تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

تاريخ (حصو ٻيون ۽ آخري)…جوهي تعلقي ۾ سيسم جو قلعو …عزيز ڪنگراڻي

سيسم بابت ميجر راورٽي مونجهاري جو شڪار نظر ايندي لکي ٿو ته هتي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سيسم نالي ٻه قلعا هئا ٻنهي نالن مان هڪ جي نالي ۾ غلطي ڪئي وئي آهي. جنهن جو قوي امڪان به آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ٻيو به سيسم آهي. جنهن کي ڪِن شهبان (Shaban) ۽ ڪِن سلام (سِلم يا سِم) لکيو. اهو مقام منڇر کان گهڻو پنڌ پري هو (راورٽي، سنڌ جو مهراڻ، ص244). مان تڏهوڪي ٻڌيه پرڳڻي جي پسگردائي ۾ ٻنهي کي هڪ ئي قلعو سمجهان ٿو ۽ سيسم يا سِم نالو درست سمجهان ٿو. چچنامي ۾ هڪ ديبل جي پسگردائي ۾ سيسم يا سميم جاءِ جو ذڪر آهي پر ان کي قلعو نه سڏيو ويو آهي (چچنامو,ص.141). مان به ان ڳالھه جي تائيد ڪيان ٿو ته سيسم جو قلعو منڇر وٽ نه هو. تاريخ معصومي موجب سيسم قلعو مهراڻ جي اولھه واري علائقي (ٻُڌيه پرڳڻو) ۾ هو. حقيقت ۾ اهو مهراڻ نه پر مهراڻ جي وهندڙ هڪ وڏي قديم ڇاڙ هئي جنهن منڇر سان گڏ ڪاڇي جو پٽ نروار ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق اهو الهندو نارو ٿي سگهي ٿو ۽ ٻوڌين جون رياستون اولهندي ناري جي اولهھ طرف منڇر کان وٺي اتر طرف غالبن جيڪب آباد ۽ سبي تائين هيون. بلوچ پاران چچنامي ۾ ٻُڌيه پرڳڻو به ٻوڌين جو ڄاڻايو ويو آهي. بلوچ لکي ٿو ته سيسم جي قلعي جي باري ۾ صرف ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو يا ته منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي يا قديم اولهندي ناري جي ڪناري تي هو (چچنامو، ص. 314). ليمبرڪ موجب اهو اولهندو نارو تڏهوڪي زماني ۾ موجود هو يا نه پر منڇر ڍنڍ کي ڪا قديم درياهي ڇاڙ پوءِ وارن ڏينهن ۾ اولهندي ناري سان موافق منڇر ڏانهن وهندي هوندي ۽ ٽڪرن کان وهي ايندڙ ڇرون پاڻي ڏينديون هونديون (ليمبرڪ، ص. 373).
ليمبرڪ جي هن بيان ۾ وزن موجود آهي هن مان سمجهجي ٿو ته سيسم جو قلعو، سيوهڻ ۽ بندهان يا ٻنڌڻي کان اتر طرف ڪڪڙ شهر واري علائقي ۾ اولهھ طرف واقع هو ۽ موجوده ڪڪڙ جي مفاصلي جي لڳ ڀڳ مفاصلي تي هو. بلوچ موجب بندهان جنهن کي ڪن مورخن نلهان، نڌان،بلهان يا ٻلهڻ (Bilhan) به لکيو آهي سي واقع سيوهڻ جي لڳ ڀڳ هئا. بندهان (ٻنڌڻي) ڪنب جي ڪناري تي هئي جت محمد بن قاسم سيسم جي قلعي تي چڙهائي لاءِ اچي منزل ڪئي. ممڪن آهي ته اصل سنڌي پڙهڻي ۾ نالو بند+ هان هجي ۽ منڇر جي ڪنهن قديم بند سبب انهي بستي تي نالو پيو هجي يا ممڪن آهي ته اهو نالو ٻنڌاڻ هجي (چچنامو،ص. 314). بلچ صاحب جي بندهان بابت راءِ ۽ ليمبرڪ جي سيوهڻ ۽ سيسم جي وچ واري ڄاڻايل مفاصلي سان سهمت آهيان. ٻنڊاڻ يا ٻانڌڻي يا ٻنڌڻي نئي ۽ ڳوٺ جو نالو اڄ به جهانگارا باجارا کان ڏکڻ ۾ تعلقي سيوهڻ ۾ موجود آهي.
تاريخدانن سيسم کي سم به لکيو آهي. سم نالي قديم ڳوٺ دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي سرحدن ۾ اڄ به ڪڪڙ کان اولهھ طرف ڪاڇي ۾ نئي گاج ويجهو موجود آهي. تاج صحرائي پنهنجي ڪتاب سنڌُو تهذيب ۾ لکي ٿو ته سم توڙي جو هڪ مختصر ۽ ننڍو ڳوٺ رهجي ويو آهي پر پراڻن گهرن جي ڪچين سرن واريون شاندار ديوارون، پراڻو قلعو، پراڻا کوھه ۽ جيڪي ٻيا کنڊرات پکڙيل آهن، سي ان جي ماضي بابت ڳالهائن ٿا (صحرائي، ص. 85) ته اهو چچنامي وارو سم يا سيسم آهي. تاج صحرائي وڌيڪ لکي ٿو ته هي نهايت قديم بستي آهي. هن قديم سِم جي زمين زرخيز آهي ۽ پراڻي ڪنب درياھه کان 6 ميل پري اولهھ ۾ آهي. انهن پراڻن کوهن جو پاڻي مٺو آهي(صحرائي، ص86). هيءُ ڳوٺ سنڌو درياھه جي پراڻي وهڪري جي ڪنڌيءَ سان هو.
گماڻ غالب آهي ته جنهن ڪنب نهر تي عرب لشڪر منزل ڪئي هئي سو سيوھڻ جي علائقي ۾ نئي ٻنڌڻي وارو ماڳ هو ۽ سيسم جو قلعو سم ڳوٺ جي آس پاس موجود هو جيڪو گاج ڪناري هو جنهن جا آثار تاج صحرائي ڏٺا هئا ۽ 1989ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب سنڌو تهذيب ۾ درج ڪيو آهي. جڏهن سيسم جو قلعو فتح ٿيو هو، تڏهن بجهراءِ هتان نڪري گنداوا ڀڄي ويو هو (چچنامو، ص. 49). ٻنڌڻي کان سيسم تي حملي جو ممڪن رستو ٻنڌڻي کان نئينگ، گورانڊي جون ماريو لتاڙي عرب لشڪر اتر طرف گاجي شاھه وٽان ڌونڪ ماٿري ٽوڙي وارو علائقن منجهان اڳتي سيسم (سم ڳوٺ) ڏانهن وڌيو هوندو. ٻنڌڻي واري ماڳ ۽ سيسم قلعي وارن ماڳن جي وچ ۾ اٽڪل 60 ميل کن مفاصلو هوندو. مٿئين بحث جي روشني ۾ مان به موجود سم ڳوٺ کي سيسم واري بستي سمجهان ٿو جنهن کي درياهي ۽ گاج جي ٻوڏن نابود ڪري ڇڏيو صرف کنڊرات موجود آهن ۽ قلعو پهاڙ ڪناري اڄ به خسته حال ۾ موجود آهي. .
اختصار
سيسم ٻُڌيه پرڳڻي ۾ هو جڏهن ته بندهان يا ٻنڌڻي، نلهان، نڌان يا ٻلھڻ جا ماڳ سيوستان ۾ منڇر ڪناري هئا. سيسم ميداني علائقي ۾ هو جڏهن ته سم به ميداني علائقي ۾ آهي. اصلي فارسي عبارت آب ڪنب آهي يعني چشمي جو پاڻي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنب نهر ناري يا درياھ مان نه پر قدرتي ڪنب يا چشمي مان وهي هلندڙ نهر هئي يا جابلو نئي مان وهندڙ پاڻي هو. اها نئي ٻنڌڻي به ٿي سگهي ٿي ته گاج نئي به ٿي سگهي ٿي. بن قاسم جي حملي وقت ساوڻ جي موسم هئي. گاج سميت ٻيون نئيُون اوج ۾ هونديون. بلوچ نهر کي اولهندو نارو سمجهي ٿو. ليمبرڪ ڪنب کي منڇر نه ٿو سمجهي ۽ نه ئي نهر کي اولهندو نارو سمجهي ٿو. هيگ هوڙي والا سيسم شاھه حسن کي سمجهن ٿا پر بلوچ صاحب کين رد ڪري ٿو. شاھ حسن ميداني علائقي ۾ نه پر جبلن ويجهو آهي. سيسم ميداني علائقي ۾ ڪنهن نئي (گاج؟) جي ڪناري هو. سيسم جا شمني عرب لشڪر سان وڙهڻ لا۽ رات جو مٿس راتاهي لاءِ ميدان ۾ ڀٽڪيا هئا. چچنامي موجب شمنين مٿس راتاهي جو سوچيو. ڪاڪي پٽ ڪوتل کان اجازت وٺي رات جو بن قاسم تي حملي لاءِ نڪتا. سڄي رات ميدان ۾ ڦرندا رهيا پر کين بن قاسم جو لشڪر نه لڌو خدا کين ڀُلايو ۽ ڀٽڪيا. صبح جو پاڻ کي سيسم جي قلعي جي دروازي وٽ ڏٺائون(چچنامو،ص.147). سم جو ڳوٺ پڻ ميدان ۾ آهي. ليمبرڪ سيسم کي ڪڪڙ شهر جي آس پاس سمجهي ٿو. ڪڪڙ ويجهو چچنامي واري سِم يا سيسم يا سميم سان سم ڳوٺ جي نالي جي گهڻي مماثلت موجود آهي. بلوچ صاحب موجب ٻُڌيه جو پرڳڻو سيوهڻ کان اتر طرف هو. هن پرڳڻي جي گادي ڪاڪا راڄ شهر هو. ۽ انھي نالي جو نشان هينئر به ڪڪڙ جي نالي ۾ موجود آهي. ٻڌيه پرڳڻو مهراڻ درياهه جي ساڄي طرف سيوهڻ کان اتر طرف هو. موجوده ضلعي دادو (جڏهن دادو ۽ ڄامشورو هڪ ضلعو هئا) جو اتريون ڀاڱو ان ۾ شامل هو، ويندي جيڪب آباد تائين.(چچنامو،ص. 315.) مير علي شير قانع به ڪاڪا راڄ کي ڪڪڙ شهر لکيو آهي. هيءُ بيان به ليمبرڪ جي بيان جي پٺڀرائي ڪن ٿا ته سيسم سيوهڻ کان اتر طرف ڪڪڙ جيترو پري هو ۽ اها ڳالھ سم ڳوٺ کي سيسم ظاهر ڪري ٿي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *