تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

بک جو ذائقو…امرايازمهر

“بابا! پاڙي جي ڏهن ماڻهن جي لسٽ اچي وئي!”
“لسٽ! اها وري ڇا جي!؟” هن جي لڱن ۾ ساھ پئجي ويو.
“راشن ۽ ڏوڪڙ ملندن! پر تنهنجو نالو نه اٿئي!
“اڇا! باقي پوءِ ڪنهن جا آهن!؟ هو اندر ۾ ٻه اڌ ٿي ويو.
“مونکي ته ماستر سوڍو، شمن پٽيوالو، ڪلارڪ صغير ۽ ٻين جا نالا نظر آيا!”
“اڇا! وڏي ڳالھه آھي!”
بابا! مونکي تعجب پيو ٿئي تو مسڪين کي ڪيئن وساريائون!؟ تو ته ٽي ڀيرا نالو به لکرايو هين!!”
“پٽ! اهو راشن ۽ ڏوڪڙ اسان لاءِ ناهن!”
“بابا! ٻن ڏينهن کان ماني گرھ لاءِ سِڪي مئا آهيون، اهي ته ڀلا سڀ پگهاردار آهن!
” ها پٽ! اصل حقدار به اهي ئي آهن!!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *