تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

تاريخ جو شيدائي….امير علي بروهي

ماضي ڄاڻ جي ذريعي جو نالو آهي، هن قسم جي ڄاڻ حڪومت ۽ سياست تائين محدود ناهي، فطرت جي هر منظر ۽ انساني تخليق جي هر ارتقا جي تاريخ ٿيندي آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ تاريخ، حاڪمن جي حڪومت، سياست، جنگين ۽ ڪاميابين کي چيو ويندو آهي.تاريخ جو موجد ڪير هو. عمومي طور تي پنجين صدي قبل مسيح جي يوناني ليکڪ هيرڊوٽس(Heorodotus) کي تاريخ جو باني چيو ويندو آهي جنهن يونان ۽ ايران جي جنگين(Persian wars)جي موضوع تي ڪتاب لکيو هو. پر ايئن ناهي تاريخ جا باني بني اسرائيل جا ليکڪ آهن، اهو موقف ڪجهه تفصيل گهري ٿو.
عيسائين ۽ يهودين جي پاڪ ڪتاب کي بائبل چيو ويندو آهي، اهو ٻن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو: عهد قديم ۽ عهد جديد، پويون حصو يعني عهد جديد، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حياتي/سيرت، سندس شاگردن جي تبليغ (اعمال الرسل( خطن ۽ خوابن لاءِ مخصوص آهي.عهد قديم ۾ چاليهه کان وڌيڪ ڪتاب آهن:(1)تڪوين (2) خروج(3) احبار(4) غدد(5) تشئنيته الاشتنراع(6) ايشوع(7) قضاته(8) راعوت(9) صموئيل(10) ملوڪ(11) احبار(12)عزرا(13) نحميا(14) طوبيتا(15) يهوديت(16) استير(17) مڪابين(18) ايوب(19) مزامير(20)امثال(21) جامعه(22) نشيد(23) حِڪمت(24)يشوع بن سيراخ(25) اشعيا(26) ارميا(27)مراثي(28) باروڪ(29) حزقيال(30) دانيال(31) هوشع(32) يوئيل(33) عاموس(34) عويديا(35) يونان(36) ميخا(37)نعوم(38) حبقوق(29) صفنيا(40) حجائي(41) زڪريا(42)ملاحي.
ٻئي مرحلي ۾ اسلام جي ديني تاريخ مرتب ڪئي وئي جنهن کي اسان حديث چئون ٿا ان ۾ نبي ڪريم جن جي سيرت ۽ جنگي واقعن جو ذڪر آهي، حديث جي باقاعدي تدوين ٽئين صدي هجري يعني نائين صدي عيسوي ۾ شروع ٿي. ان زماني تائين دين جي نالي ۾ دينوي حڪومتن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. اهڙي طرح ان وقت جيڪا تاريخ لکجڻ شروع ٿي اها دينوي تاريخ هئي.اسلامي دنيا ۾ صرف تاريخ نه پر علم جي هر شاخ تي ڪتاب، تصنيف ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا جنهن ۾ قانون، فلسفو،منطق،طب، ڪيميا، علمالا افلاڪ، علم النجوم، جگرافي ۽ تاريخ ڳڻي سگهجن ٿا جن عالمن قلم کنيو انهن جو تفصيل زماني ترتيب سان هن طرح آهي.
(1)احمد بلاذري (وفات892) فتوح البلدان نالي ڪتاب لکيو(2) احمد يعقوبي (وفات 905) التاريخ بالي ڪتاب تحرير ڪيو(3) عبيدالله خردازبه (وفات 912) المسالِڪ والممالڪ تصنيف ڪيو ان ساڳئي نالي سان ٻين ٽن عالمن به تاريخ تي ڪتاب تاليف ڪيا جن ۾ (4)ابوالحسن مسعودي (وفات 957) (5) ابو اسحاق اضطخري (وفات957) ۽ (6)ابن حوقل (وفات981) شامل آهن. (7) ابو ريحان بيروني(وفات 1048) هي عالم محمود غزنوي جي دعوت ٿي بر صغير آيو هو ۽ هتي ڪيترا سال رهي هندي ۽ سنسڪرت سکي، هندستان تي تاريخ الهند نالي ڪتاب لکيو. (8) ابو عبدالله شريف ادريسي (وفات1165) نزهته المشاتاق نالي ڪتاب لکيو،هي عالم اسپين جو هو پوءِ ڀونوچ سمنڊ جي آزاد رياست صقليه (سسلي) ۾ علم دوست بادشاهه راجر(Roger) جي درٻار سان وابسته ٿي ويو(9) ابن خلڪان (وفات 1282) وفيات الاعيان نالي تاريخ تي هڪ ڪتاب تاليف ڪيو. (10) زڪريا قزويني (وفات 1283) آثارالبلاد و اخبار العباد نالي تاريخ تي هڪ ڪتاب تاليف ڪيو، (11)رشيدالدين فضل الله(وفات 1318) جامع التواريخ نالي ڪتاب رقم ڪيو، هي ليکڪ ايران جي ايلاخاني حاڪم خاندان جي درٻار سان وابسته هو. (12) عبدالرحمان ابن خلدون (وفات 1406) ڪتاب العبتر نالي تاريخ تي ڪتاب تحرير ڪيو، ڪتاب جو مڪمل نالو ٻن سٽن تي مشتمل آهي(ڪتاب العبر و ديوان المبتدا واخبر في اپامالحرب والعجم والبرر ومن عاسرهم من دوي السلطان الاڪبر) هي بزرگ تاريخ دان هجڻ سان گڏوگڏ سماجي فلسفي جو باني آهي، انتظامي امور، سياست، ادب ۽ قضاوت ۾ کيس مهارت حاصل هئي، مصر ۾ مالڪي فقه موجب جج جي عهدي تي فائز هو، تاريخ تي لکيل سندس مقدمو هسٽري ۽ سوشيالاجي جي اصولن تي مشتمل آهي ۽ ڪيتري ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
ويهين صديءَ ۾ اسان جو رحيم داد خان مولائي شيدائي آيو هو صحيح معنيٰ ۾ ارض وطن جو سپوت هو، سن آف سوائل (son of soil) هو، رحيم داد خان جو والد شير محمد خان سن 1839 ۾ قلات رياست انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ بعد مستونگ کان سنڌ لڏي آيا، شير محمد خان ريلوي کاتي ۾ ملازم هو. سندس فرزند به ساڳي ڪرت اختيار ڪئي، هو ريلويز ۾ گارڊ طور ڪم ڪندو رهيو، ٽرين هلائڻ سان گڏوگڏ هو قلم به هلائيندو رهيو. جيئين ئي ڊيوٽي کان فارغ ٿيندو هو ته گارڊ واري سيٽيءَ کي پنهنجي سيني جو هار بڻائي، صحافت ۾ ڪم ڪندڙ راشدي برادرس پير علي محمد ۽ حسام الدين راشدي وارن وٽ پهچي ويندو هو، هو جن کيس مولائي شيدائي جو قلمي نالو ڏنو هو، هو مسلسل چاليهه سال لکندو رهيو، ون يونٽ دور ۾ به جڏهن افغانستان ۾ سردار دائود جي وزيراعظم ٿيڻ ۽ پشتونستان مسئلي اٿارڻ ڪري اسانجن حاڪمن انڪل سام جي اشاري تي صوبا تحليل ڪري ڇڏيا هئا ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ هڪ ڏوهه بڻجي ويو، منهنجي خيال ۾ اِهو ادبي ڪم اينٽي ون يونٽ جهڙين سياسي تحريڪن کان وڌيڪ ديرپا ثابت ٿيو آهي، سندس ڪتابن ۾ آيل تاريخي مواد اسان جا ايندڙ نسل هميشه لاءِ پڙهندا رهندا. هتي اسان ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏيون ٿا.
(1) جنت السنڌ(2) تاريخ تمدن سنڌ(3) تاريخ سکر(4) تاريخ اسلام(5) تاريخ بکر (6) تاريخ خاصخيلي(7) تاريخ ترڪستان(8) تاريخ بلوچستان(9) تاريخ قلات(10) تاريخ تصوف(11) سنڌ جي سياست(12) سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ(13) روضته السنڌ(14) زينته السنڌ(15) سکر جا هندو مسلمان بزرگ انهن تصنيفن مان ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيا آهن ڪجهه مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر ڇاپي هيٺ آندا آهن، باقي اڃا اڻ ڇپيل آهن جيڪي ڇپائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي ڏنل آهن، اميد ته اهي انهن ڪتابن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ طباعت هيٺ آڻيندا ته جيئن پڙهيل طبقو انهن مان مستفيد ٿي سگهي. زندهه قومون پنهنجن عظيم شخصيتن کي ياد رکنديون آهن، ان ڏس ۾ اڄڪلهه اسان جو ڪلچر ڊپارٽمينت سرگرم آهي، پر ڊپارٽمينٽ جا اهلڪار صرف شاعري ۽ موسيقي کي ڪلچر سمجهن ٿا ۽عالمن / اديبن کي وساري ڇڏيو اٿن، انهن کي خبر ئي ناهي ته سندن اولاه ڪهڙي حالت ۾ گذاري رهي آهي، مولائي شيدائي جي تاريخي خدمتن کي مڃتا ڏيندي کيس پوسٽ هيومس(post-Humous) جو اعزاز ڏنو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *