تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

تاريخ جا نقصان ۽ فائدا …مبارڪ علي/طفيل مگسي

  جڏھن کان تاريخ جو علم وجود ۾ آيو آھي ۽ انسان پنهنجي ماضي جي يادن کي لکڻ شروع ڪيو آھي تڏھن کان وٺي مورخ ۽ تاريخدان واقعن کي بيان ڪرڻ وقت پنهنجي پسند نا پسند، تعصب ۽ نفرت، محبت ۽ پنهنجي ذاتي راءِ کي به ان۾ سمائي ڇڏيو. ذاتي جذبات کان سواءِ مورخ قومي. نسلي ۽ ذھني نقطه نظر سان به تاريخي واقعن کي ڏسي ۽ پرکي ٿو. مطلب ته تاريخ هر دور جي معاشري جي پوري عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان جي ذريعي معاشري جي ذھنيت کي سمجهي سگهجي ٿو. تاريخ انساني معاشري تي ٻئي ناڪاري ۽ ھاڪاري اثر وجهي ٿي.ناڪاري اثرن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم اثر نفرت .عداوت. تعصب ۽ دشمني وارو اثر آھي.جيڪو دنيا جي قومن جي وچ ۾ خونريز جنگيون، فتح  ۽ شڪست هڪ قوم جي ٻي قوم هٿان .تذليل ۽ خراب ٿيڻ .باهمي رقابت. دشمني جي بنياد تي معاشي ۽ سياسي نقصان کڻڻ ان جو منفي اثر آھي. هي اهي واقعا آھن جيڪي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ رهندا آھن. قومن ۽ معاشرن جي وچ ۾ انهن تلخ يادن کي برقرار رکندا آھن. مثال طور يورپ جي تاريخ ۾ انگلينڊ ۽ فرانس ۽ جرمني ۽ اتحادي ملڪن ۾ ٿيل جنگيون .دشمنيون .شڪستون ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاهدا ۽ نا انصافين جي ياد تازي ڪن ٿا.عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ٿيندڙ صليبي جنگيون.ترڪن ۽ بلقان جي عيسائي رياستن جي وچ ۾ باهمي محاذ آرايون اڄ تائين عيسائين ۽ مسلمانن کي هڪٻئي کان بدظن ڪري رکيو آھي.
اڄڪلھه جي دور ۾ يورپ طرفان نوآبادين سان سلوڪ تاريخ جي ذريعي هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ اچي رهيو آھي.ماضي جون اهي تلخ يادون جيڪي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آھن.قومن ۽ سماجن جي وچ ۾ نفرت ۽عداوتن کي اڃا تائين برقرار رکيو اچن ۽ دنيا کي امن ۽ آتشي بدران جنگين ۽ خونريزين ڏانهن گهلي وڃي رهيون آھن.تاريخ ماضي جي شاندار ۽ دلڪش تصوير پيش ڪري ٿي ۽ ماضي جا اهي دلڪش خصوصيت سان زوال پرست ۽ قدامت پرست تاريخ جي مدد سان پنهنجي نظريي جي حمايت ۾ دليل ڏين ٿا.بحالي جون تحريڪون حال جي مسئلن جو حل ياضد ۾ ڳولينديون آھن ۽ عوام جي شعور ۽ ترقي جي جذبي کي روڪي ٻيهر معاشري کي ماضي جي ڌنڌلي شان وشوڪت ڏانهن واپس وٺي وڃڻ چاهينديون آھن.ماضي جي بحالي جون تحريڪون حال جي جنگ کي ماضي جي رنگيل هٿيارن سان وڙھائڻ چاهين ٿيون ۽ اھي هٿيار تاريخ جي سرد هٿيارخانن مان ڪڍي استعمال ڪن ٿيون.ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي اهو عجائب گهر آھي جتي اهڙن بيڪار هٿيارن  ۽ قديم فڪرن ۽ نظرين کي سنڀالي رکيو ويندو آھي.
تاريخ ۾ جنهن پهلو کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آھي.اها قومن .معاشرن ۽ انسانن جي وچ ۾ جنگ وجدل .قتل ۽ غارتگري آھي.جيڪو جنگ ۾ ڪامياب ٿيو، ان جي ڪاميابي ۽ فتح کي موثر ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ويو. جن وڌ ۾ وڌ انساني رت وهايو ۽ انساني لاشن جا ڍير لڳايا، انهن کي بهادر.شجاع ۽ دلير چيو ويو.ظالم.ڦورو ۽ سفاڪ انسان فاتح قرار ڏنا ويا.تاريخ جي انهي نقطه نظر ۾ ان وقت تبديلي ايندي جڏھن انسان پنهنجي فطرت کي بدلائيندو ۽ جنگ بدران امن کي اوليت ڏيندو.تاريخ جو شاندار ۽ روشن پهلو اهو آھي ته اها انسان جي مسلسل جدوجهد جي تصوير پيش ڪري ٿي.جنهن ۾ انسان ظلم.ستم ۽ استحصال جي خلاف جنگ جو ٽيندو رهيو ۽ تمام رنڊڪن باوجود اڳتي وڌندو رهيو، تاريخ ۾ رجعت پرست قوتن پنهنجي طاقت باوجود ٽڪرا ٽڪرا ٿي شڪست کاڌي ۽ ترقي پسند طاقتون ڪامياب ٿيون.
تاريخ ۾ بغاوت سدائين معاشري جي ترقي ۾ حصو ورتو. اهي بغاوتون سياسي هجن  يا معاشرتي  يا مذھبي انهن جو معاشري تي سدائين گهرو اثر ٿيو آھي. جيڪڏھن تاريخ ۾ اهي بغاوتون نه ٿين ها ته معاشري جا ادارا.روايتون.قدر .رسمون ۽ رواج مضبوط ۽ مستحڪم هجن ها ۽ انساني معاشرو هڪئي نظام ۾ سدائين قيد ۽ نظر بند هجي ها پر هر دور ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوتن.پنهنجي دور جي نظام کي چيئلينج ڪيو ۽ بيٺل معاشرن کي لوڏي ڇڏيو، معاشري ۾ تخليقي سرگرميون ان وقت تيز تر ٿيون جڏھن معاشري ۾ قائم ٿيل ادارن۽ قدرن خلاف بغاوت ٿي. تخليق ۽ خيالن جي دولت سان اهڙائي ماڻھو مالامال ٿيا.جن روايتن خلاف بغاوت کي پنهنجو ساٿي بڻايو. اهڙن ئي ماڻھن ادب، موسيقي، مصوري، سنگتراشي، سياست، مذھب ۽ ثقافت ۾نوان طور طريقا ۽ اندازپيدا ڪيا ۽ پنهنجين تخليقن سان معاشري جي مئل رڳن ۾ تازو روح ڦوڪيو. جن ماڻھن پنهنجي دور ۾ نظام خلاف بغاوت ڪئي ان ڏوھ ۾ کين ذھني ۽ جسماني تڪليفن ۽اذيتن مان گذرڻو پيو پر سندن بغاوت معاشري جي جمود کي ٽوڙي ان کي ترقي ڏانهن گامزن ڪيو.معاشري جي خلاف اهي بغاوتون حالتن جون پيداوار هونديون آھن .ڇاڪاڻ ته جڏھن به معاشري جون روايتون.بيڪار ۽ فرسوده ٿي وينديون آھن .تڏھن انهن کي ٽوڙڻ جي ضرورت هوندي آھي.ان وقت باغي ماڻھو ان ضرورت کي پورو ڪندا آھن.پر هنن جي پنهنجي زندگي ان بغاوت جي نذر ٿي ويندي آھي ۽ صرف ايندڙ دور انهن جي  قربانين جو قدر آھي.تاريخ منفي ۽ مثبت ٻئي نظريا رکي ٿي پر ان جو مطالعو انساني ذھن کي وسعت ۽ ڪشادگي بخشيندو آھي ۽ انساني ذھن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *