تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

تاريخ جا وکريل ورق هڪ ڪاتب قرآن جو قصو……ڊاڪٽر نواز علي شوق

هڪ شخص ڪتابت جي فن جو ماهر هو. پر هن جي عادت هوندي هئي ته اصل مسودي ۾ پنهنجي پاران ڪجهه نه ڪجهه گهٽ وڌاءُ ڪندو رهندو هو. هڪ شخص کيس چيو ته “تنهنجا اکر سهڻا آهن، ڪتابت جي فن جو ماهر آهين، مون کي سهڻن اکرن ۾ قرآن پاڪ لکي ڏي”. هن هائو ڪئي. ان شخص چيس ته “تنهنجي عادت آهي ته لکڻ مهل پنهنجي پاران ڪجهه هيرا ڦيري ڪندو آهين، هي الله جو پاڪ ڪتاب آهي. هن جو خاص خيال رکجانءِ.” ڪاتب جواب ڏنو ته، “توهان دلجاءِ ڪريو، مسلمان آهيان. ڪلام الله ۾ گهٽ وڌاءُ هرگز نه ڪندس.”
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪاتب قرآن پاڪ لکي ان شخص کي وڃي ڏنو. هن قرآن پاڪ اکين تي رکيو ۽ کيس طئه ٿيل اجورو ڏنائين. هو جڏهن موڪلائڻ لڳو ته: هن چيس ته “قرآن پاڪ ۾ ڪو گهٽ وڌاءُ ته ڪو نه ڪيو اٿئي؟” ڪاتب جواب ڏنو ته، “نه، صرف ايترو ڪيو اٿم، ته جتي جتي ابليس ۽ شيطان مردود جا لفظ ٿي آيا اهي ناپاڪ لفظ لکڻ مناسب نه لڳا، تنهن ڪري مون انهن جي جاءِ تي توهان جي والد صاحب ۽ پنهنجي والد صاحب جا نالا لکيا آهن.” ٻيو ڪجهه نه ڪيو اٿم، اوهين دلجاءِ ڪريو.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *