تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

تاريخ جا وکريل ورق ……ڌارين جا حملا ۽ سورهيه سنڌين جا مقابلا …….ڊاڪٽر نواز علي شوق

تاريخ شاهد آهي ته سمن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ اقتصادي وسيلا ارغونن ۽ ترخانن جي قبضي ۾ اچي ويا هئا ۽ سنڌ تي سنڌ واسين جو سياسي ضابطو نه رهيو هو، پر ان هوندي به ماضي ۾ قائم ٿيل سياسي ادارا اهڙن مضبوط بنيادن تي بيٺل هئا، جو سنڌي ڌارئي دشمن سان وقت بوقت جنگيون جوٽيندا رهيا. هڪ ئي وقت هزارين سورهيه سرويچ سر تريءَ تي رکي ميدان م آيا ٿي. شاهه سندن سورهيائيءَ جي ساراهه ڪندي فرمايو آهي:
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
***
اڄ آڳڙيا آئيا، سائوڪي سڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو.
ڌارين جا ڌرتي ڌڻين تي حملا ۽ سورهيه سنڌين جا ساڻن مقابلا، اها رُڪ جي راند جاري هئي. مطلب ته سورهيه سنڌي هڪ باهه مان مس نڪرندا هئا، ته وري ٻيو مچ هنن لاءِ تيار هوندو هو، پر هو خوشي سان ان مچ ڏانهن هليا ويندا هئا. شاهه لطيف ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو آهي:
اڃا تنوراءُ، ڪالهه ڪڍيا سون سڄڻين،
پڻ تاڻيائون تڪڙو، وحدت جي واڌاءُ،
محبتين مٿاءُ، مچ مورائين نه لهي.
تاريخ شاهد آهي ته جڏهن شمشير خان ازبڪ سنڌي سورمن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، ته کيس موٽائي سيوهڻ جو حاڪم بڻايو ويو ۽ مظفر خان معموري کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ هو جڏهن پهريون ڀيرو ٺٽي جو گورنر ٿي آيو هو، ته هن ٻٻرن، شورن ۽ دل قبيلن خلاف باهه ٻاري ڏني هئي. هن خواجه جان کي هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ڏنو هو، ته جيئن هو وڃي انهن قبيلن کي سيکت ڏئي. پر هيڏي ساري لشڪر کي ايتري همت نه ٿي، جو هو جنگ جو اعلان ڪري ميدان تي اچي مقابلو ڪري، هنن بزدلن وانگر چڪر هالا واري علائقي ۾ سنڌين تي اوچتو حملو ڪيو. ان هوندي به کين شڪست نصيب ٿي. مغلن جا ڪيترائي پگھاردار فوجي ميدان ۾ مارجي ويا، جيڪي بچيا، تن ڀڄي وڃي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ پناهه ورتي.
مظفر خان جي دل ۾ اڳوڻي شڪست جون باهيون هيون. هن ٻئي ڪنهن مخالف ملڪ جي فوج هٿان نه، پر فتح ڪيل علائقي جي ماڻهن هٿان ذلت ۽ خواري سٺي هئي. شورن ۽ ٻٻرن تي ته باهيون هئس، پر خاص ڪري دل قبيلي تي گهڻي باهه هيس، جيڪي چڪر هالا سرڪار ۾ شال ۽ نيرون ڪوٽ جا رهواسي هئا. ٺٽي ۾ جيڪي منصب دار موجود هئا، تن سڀني کي سڏرائي هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيائين. ان کان سواءِ پنهنجو لشڪر به ان سان شامل ڪيائين، ان وڏي لشڪر جي ڪمان پاڻ سنڀالي دل قبيلي کي نيست ۽ نابود ڪرڻ روانو ٿيو. سنڌين پنهنجي وطن جي آزادي ۽ پنهنجي وجود جي بقا واري جنگ جوٽي، ڄڻ ڪو وڏو ڏوهه ڪيو هو ۽ ان ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ فقط هڪ قبيلي واسطي هيڏو وڏو لشڪر روانو ٿيو. سيد ابوالبقا ڏانهن به پيغام موڪليو ويو، ته هو به پنهنجي لشڪر سوڌو مقرر جاءِ تي پهچي وڃي. سيد سڳورو بکر جو ويٺل هو ۽ پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ، کانئن وڏا عهدا ۽ وڏا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هنن سنڌين جو رت پاڻي وانگر ٿي وهايو. ايڏو بي رحم سيد سنڌ جي تاريخ ۾ ورلي ڪو نظر ايندو.
تاريخ شاهد آهي ته مظفر خان وڏي لشڪر ۽ تنبو طولائن سان چڪر هالا جي شال واري ماڳ تي وڃي خيما کوڙيا. هيڏانهن مغلن جو پگھاردار لشڪر هو، ته هوڏانهن دل قبيلي جو اڳواڻ مهان مڙس “مناهي خان” هو، جيڪو سڄي ڄمار ڌارين سان مقابلا ڪندو رهيو. جهڙو هو مناهي خان مٿير مڙس، تهڙو سندس قبيلو هو. هر هڪ جوان ڏيهه جي ڏياٽيءَ تي پتنگ بڻجي سر صدقي ڪرڻ لاءِ تيار هو. هو شاهه سائين جي هن بيت جي هوبهو تصوير ۽ تشريح هئا:
پتنگن پهه ڪئو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
جڏهن جنگ لڳي ته مظفر خان کي سنڌين جي سورهيائي وائڙو ڪري ڇڏيو. پهرئين ڏينهن جتي تنبو هنيا ويا هئا، اتان هڪ وک به اڳتي نه وڌيو، گهوڙن جو گاهه ۽ ان پاڻي بند ٿي ويو. نه اندرين شيءَ ٻاهر وڃي ٿي سگهي، ۽ نه ٻاهرين شيءِ اندر وڃي ٿي سگهي. سنڌين سندن چارئي واهون بند ڪري ڇڏيون هيون. ڌرتيءَ ڌڻي نه فقط ڏينهن جو ساڻن جنگ ڪندا هئا، پر رات جو به کين سک سان سمهڻ نه ڏيندا هئا. راتاها هڻي سندن نقصان ڪندا ٿي رهيا.
سيد ابوالبقا کي سنڌين جي ڪوس کانسواءِ ڄڻ ڪو ڪم ئي ڪونه هو. هن پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري جبل ۾ اندر وڃي سنڌين تي راتاهو هنيو ۽ ٻه سئو سنڌين جا سر لڻي مغلن وٽ سرخرو ٿيو، غدار ايئن ئي ڪندا آهن. هر دور ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. هن جنگ ۾ ڪيترا مغلن جا فوجي مارجي ويا ڪيترو سندن نقصان ٿيو؟ ان بابت تاريخ مظهر شاهجهاني جي مصنف يوسف ميرڪ ڪجهه به نه لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ڪجهه لکي نه ٿي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي ڀاءُ کي هميشه سوڀارو ڏيکاريو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to تاريخ جا وکريل ورق ……ڌارين جا حملا ۽ سورهيه سنڌين جا مقابلا …….ڊاڪٽر نواز علي شوق

  1. younis roomi says:

    وڌي افسوس جي گاله آهي ته سنڌ جا سينيئر دانشور اڄا تائين بضد آهن ڪوڙي تاريخ تي، ارغون ۽ ترخانن جي تشريح ته ڪريو، تاريخ مظهر شاهجهاني ڪوڙو آهي بقول ڏاڪٽر مبارڪ علي جي، عباسي خاندان جي تاريخ ختم ڪندي سنڏ جي تاريخ تباه ڪئي اثو، ، تريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندو سنڌ جي ڪوڙن دانشورن کي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *