تازا ترين
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*

تاريخ … سنٿال قبيلو … روشن داس

هيءُ قبيلو ننڍي کنڊ جي دراوڙ قبيلن مان آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي قديم ۽ وڏن قبيلن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب سنٿال کي ’سنتول‘ ۽ ’سنتال‘ پڻ چيو وڃي ٿو. هن وقت هن قبيلي جي اڪثريت هندستان جي مختلف رياستن جھاڙ کنڊ اولهه بنگال، بهار اوڙيسا ۽ آسام ۾ رهي ٿي. ان کان سواءِ اقليتي لحاظ کان سنٿال قبيلي مان ڪيترائي خاندان بنگال ۽ نيپال ۾ پڻ رهن ٿا. عام طور تي ڪولن، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جي قبيلن سان تعلق رکندڙ ڀيل، ڪولهي، منڍا وغيره هندن جي طبقاتي نظام مطابق هندن جي تمام هيٺين طبقي ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سنٿال جو لفظ اڪثر ڪري ڀيل قبيلي لاءِ تصور ڪيو ويندو آهي پر مجموعي طور تي سنٿال هڪ تمام وڏو قبيلو آهي، جنهن منجھان ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون نڪرن ٿيون، جيڪي هڪٻئي کان ٿوري گھڻي ڦيرڦار سبب قبيلائي عيلحدگي رکن ٿيون. محققن موجب هن قبيلي جو تعلق پروٽو آسٽرا ليوڊ گروپ سان آهي. هي قبيلو ننڍي کنڊ ۾ آباد ٿيندڙ قبيلن مان سڀني کان پهريون قبيلو آهي، جنهن مختلف درواڙ قبيلن سان گڏجي سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو بنياد وڌو هو. هي قبيلو ڪاري جسامت سبب آسٽريليائي نسل سان تعلق رکي ٿو. ڪجھه اهڙيون شهادتون قبل مسيح زماني ۾ ملندڙ لاشن جي ڍانچن جي سڃاڻپ ڪندي پڻ معلوم ٿيون آهن. اهڙا ڍانچا هندستان جي ڪيترن ئي علائقن مان مليا آهن. نامور محقق ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي تحقيق موجب سنڌ ۾ سيوهڻ جي آس پاس پڻ اهڙا ڍانچا ۽ کوپڙيون مليون آهن، جيڪي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا.قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته موهن جي دڙي مان مليل ناچڻيءَ جي مورتي چهري جي نقشن مان هن نسل جي لڳي ٿي.سنسڪرت ٻوليءَ جي پراچين ادب ۾ سنٿالن جي سڃاڻپ بابت نشاندهي ڪيل آهي. ان موجب سنسڪرت ۾ هن قبيلي کي ’نشادس ۽ ’اناش چيو ويو آهي، جنهن مان مراد بني نڪ وارا يا گتل نڪ وارا آهن. ان کان علاوه انهن جي منفرد مزاج، طبع، ٻولي ۽ ڪاري رنگت بابت به ڄاڻ ڏنل آهي. ماهرن جو خيال آهي ته سنٿال جسامت جي لحاظ کان ننڍي ۽ پوري پني قد ڪاٺ جا ٿين ٿا، سندن نڪ بينو ۽ منهن ۾ گتل ۽ تمام ٿوري سطح تي اڀريل ٿئي ٿو. انهن جا وار لهردار ته ڪڏهن گھنڊيدار ۽ وڪوڙيل صورت ۾ ته ڪڏهن گھنڊي کان بغير تمام هلڪن ور وڪڙن ۾ ٿين ٿا. جيڪا انهن جي قديم نسل مان هئڻ جي علامت سمجھي وڃي ٿي. هندستان ۾ آباد پروٽو اسٽراليوڊ گروپ جي وڏي قبيلي سان تعلق رکندڙ ڪجھه اهڙا قبيلا اڄ به آهن، جنهن جي هر هڪ قبيلي کي پنهنجي مخصوص سڃاڻپ آهي. اهڙن قبيلين کي پنهنجو پنهنجو قبيلائي ڏيک يا نياتي نشان ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن قبيلي جي فرد جي خاص سڃاڻپ ۽ علامت سمجهيو ويندو آهي. ان کان علاوه اهي جادو، منتر ۽ جن يا ڀوت ڀڄائڻ جا ٽوڻا، ڦيڻا به ڄاڻندا آهن. معجزاڻين ۽ مافوق الفطرت ڳالهين ۾ تمام گھڻو يقين رکن ٿا. ڪيترائي قبيلا مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان گھڻي ڀاڱي هڪجهڙائي به رکن ٿا. هڪٻئي کان ٿوري ڦيرڦار سبب الڳ پڻ آهن. انهن ۾ ڪجھه اهڙا قبيلا به آهن، جيڪي مئل جانور جو گوشت يا شڪار وسيلي حرام قرار ڏنل جانور جو گوشت کائن ٿا. جنهنڪري سماج ۾ کين حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
سنٿالن ۾ قبيلائي لحاظ کان ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي ذات پات جو نظام پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ اهي جسماني ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ آهن. پر رهڻي، ڪهڻي، ريتن ۽ رسمن، عملن توڙي ڪمن جي بنياد تي هن قبيلي ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون پڻ آهن. ڪمن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ قبيلن ۽ ذاتين وارا پاڻ ۾ رشتيداري يا شادي مرادي به ڪن ۽ هڪٻئي سان ڏيتي ليتي به ڪندا آهن. سنٿالن جي ٻئي ڪنهن به قبيلي يا ذات مان رشتيداري ڪرڻ کي غلط ۽ اصول خلاف سمجھيو وڃي ٿو. ظاهري طور تي هن قبيلي جي ڪجھه ذاتين جي عقيدن، حرام جانور ۽ مئل جانورن جي گوشت کائڻ سبب مهذب قومون کانئن نفرت ڪن ٿيون، جنهنڪري ڪجھه اهڙين ذاتين کي آرين، مليڇ يا پليد ڪري سڏيو آهي. سنٿالن ۾ ڪيترائي قبيلا سڌريل، مهذب، زميندار، پڙهيل لکيل ۽ جديد انداز ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سنٿالن ۾ ڪجھه اهڙا اڳواڻ به پيدا ٿيا آهن، جن ٻي قوم جي تسلط ۽ حڪمراني کي مڃڻ کان انڪار ڪندي بغاوت ڪئي آهي. جن ۾ سڌو ۽ ڪانهو مرمو جا نالا اهم آهن، جن 30 جون 1855ع تي 30 هزار سنٿالن جي جٿي جي اڳواڻي ڪندي، انگريز سامراج خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. انگريزن جي پيش قدميءَ سبب اهي ٻئي اڳواڻ مارجي ويا، جنهن بعد هندستان ۾ سنٿال قبيلا اڄ به سندن اڳواڻن جي ياد ۾ ڏهاڙا ملهائيندا اچن پيا.
سنٿالن ۾ ٻارنهن مکيه قبيلا آهن، جيڪي سندن روايتي ڏند ڪٿائن ’پيلڪو هرام‘ ۽ ’پيلڪو ڀُودي‘ مطابق تقسيم ٿيل آهن، انهن ٻارنهن مکيه قبيلن ۾ نجھاسڪ، مراندي، سورن يا سپاهي، هيم برام، تودو/توڙو، ڪسڪو، باسڪ، بيسرا، ڪور، پؤريئا، ڊونڪا يا ڀادولي ۽ مرمو شامل آهن. عام طور تي مراندي ۽ ڪسڪو قبيلن وارا پاڻ ۾ شادي نه ٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته اهي قبيلا قديم وقت کان هڪٻئي جا دشمن قبيلا سمجھيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح تودو ۽ بيسرا به هڪٻئي سان سڱاوتي يا مائٽي نه ڪندا آھن. سنٿالن ۾ مرمو هڪ اعليٰ ذات آهي. هي قبيلو برهمڻن ۽ پروهتن وانگر سنٿالن جي سمورن قبيلن جا مذهبي ڪم ڪار سرانجام ڏيندو آهي. سوهيه يا سپاهي ويڙهاڪ ۽ جنگجو قبيلو آهي، هي هندن جي ٻئي نمبر وڏي طبقي ’کترين‘ وانگر محافظ قبيلي طور ڪم سرانجام ڏئي ٿو. مراندي ذات وارن جو پيشو واپار آهي ۽ ڪسڪو قبيلي کي حڪمراني يا راڄائي جون ذميواريون سونپيل آهن. تودو ذات سان تعلق رکندڙ مڱڻهارڪو ۽ دهل وڄائڻ جو ڪم ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻين ذاتين وارا ڪڙمت، شڪار ڪرڻ سميت مختلف ڪم ڪار ڪن ٿا. انهن ٻارنهن قبيلن کان علاوه هر هڪ قبيلي جا ٻارنهن يا ٻارنهن کان وڌيڪ پاڙا يا نکون آهن، جيڪي سندن ابن ڏاڏن جي نالن جي بنياد تي پيدا ٿيل ڀائنجن ٿا. سنٿالن جو هر هڪ قبيلو پنهنجي انهيءَ نک/پاڙي کي پنهنجي مکيه ذات تسليم ڪري ٿو.
مذهبي عقيدي مطابق سنٿالن جو تمام وڏو ۽ اعلى درجي جو ديوتا ’ٺاڪر جي‘ آهي. جنهن جي سنٿال تمام گھڻي پوڄا ڪندا آهن. سنٿال روحن ۽ آتمائن ۾ تمام گھڻو يقين رکن ٿا. ان موجب سندن روحن جي عدالت بونگا آهي، جنهن ۾ سندن ابن، ڏاڏن ۽ پرکن جا روح ۽ پڻ ڪيترائي اعلى درجي جا روح آهن، جيڪي قدرتي نظام کي هلائي رهيا آهن. کين عبادت، نذر ۽ نياز جي ذريعي خوش ڪيو وڃي ٿو، اهي کانئن تمام براين کان بچائن ٿا. ان کان علاوه اهي روح سندن گهرن، ڳوٺن، ٻارن، ٻڍن، جوانن ۽ جانورن مطلب ته هر شيءِ جي حفاظت ڪن ٿا ۽ کين صحيح رستو ڏيکارين ٿا. هنن جي عقيدي موجب سٺن ۽ اعلى درجي جي روحن کانسواءِ ڪجھه خراب ۽ دشمن روح به آهن، جيڪي کين نقصان پهچائن ٿا ۽ بيماريون ڦهلائين ٿا. اهڙا خراب روح ڳوٺن کان ٻاهر جھنگن، جبلن، پاڻيءَ ۽ مختلف قسمن جي خطرناڪ جانورن جي وجود ۾ رهن ٿا. سٺا روح سندن آس پاس ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جيڪي خراب روحن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن. سنٿال هر سال پنهنجي عظيم روحن جي ياد ۾ تهوار ملهائيندا آهن ۽ عبادت ڪري کين خوش ڪندا آهن. انهن روحن مان مارن برو يعني عظيم پهاڙ سندن اهم ۽ اعلى درجي جو مقدس روح آهي، جنهن روايتن موجب سنٿالن جي عبادت کان خوش ٿي، سڀ کان پهريائين کين جنسي ميلاپ ۽ چانورن جو شراب ٺاهڻ سيکاريو. سندس راڻي روح ’جاهرايرا‘ يعني وڻن جا گھاٽا جھڳٽا يا گھاٽو جھنگ به تمام هڏڏوکي ۽ مهربان آهي. اهي سال ۾ هڪ ڀيرو اهڙن خاص ڏهاڙن تي ڄمڻ، مرڻ ۽ شادي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي مذهبي رسمون هڪ ئي وقت ادا ڪندا آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *