تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

تاريخ … سند جي جنگ … ايڊووڪيٽ سوميا

اھا 8 هين صدي جي ڳالهه آھي جڏھن اموي ھڪ سپر پاور سڏجندڙ ملڪ ھو ان دور ۾ سرحدون ڪنھن رياستي يا عالمي قانون جي ذير اثر نه ھيون جيڪا رياست طاقتور ھوندي ھئي ان جي پاڙيسري ننڍين ۽ ڪمزور رياستن وٽ ھڪ ئي آپشن ھوندو ھو ته يا ته ھو جنگ ڪن يا طاقتور جي ڳالهه مڃن. امي رياست اتر آفريڪا کان مڪران تائين ڦھلجي چڪي ھئي مڪران اھو ئي علائقو ھو ،جنھن جي سرحد سنڌ سان ملندڙ ھئي.اموي فوج جنگجو ھئي ۽ ھر وقت حاضر ھوندي ھئي.سنڌ عربن جي فتحن جي شروع واري ڏينهن کان ئي سرحدي رساڪشي جو شڪار ھئي.8 هين صدي ۾ راجا ڏاهر سنڌ جو حڪمران ھو ان جي حڪمراني کان پھرين ئي سنڌ تي عربن طرفان 14حملا ڪيا ويا ھئا.اھي حملا به سرحدن تائين محدود ھئا.ان جو سبب اھو هو ته عرب سند جھڙي پري رياست لاءِ خزاني توڙي فوجي نقصان نه ٿي چاھيو. ان ئي طرح اموين به اھڙي ڪا پلاننگ نه ڪئي هئي ان موقعي تي راجا ڏاھر کي به حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ھا ۽ اموي حڪمرانن سان مفامھت ڪري ھا ان جي ابتڙ راجا ڏاھر اموي حڪمرانن جي مخالف محمد لافي ۽ 500ساٿين کي پناھ ڏني جيڪا ڳالهه انھن لاءِ ڪنھن چيلنج کان گھٽ نه ھئي پر ان ھوندي به اموين جنگ نه ڪئي.ان جو ظاهري طور سبب اھو ھو ته سنڌ ڪافي پري ھئي جتي ھو، پئسو توڙي فوج جو نقصان نه پيا ڪرڻ چاھين. اموين ۾ ھڪ حڪمران حجاج بن يوسف ھو .جيڪو تمام گھڻو ماهر ھئڻ سان گڏ adventurer به ھو. ھو عراق جو گورنر هو.ان جي ڪنٽرول ھيٺ رھندڙ علائقي جي سرحد سنڌ سان ملندڙ ھئي.حجاج بن يوسف کي ھڪ موقعو مليو ،جنھن جو ھن فائدو وٺندي سنڌ تي حملي جو فيصلو ڪيو.ھڪ قصو مشھور آھي ته سريلنڪا جي ڌاڙيلن ، سنڌ جي بندرگاھه ديبل وٽ بحري جهاز تي حملو ڪيو ،ان جھاز مان مسلمان عورت کي کڻي قيد ڪيو ويو.۽ ديبل جي ساحل ويجھو ئي جيل ۾ بند ڪيو ويو.
تاريخدانن موجب ان قيدين ۾ بونزير قبيلي جي ھڪ عورت انتھائي بي وسي جي ڪيفيت ۾ چيو ته اي حجاج بن يوسف منھنجي مدد ڪر، اھا خبر جڏھن حجاج بن يوسف کي پئي ته ھن چيو ته ھا آئون توھان جي ضرور مدد ڪندس ۽ راجا ڏاهر کي خط لکيو ته مسلمان قيدين کي آزاد ڪر، جنھن جو جواب ڏيندي راجا ڏاهر چيو ته جھاز کي جن لٽيو آھي تن کان وڌيڪ طاقتور ڪير ڪونھي ۽ ھو منھنجي تابع به ناھن آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان، اھو جواب ٻڌندي حجاج بن يوسف ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ديبل تي چڙھائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ائين ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ ۾ جنگ جي شروعات تي.جھاز تي حملي جو قصو صرف چچ نامي ۾ آھي ان کان سواءِ باقي ڪٿان به اھو قصو ناھي ثابت ٿيو،اھو ڪتاب به عربن جو لکيل آھي.حجاج بن يوسف ھڪ ظالم حڪمران ھو، ايترو جو ھن ڪعبه تي به چڙھائي ڪرائي تان جو حجر اسود جا ٽڪرا ٿي ويا. ان جي سلطنت ۾ لکين مسلمان ماريا ويا ۽ قيد ڪيا ويا.ناليواري تارخدان ڊاڪٽر مبارڪ مطابق حجاج ھڪ چالاڪ سياسدان ھو ،ھو ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان پھرين ان جا نقصان توڙي فائدا ڏسندا ھئا ان لاءِ اھو چوڻ ڪنھن صورت ۾ صحيح ڪونھي ته ھن سنڌ تي حملو قيدين جي مدد لا ڪيو ھو.ھونئن به مسلمانن جي تارخ ھن جي ظلمن جي داستانن سان ٻري پئي آهي ۽ ڪنھن کا ڍڪيل ناھي، ان جي برعڪس راجا ڏاھر الڳ لفظن سان سڃاتو وڃي ھن لا مشھور آھي ته ھو پنھنجن دشمنن سان بھترين رويو رکندو ھوجنھن جو ذڪر ڪتاب ٫فتح سند ۾ لکيل آھي جنھن جا لکندڙ محمد بن قاسم جا ساٿي آھن ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي ته جڏھن رمل جي راجا راجا ڏاھر شڪست ڏني ته ھڪ وزير جي مشوري تي پنھنجي دشمن ۽ ان جي ھزارين ساٿين کي معاف ڪري ڇڏيو. سوال اھو به اٿي ٿو ته راجا ڏاھر ايترو بھترين ۽ رحمدل ھو ته پوءِ ڇو ان مسلمان قيدين جي مدد نه ڪئي ،اھو سوال اھڙو آھي جنھن جو اڃا تاريخ ۾ جواب ناھي سواءِ ان جي ته ھن حجاج بن يوسف کي خط جو جواب ڏيندي چيو ھو ته ھو قيدين جي مدد ڪرڻ لاءِ بيوس آھي.يا وري اھو به چئي سگھجي ٿو ته قيدي مسلمان ھئا.
ديبل تي حملو ھڪ حقيقت آھي ۽ اھو حملو حجاج بن يوسف جي حڪم تي ان جي ٻن سالارن عبدالله بن نھبان ۽ بديل ڪيو،جنھن حملي ۾ ھو نه صرف ناڪام ٿيا پر ان ئي حملي ۾ مارجي پڻ ويا.بديل حجاج بن يوسف کي تمام ويجھو ۽ پيارو ھو ان جي مارجي وڃڻ جي اطلاع ڏيڻ واري کي به سزا ڏني نه صرف ايترو پر ڪوفي جي مسجد جي امام کي به چيايائين ته نماز پڙھڻ کان پوءِ بديل جو قتل ياد ڪرائيندو ڪر ،جيئن مان ان جي قتل جو بدلو وٺي سگھان. ان مان ان جي بي چيني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ان جي بي چيني کي ڏسندي ھڪ ڪمانڊر عامر بن عبدالله ، حجاج بن يوسف کي سنڌ فتع ڪرڻ لاءِ ھن کي موقعو ڏيڻ جو چيو پر حجاج ان جي فوجي صلاحيت کان گھڻو متاثر نه ھو، ان ڪري ان کي ڪو جواب نه ڏنو پر ھو ڪنھن پلاننگ ۾ ھو.نجومين وٽ وڃڻ لڳو، ان ھڪ ذائچو به ٺھرايو ۽ پاڻ ئي فال ڪڍيائين ،فال ۽ ذائچي ۾ صرف ھڪ ماڻھو جا اشارا مليا جيڪو سنڌ فتح ڪري ٿي سگھيو ،اھو ھو عماد الدين محمد قاسم.اھو واقعو به فتح ناما سنڌ ۾ لکيل آھي، ڊاڪٽرمبارڪ علي موجب فال وغيره جو ڪو قصو نه ھو، دراصل محمد بن قاسم کي فوجي معاملن ۾ تجربو نه ھو، محمد بن قاسم، حجاج کي ڪڏھن به چيلنج نه ڪندو ۽ ان جا حڪم مڃيندو ان ڪري حجاج بن يوسف کي اھڙو ماڻھو ٿي کپيو جيڪو حرف به حرف تي عمل ڪري سنڌ فتح ڪري، ٻيو سبب اھو ھو ته محمد بن قاسم حجاج جو مائٽ ھو، ھن کي حجاج بن يوسف فوجي تربيت وٺڻ لا ايران جي شھر شيراز موڪليو ھو، ان ذريعي ھو پنھنجي ۽ خاندان جي دٻدٻي کي وڌائڻ چاھيو ٿي. ائين اتي فوجي تربيت وٺڻ دوران ئي محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ فوج جي سپرسالار ٿيڻ جو نياپو مليو.محمد بن قاسم جي عمر لاءِ به ٻه رايا آھن ،ھڪ جاءِ تي سندس عمر ۱۷سال ٻئي ھند ۲۸ سال لکيل آھي. ان وقت ھو ايران جي شھر شيراز ۾ موجود ھو جتي ھن کي حجاج جو پيغام مليو ، ھو ان وقت ٻئي شھر لاءِ وڃڻو ھو پر پيغام ٻڌي ٻئي شھر وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري اتي رھي پيو، نيٺ ۶ مھينن جي انتظار ڪرڻ کانپوءِ ۶ ھزار گھوڙي سوار فوج اچي شيراز پھتي.انھن سان گڏ ۳۰۰۰ اٺ به ھئا، جن تي فوج جي ھر ضرورت جو سامان سنڌ جي پري جي سفر لاءِ پيل ھو،حجاج فوج جي ھر ضرورت جو تمام گھڻو خيال رکيو. ايتري قدر جو سرڪو به سامان سان گڏ رکيو ويو ڇو ته فوج ھندستاني کاڌي جي عادي نه ھئي ۽ اھو کاڌو کائي بيمار نه ٿي پوي. سرڪي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ان کي ڪپهه ۾ ٻوڙي سڪايو ويندو ۽ ضرورت وقت ڪپهه کي آلو ڪري استعمال ڪيو ويندو ھو. سامان ۽ ڪپڙن سان گڏ درزي به موڪليا ويا. ۳۰ھزار دينارجي رقم به سنڌ ڏانھن روانو ٿيندڙ قافلي کي ڏني وئي ته ضرورت پوڻ تي خرچ ڪري .
حجاج بن يوسف قافلي جي ذري کان ذري ضرورت جو خيال رکيو ۽ ان جي رواني ٿيڻ کان پوءِ به سامان توڙي فوجي مدد ڪرڻ ۾ سستي نه ڪري رھيو ھو.پر مسئلو اھو ته ايتري خرچن جو شاھي خزاني تي اثر پئجي رھيو ھو،اھو خرچ ڪرڻ لاءِ اموي خليفو وليد بن عبدالملڪ تيار نه ھو پر حجاج چيس ته ھو خراني جي خرچ جو ۳حصو خزاني ۾ جمع ڪرائيندو.اڃا محمد بن قاسم مڪران ۾ پھتو ته ۶۰۰۰ اٺن جي امداد ملي ان سان گڏ مڪران جي گورنر محمد بن ھارون پڻ ان جي فوجي مدد ڪئي.حجاج بن يوسف ديبل جون ٻيون/ديوارون ڪرائڻ لاءِ ۵ خاص اوزار بحري جھازن ذريعي ديبل اماڻيا. ھر منجقي کي ھلائڻ لا ۵۰۰ ماڻھو مقرر ھئا.عرب لشڪر ٻنھي رستن،يعني زميني توڙي سمنڊ ذريعي سنڌ ڏانھن وڌي رھيو ھو.زميني لشڪر محمد بن قاسم جي ذريعي ۽ سامونڊي ذريعي منجقي .ايڏي وڏي رٿابندي باوجود به حجاج بن يوسف پوين جرنيلن جو انجام ذھن ۾ رکي رھيو ھو.ھن جنگ جي ڪمان پنھنجي ھٿن ۾ رکي، محمد بن قاسم ديبل وڃڻ کان پھرين بلوچستان جا علائقا پنجوڙ ۽ پو ارمابيل فتح ڪيو.ان ۾ ان کي سال لڳي ويو. ۷۱۲ ۾ سمنڊکان منجقون به پھچي ويون.۽ محمد بن قاسم جمعي جي ڏينهن ديبل پھتو ۽ ان جملي جو خطبو به پڙھيو ۽ قلعي جي سامھون ئي منجقون نصب ڪيون. ھاڻي ھو ديبل تي حملي ڪرڻ لا تيار ھو.حجاب بن يوسف ان کي ھدايت ڪئي ته ديبل تي ھڪ مسڻھو کي قرآن پاڪ جي تلاوت لا مقرر ڪري ڇڏ ۽ ضرورت پوڻ تي لاحول ولا قوة الا بالله جو ورد ڪندو رھي. ديبل پھچڻ تي حجاج بن يوسف حڪم ڪيو ته ۱۲ گز(۲۴ فٽ)ويڪري ۱۸ فٽ گھري ۶گز ڊگھي خندق کوٽجان .۽ دشمن جو ڪجهه چوي ،نعره ھڻي يا گاريون ڏئي ،تون چپ رھجان. عرب لشڪر جي ديبل پھچڻ جي اٺين ڏينھن حجاج بن يوسف جنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *