيءَ جي رسم به آهي. جنهن علائقي ۾ رهن، اتان جي ديوين، ديوتائن کي به پوڄين، پر خاص طور”واگهه ديوتا“ جي پوڄا ڪن. واگهه چيتي کي چئبو آهي، پر ان جي ڪا به مورتي ڪا نه رکن. واگھه ديوتا جي پوڄا صبح جي مهل پنهنجي چڱي مڙس جي گهر يا مينهن جي مند ۾ ڪن. ان کان سواءِ مقامي ديوين ڀيروبا، کنڊوبا، هنومان، آئي ماتا ۽ سيتلا ديويءَ کي به مڃيندا آهن. ڀيلن وٽ ڪو به مندر نه آهي، پر وڻن جي ڇانو ۾ ٿلها ٺاهي پوڄا پاٺ ڪن. هو پوڄا لاءِ ناسڪ ۽ ٻين پوتر هنڌن تي وڃن، پر سندن اهم ڌرمي جاءِ سنگمنير، پونا جي ڀرسان ”هنومت نائڪ جي وڏي“ آهي. مسلمانن جي مزارن تي به ويندا آهن. سندن خاص ڏڻ هولي (Holi) ۽ ڏياري (Devali) آهن، پر هولي ڌام ڌوم سان ملهائين. دسهڙي تي قرباني ڪن ۽ درگا ديويءَ جي پوڄا ڪن. سڀني ڏڻن تي خوشيءَ مان نچن. هر خوشيءَ جي موقعي تي الڳ ناچ اٿن. هي لوڪ ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو گهڻو شوق رکن.
سنڌ ۾ هي قبيلو ٿرپارڪر، بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي، ننگرپارڪار، گهوڙا ٻاڙي، سجاول، سانگهڙ، کپري ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ رهي ٿو.ڀيلن کي پنهنجي ٻولي آهي، جيڪا آريائي ٻولين مان نڪتل آهي. اها دراوڙي ٻولين سان ڪا نه ٿي ملي. ڀيلي لهجو گجراتيءَ سان ملي ٿو، پر ان تي مراٺيءَ جو به گهڻو اثر آهي. خاص ڪري نماروارا ڀيل ميراٺي ٻوليءَ جي اثر هيٺ آهن. ڀيليءَ ۾ کوڙ لفظ دراوڙي شامل آهن، جيڪي منداريءَ ۽ ٻين دراوڙي ٻولين مان ورتل آهن، پر انهيءَ ڪري انهن کي دراوڙي سڏي نه ٿو سگهجي، جو ڪا به ٻولي ڪنهن به اوسي پاسي يا پاڙيسري ٻوليءَ جو اثر وٺي سگهي ٿي.سنڌ جي ڀيلن مان ڪامريڊ ڪشن ڀيل ميرپور خاص مان ٻه ڀيرا ايم. اين. اي رهي چڪو آهي. منو ڀيل جي سنڌ ۾ باندي هارين لاءِ طويل تحريڪ مشهور آهي. 1960ع جي آدمشماريءَ موجب ايشيا کنڊ ۾ ڀيلن جي آبادي 75 هزار کن هئي. جڏهن ته هن وقت لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ هند ۾ رهن ٿا. سندن اڪثريت سنڌ جي ٿرپارڪر واري علائقي ۾ اٿن. احسان. ايڇ. نديم پنهنجي ڪتاب ٿر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀيل ٿر ۾ ميواڙ کان اچي آباد ٿيا آهن، جيڪي ٿر جي هر حصي ۾ ڏسي سگهبا آهن. ٿر ۾ سندن ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن مان ڪي ٿورا راجپوتن وانگر آهن. هي ٿر ۾ پوکاٽي ڪن ته ڪي هڏا ۽ کلون به ميڙين، تمام ٿورا ڀيل اونهاري ۾ سنڌ جي باراني علائقن ۾ روزگار سانگي لڏي ويندا آهن، پر سيارو منهن ڪڍندو ته موٽي ماڳ تي ايندا آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *