تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

تاريخ…انگريزي ادب جو تاريخي دور ۽ اينگلو سيڪسنس جو انگلستان تي قبضو …فدا حسين ڪٻر

انگريزي ادب ۾ وليم شيڪسپيئر, ڪرسٽوفر مارلوو ۽ بين جانسن جھڙا عظيم ڊراما نگار پيدا ٿيا جن پنھنجي قلم جي چنھب سان دانائي جي دنيا جا در کولي ڇڏيا تـ وليم ورڊسورٿ ۽ پيبي شيلي جھڙي عظيم شاعرن انگريزي ادب ۾ شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏھن تـ جديد دور ۾ ورجينيا وولف ۽ جيمس جوئز اچي انگريزي ادب ۾ ناول جھڙي صنف کي سگهارو بڻايو۔ انگريزي ادب جي تاريخ حقيقت ۾ تمام گھڻي ڊگھي آھي ڪجھه تاريخدانن جو خيال آھي تـ انگريزي ادب جي شروعات نارمن فرانسسين جي انگستان تي قبضي کان ٿي جڏهن تـ ڪجھه تاريخدانن جو موقف آھي تـ انگريزي ادب جي شروعات رومنس جي حڪمراني واري دور کان شروع ٿي آهي،
انگلستان تي ´ڪيلٽڪ` تھذيب جي شروعات کان ئي حڪمراني رھي. ھن تھذيب جي ماڻھن کي “بريٿون” ۽ “گيلز” چيو ويندو ھو ـ لڳ ڀڳ پنجونجاھ قبل مسيح کان ھن تھذيب جي ماڻھن جي انگلستان جي ٻيٽ تي رھائش رھي ۽ رومن قبيلي جون انگلستان تي مسلسل قبضي لاءِ ڪاهون ٿينديون رھيون ۽ نيٺ پھرين صدي عيسوي جي ٽيتاليھين سال ۾ رومن انگستان تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿـيا۔ رومن جي ڪاميابي جو اصل سبب سندن ڊڪٽيڪٽر جيولير سيزر جي عقلمندي ۽ ڪامياب فوجي طاقت ھئي جنھن کيس انگستان جي سرزمين تي کيمان کوڙڻ ڏنا ـ رومن فوج ان وقت يورپ جي سڀ کان وڏي طاقت ھئي جنھن ۾ دنيا جي ٻين قومن سان منھن اٽڪائڻ جي صلاحيت ھئي ـ رومن طاقتور ھئڻ سان گڏوگڏ ايترا ظالم ۽ جبري نـ ھئا جو قديمي رھاڪو ´ڪيلٽڪس` کي ئي انگستان مان ڪڍي ڇڏين پر ڪيلٽڪ تھذيب جي ماڻھن کي ڪمزور سمجھي پاڻ ڇپر ڇانو سمجھي امن سان رھايو ـ رومن سلطنت انگستان ۾ امن سان رھندي انگستان جي مختلف علائقن ۾ بنيادي ڍانچي تي تمام گھڻو خيال رکندي تمام خوبصورت تاريخي جڳهيون ۽ قعلا تعمير ڪرايا جن تعميراتي ڪمن ۾ “ھيڊرين وال” بـ مشھور آھي ـ
رومنس تعميراتي ڪمن سان گڏوگڏ ادب ۾ لاطيني زبان کي وڌيڪ حيثيت ڏيندي پنھـجون لکڻيون لاطيني زبان ۾ لکيون جيڪا سندن اباڻي ٻولي جي حيثيت رکندي ھئي ـ لڳ ڀڳ ۴٠٧ع ۾ جرمني جي ھڪ قوم “وسيگوٿ” نالي ھڪ قبائلي قوم رومنس جي اصلي وطن روم تي حملا ڪري ڏنا ۽ روم کي قبضي ھيٺيان ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ـ رومن کي انگستان جي سرزمين جي ٽڪري کان سندن اباڻي زمين وڌيڪ پياري ۽ عزيز ھئي ۽ نيٺ ۴٠٧ع ۾ رومنس انگستان جي سزرمين ٻيھر اصلي رھاڪو “ڪيلٽس” کي واپس ڪري روم ھليا وياـ رومنس جي انگستان ڇڏڻ سان ئي آئرلينڊ کان “سڪاٽس” ۽ اتر طرف کان “پٽس” نالي جي ٻن قبيلن انگستان جي سرزمين تي حملا ڪرڻ جون تياريون ڪيون درحقيقت تـ ھنن قبيلي جي اک انگلستان تي پھريان کان ئي ھئي پر رومنس جي طاقتور فوج جي للڪار سبب خاموش رھياـ ڪيلٽڪ قبيلي پنھنجي ۽ انگستان جي بچا۽ خاطر ۽ اسڪاٽس ۽ پٽس قبيلن کي روڪڻ لا۽ ڊينمارڪ مان ھڪ قوم “جيوٽس” ۽ اتر جرمني مان ٻن قومن اينگلس ۽ سيڪسنس کي مدد لاءِ طلب ڪيو تـ جيئن ھو ٻن قبيلن کي انگلستان تي قبضي کان روڪي سگھن پر ڪيلٽڪ قوم پنھنجي ئي پير تي پاڻ ڪھاڙو واھي ڪڍيو ڇو تـ ھن ھڪ قبضي خور قوم کان بچڻ لاءِ ٻي قبضاخور قوم کي مدد لاءِ گھرائي ورتوـ
اتر جرمني ۽ ڊينمارڪ جي ھنن قومن جو انگستان اچڻ جو مقصد صرف انگلستان جي زرخيز زمين ۽ آبادگاري ھئي ـ ان وقت انگلستان جھڙي سرسبز ۽ زرخيري زمين پوري يورپ ۾ نـ ھئي ۽ پوءِ ڀلا ڪھڙي قوم اھڙي موقعي کي ٺڪرائيندي ـ اينگلس ۽ سيڪسنس يورپ جي اوڀريندي واري ساحلي ڪناري کان ۴١٠ع ۾ انگلستان جي سامونڊي ڪناري پھتا ۽ پوءِ پٽس ۽ اسڪاٽس کي شڪست ڏئي انگلستان جي سرزمين ڪيلٽڪس حوالي ڪري واپس ڪرڻ بدران اصلي رھواسين کي انگستان جي سرزمين تان ڌڪي ڌڪاري ڪڍي پاڻ تخت تي ويھي رھياـ انگلستان جي اصلي وارثن ڪيلٽڪس کي ھن جرمني ۽ ڊينمارڪ جي اينگلس, سيڪسنس ۽ جيوٽس قبيلن ڀرپاسي جي علائقن “ويلس” جي پھاڙي ۽ ميداني علائقن ڏانھن ڌڪاري ڇڏيوـ ڪيلٽڪس جي ھن وڏي ھجرت کي انگلستان جي تاريخ ۾ “نيشنل مائگريشن” سڏيو ويندو آھي ـ ڪيلٽڪس جي وڃڻ کان پوءِ انگستان مڪمل طور تي اينگلس_سيڪسنس ۽ جيوٽس جي ھٿن جي ترين ھيٺيان اچي ويوـ بدنصيبي سان جيوٽس جي قوم صرف ٢٠٠ سالن تائين ئي حڪمراني ڪري سگھي ۽ سندس وجود ختم ٿيو پر اينگلس ۽ سيڪسنس دليري جو مظاھرو ڪندي ايندڙ وڌيڪ ۴٠٠ سالن تائين انگلستان تي حڪومت ڪئي
ڪنگ الفريد دي گريٽ کي ٨٧١ع ۾ انگلو-سيڪسنس جو بادشاھه بڻايو ويو جنھن اولڊ انگريزي ۾ ادب جي لکڻين ۽ پڙھائي لکائي تي تمام گھڻو ڪم ڪرايوـ ھن قوم کي بعد ۾ انگلو-سيڪسنس جي نالي سان پڙھڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو ويو ۽ ان ئي انگل-لينڊ جي نالي سان اڄ لفظ “انگلينڊ” وجود ۾ آيو آھي ـ ھن قبيلي پاڻ سان گڏ اولڊ-انگلش کي انگستان ۾ لکرائڻ ۽ پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ پراڻي رومنس جي لکيل ھٿ اکرين کي پنھنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پراڻي لاطيني زبان کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري پزيرائي وٺرائي ـ انگستان ۾ انگلو-سيڪسنس جي حڪومت دوران ھڪ ٻي قوم “وائيڪنگس” ٻـه ڀيرا ٧٨٧ع ۽ ٨٦٦ع ۾ حملا ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ـ پھرين ڪاھه ۾ تـه ھو مڪمل ناڪام رھيا پر ٻيھر ڪاھه ڪندي ھو ايسٽ اينگليا تي قبضو ڪندي ويسيڪس ڏانھن وڌڻ لڳا تـ جيئن ھو مڪمل انگستان تي قبضو ڪري سگھن پر ڪنگ الفريد دي گريٽ اولھه انگلستان جي سڀني بادشاھي راڄ کي متحد ڪري کين ويسيڪس تائين پھچڻ نـ ڏنوـ ڪنگ الفريد دي گريٽ انگستان جي سرزمين کي بچائيندي رياست لاءِ ڪجھه نوان قانون عمل هيٺ آندا ۽ تعليم و تربيت تي وڏو غور ويچار ڪيوـ
ڪنگ الفريد دي گريٽ جي وفات کانپوءِ انگلستان جي ڪرنگهي واري هڏي ٽٽي پئي ڇو تـ ڪنگ الفريد واحد ليڊر ھو جيڪو انگستان کي چڱي طرح سنڀالي ويٺل ھوـ الفريد جي وفات کان پوءِ ٨٧٦ع ۾ انگلستان ڊينمارڪ ۽ ناروي جي قبيلي “ڊينس” جي حملن ۽ ڪاھن جي وچ ۾ زخمي شينھن جيئان ڦاسي پيوـ سالن جي ڪاھن ۽ حملن کان پوءِ لڳ ڀڳ ١٠٠٣ع ۽ ١٠١٣ع جي وچ ۾ “ڊينس” قبيلي انگلستان جي ٽن علائقن نورٿمرياـ ايسٽ اينگيا ۽ مرشيا تي مڪمل قبضو ڪري ورتوـ اھڙي ريت لڳ ڀڳ اڌ انگستان “ڊينس” جي قبضي ۽ اڌ اڃان بـ انگلو-سيڪسنس جي ھٿن ۾ ھو پر مک مرڪز ويسيڪس اڃان بـ انگلو-سيڪسنس جي ھٿن ۾ ھو ـ “ڊينس” جي اھڙي اڌوڪاري انگستان تي قبضي کي “ڊين لا” طور سڃاتو وڃي ٿوـ ڳالھيون صرف اتي ئي ختم نـ ٿيون پر ان کان پوءِ ڪجهھ جنگيون ھليون جنھن کان پوءِ ھنن جي ڪھاڻين جو زوال آيوـ ١٠٦٦ع ۾ انگلو-سيڪسنس پاران پنھنجا قبضي ھيٺ آيل علائقا “ڊينس” کان واپس وٺڻ لاءِ ناروي جي آرمي سان جنگ وڙھي جنھن کي “اسٽيمفوٽ جي جنگ” چيو وڃي ٿو جيڪا انگلو-سيڪسنس کٽي پنھنجا قبضي ھيٺ آيل علائقا واپس وٺي “ڊينس” کي شڪست ڏئي جشن ملھايوـ پر اچانڪ صرف ٽن ھفتن اندر اندر جڏھن انگلو-سيڪسنس جنگ مان ٿڪل ٽٽل ھئا تـ نارمن فرانسسين جي فوج فرانس کان اچي “ھيسٽنگس جي جنگ” ۾ انگلو-سيڪسنس جي حڪمراني جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ھڻي سندن اقتدار کي ھميشھ ھميشھ لاءِ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو ۽ انگستان تي قبضو ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *