تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

تاريخ (حصو پهريون) … جوهي تعلقي ۾ سيسم جو قلعو … عزيز ڪنگراڻي

سنڌ جي ماڻهن قديم زماني کان پنهنجي ۽ پنهنجي وطن جي دفاع ۽ بچاءُ لاءِ نه صرف جنگ جو هنر سکي ورتو پر ڌارين جي يلغار کان بچڻ لاءِ حڪمرانن ڪوٽ ۽ قلعا تعمير ڪرايا. ڪي اهڙا به قلعا آهن جن جو تاريخ ۾ صرف ذڪر رهجي ويو آهي. انهن جا صرف نشان رهجي ويا آهن. انهن ۾ جوهي تعلقي ۾ قديم سيسم جو قلعو به اچي وڃي ٿو. سيسم جي قلعي جو ذڪر سنڌ جي تاريخ جي پهرئين ماخذ چچنامي ۾ موجود آهي جيڪو مغالتن ۽ بيانن ۾ تضادن سان ڀريو پيو آهي. عرب سپھه سالار محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح بابت اصلي اڻلڀ عربي نسخي جو علي ڪوفي فارسي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جا سنڌي توڙي اردو ۾ الٿا ڪيل آهن. محمد بن قاسم ديبل، نيرون (رنيڪوٽ) جو قلعو ۽ سيوستان (سيوهڻ) جو قلعو ٻُڌ شمنين يا ڀڪشوئن جي سهڪار سان فتح ڪيا. ٻُڌمت وارا مذهبي طور برهمڻن کان باغي هئا جنهنڪري اندروني طرح عربن سان سهڪار ڪيائون. راجا ڏاهر جي مرڪزي حڪمراني ۾ سندس سوٽ بجهراءِ پٽ چندر سيوهڻ جو حاڪم هو. سيوستان تي حملي وقت رات جي وڳڙي ۾ اتر طرف کان سيوهڻ قلعي مان نڪري ٻڌيه پرڳڻي ۾ سيسم جي قلعي ۾ پناھ ورتائين (چچنامو، ص. 45).ته بن قاسم سيسم جي قلعي ڏانهن وڌيو. ٿي سگهي ٿو ته بجهراءَ ٻيهر سگهه سهيڙڻ لاءِ ايئن ڪيو هجي. ان وقت ٻُڌيا جو حاڪم ڪاڪو پٽ ڪوتل نالي شمني بڪُو (ڀڪشُو) هو. ٻڌيه جا حاڪم ٻُڌمت جا قائل هئا ۽ برهمڻ گهراڻي اثر هيٺ هئا پر مذهبي مت ڀيد جا شڪار هئا جنهنڪري اندروني طرح عرب جا سهڪاري هئا. سيسم جو قلعو ڪنب نهر جي ڪناري تي هو. بجهراءَ پهتو ته سندس آجيان ڪيائون (چچنامو،ص.46) ۽ عرب سالار سان جنگ لاءِ تيار ٿي ويا.
بن قاسم حملي لاءِ وڌيو ته شمنين مهاڏو اٽڪائڻ جو به سوچيو ته ڪن آڻ مڃڻ جون به ڳالهيو ڪيون. ٻڌيا جو لشڪر ۽ بجهرا ويڙهه لاءِ تيار ٿيا. محمد بن قاسم جو لشڪر ڪنڀ يا ڪنب نهر جي ڪناري بندهان (ٻنڌڻي يا ٻانڌڻي) وٽ اچي پڙاءُ ڪيو (چچنامو، ص. 46) جيڪا ڪنب نهر ڪناري بستي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته سيسم جو قلعو جنهن ڪنب نهر ڪناري تي هو سو ٻنڌڻي کان الڳ ڪو ٻيو ڪنب هو جنهن ڪناري سيسم جو قلعو هو. ڇو ته ٻنڌڻي وٽ بن قاسم جنگ نه ڪئي پر سيسم ڏانهن ويندي پڙاءُ ڪيو هو. ڪنب نهر ساڳي هجڻ سان سوال اڀري ٿو ته سيسم جي قريب عرب لشڪر ڪيئن ٿي داٻو ڪري سگهيو. اهو جنگي حڪمت عملي جي سراسر خلاف نظر اچي ٿو. عرب لشڪر کي ڌاريئي ڏيھه ۾ ڪاھه ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت اهو احساس ضرور هوندو ته قلعي کان پرڀرو ۽ محفوظ جڳھه تي منزل ڪري، ٻِيءَ صورت ۾ مٿس حملي ٿيڻ ۽ نقصان کائڻ جو خدشو هوندو. اهو کٽڪو عرب سپھه سالار کي ضرور هوندو. انڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو لڳي ته هن قلعي جي قريب منزل ڪئي هجي. بندهان ڪنب وارو ماڳ ڪنب نهر کان وٿيرڪو ۽ محفوظ هوندو. ڪنب نهر ۽ سيسم جي قلعي جو پري هجڻ بابت بحث اڳتي ايندو پر چچنامي جي هن بيان تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته قلعو دور هو. ڪاڪي پٽ ڪوتل (سيسم قلعي جو حاڪم) هيڪر چيو ته جنگ نه ڪجي ۽ ھي ملڪ عربن هٿان فتح ٿيندو پر پنهنجي ماڻهن جي زور ڀرڻ تي عربن جي لشڪر جي مقابلي لاءِ ڀيمن جي اڳواڻي ۾ هڪ هزار بهادر موڪليا جيڪي سڄي رات عرب لشڪر کي ميدان ۾ ڳوليندا رهيا ۽ صبح جو پاڻ کي قلعي جي دروازي وٽ ڏٺائون ۽ کين عرب لشڪر نه لڌو (چچنامو، ص147) ۽ اچي ڪاڪي پٽ ڪوتل کي ٻڌايائون نه لشڪر نه لڌو (تحفته الڪرام، ص. 80). قلعي اڳيان وڏو ميدان هجڻ جو ذڪر ۽ پنهنجي علائقي جي واقفڪارن يا سُونهن کي عرب لشڪر جو نه لڀڻ به نه سمجهھ ۾ نه ايندڙ ڳالهھ آهي پر ميدان جو ذڪر ظاهر ڪري ٿو ته قلعو پري هو ۽ ميداني علائقي ۾ هو. ان جي پسمنظر ۾ ٻه ڳالهيون نظر اچن ٿيون. يا ته ڪاڪي پٽ ڪوتل جا موڪليل ماڻهو عربن سان وڙهڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ بهانو ڪري موٽي آيا، يا وري خيال جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته عرب لشڪر وڏي وٿيءَ تي ڪنهن محفوظ جڳھه تي ترسيل هو جو کين لشڪر نظر نه آيو، جنهن ڪري سيسم (ٻڌيه) جو لشڪر عرب فوج جو اندازو ڪري نه سگهيو. تلاش جي باوجود محفوظ به ماڳ وٽ ترسيل عرب لشڪر کين نه ملي يا لڀجي نه سگهيو ۽ مايوس موٽي آيا. ڪاڪي پٽ ڪوتل جي بغاوت ۽ عرب سالار سان ملي وڃڻ يا ٺاھه ڪرڻ کان پوءِ به محمد قاسم سان سيسم قلعي وارن مزاحمت ڪئي.
بن قاسم اتان (بندهان) تان منزل کڻي سيسم جي قلعي تي آيو. ٻن ڏيهن جي جنگ کان پوءِ خدا تعالي کيس فتح ۽ ڪافرن کي شڪست ڏني(چچنامو، ص145). هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيسم جي قلعي وارن عرب سالار سان ڪن ماڻهن ٺاھه نه ڪيو هو ۽ انهن راتاهي لاءِ جيڪا رات جي وڳڙي ۾ ڪوشش ڪئي سا ناڪام رهي. ناڪامي جو سبب به عرب لشڪر جو ڪنهن محفوظ، پري ۽ ڳجهي مقام تي هجڻ کي واضح ڪري ٿو. بهرحال چچنامي جا بيان منجهائيندڙ آهن. متضاد بيانن تاريخي بگاڙ پيدا ڪيو آهي.
سيسم جو قلعو ڪهڙي هنڌ هو؟ ڪنب نهر منڇر مان نڪرندڙ نهر هئي يا اولهندي ڪناري جهڙي درياهي ڇاڙ هئي يا پهاڙي سلسلي منجهان قدرتي چشمي يا ڪنب مان نڪرندڙ نهر هئي؟ ڪنب کي منڇر سمجهڻ گهرجي؟ سيسم منڇر ڪناري هو يا پرانهين پنڌ هو؟ انهيءَ جي باري ۾ ضرور جائزو وٺڻو پوندو؟. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نئين جامع لغات جلد ٻيو ۾ ڪنب جي معنيٰ پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ، ڪُن، گهرو وغيره کان علاوه ٻيون به معنائون ڏنيون آهن پر ڪنب جي معني ۾ ڍنڍ نه لکيو اٿس (بلوچ، سنڌي لغت، 459). جڏهن ته چچنامي جي سڌارن واڌارن ۾ ڪنب جي معنيٰ ۾ لکي ٿو ته ڪنب يا ڪنڀ وڏي شاهي تلاءُ يا ڍنڍ جي معني ۾ اڄ ڏينهن تائين استعمال ٿئي ٿو ته ڪنڀ غالبن ساڳي منڇر جي ڍنڍ آهي (چچنامو، ص. 314). ممڪن آهي ته سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ڪنب ڍنڍ لاءِ ڪم ايندو هجي، پر ڪنب جي معنيٰ ڍنڍ هجڻ سان سهمت نه آهيان نڪي عرب لشڪر يا مورخ ڍنڍ لاءِ ڪنب لفظ ڪم آندو هوندو ڇو ته “ڍنڍ” نالي کان واقف هئا. برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ کان پوءِ بن قاسم اروڙ ڏانهن وڌيو هو. منزل پٽي وڃي سائونديءَ جي انهي پسگردائيءَ ۾ پهتو جنهن کي منهل چون ٿا. اتي هڪ فرحت بخش ڍنڍ ۽ چراگاھه جنهن کي ڍنڍ وڪر بهار (دنده وکر بهار) چوندا هئا، اتي منزل ڪيائين (چچنامو، ص. 331) مطلب ته ڪنب ڍنڍ نه پر چشمي جي گڏ ٿيل پاڻي کي چئبو آهي. حيرت ان ڳالھه جي آھي ته چچنامي منڇر ڍنڍ جو ذڪر نه ڪيو آهي. ان جو ڪارڻ اهو نظر اچي ٿو ته شايد عرب لشڪر منڇر ڍنڍ وٽان گذريو ئي نه هو. جيڪڏهن گذري ها ته منڇر جو ذڪر ضرور ٿئي ها. جيڪڏهن گذريو هو ته ڇا ان وقت منڇر ڪنهن ڪنب جيتري هئي؟ سو وسهڻ ۾ نه ٿو اچي. منڇر ڪناري ته قبل مسيح دور جا آثار موجود آهن جيڪي منڇر جي وجود کي به قديم ظاهر ڪن ٿا. منڇر جي اتر ڪناري قبل مسيح دور جي بستين پير لاکيو ۽ لاهري يا لهري ۽ منڇر جي ڏکڻ ڪناري قبل مسيح بستيون ٽهڻي ۽ پير مشاخ وچ ۾ ميلن جو مفاصلو آهي. ڇا ايڏي ايراضي تي ڦهليل ڍنڍ کي عربن ڪنب سڏيو هوندو؟ عرب جاگرافي دانن منڇر جو ذڪر به گهٽ ڪيو آهي، پر اهو به وسارڻ نه گهرجي ته انهن عربن جو گهڻو تڻو گذر مسافري جي واٽن سان هو ۽ منڇر به تڏهوڪن مسافري وارين واٽن کان پري هو (ليمبرڪ:سنڌ عام جائزو، ص. 273).اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته منڇر جو علائقو جنگي حڪمت عملي جي حوالي سان کليل ۽ غير محفوظ نظر اچي ٿو. ڪنهن غير محفوظ هنڌان لشڪر جو گذرڻ جنگي ڏاهپ جي ذمري ۾ نه ٿو اچي. پرائي ملڪ ۾ فتح جي مهم دوران عرب سپھه سالار محفوظ ماڳ تي منزل ڪرڻ کي اهميت ڏني هوندي……هلندڙ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *